پاڪستان جي وڌ کان وڌ خبرن ۾ (سياسي توڙي بدامني جي حوالي سان) ذڪر ھيٺ ايندڙ صوبي خيبر پختونخواھ جي پارا چنار علائقي مان پشاور ويندڙ قبائلي ضلعي “ڪرم” جي حد ۾ فورسز جي تحفظ ھيٺ ويندڙ ڪانوائي دوران مسافرن جي گاڏين مٿان اڳواٽ تياري ڪيل وحشتناڪ دھشتگردي ۾ مسافرن کي ڳولهي ڳولهي بيدردي سان گولين جو کاڄ بڻائي جانورن جيان ماريو ويو آھي. مسافرن کي پڪ ھئي ته پھري ۾ وڃڻ ڪري ھنن جون جانيون ۽ مال محفوظ ھوندا، پر ايئن نه ٿيو. معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ بزرگ مردن کي به بخش نه ڪندي بيگناھ انسان شهيد ڪري ڪربلا جي ظلمن جي ياد کي جھڙوڪر تازو ڪيو ويو آھي!
ھن خوني ڪارروائي ۾ شروعاتي طور 38 انسانن جون زندگيون اجهامي وڃڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون آھن، پر لڳي ٿو ته حملي آورن جي سر عام وحشتن جي ڪري ھي تعداد وڌي سگهي ٿو.
ان مناسبت سان ھن تازي وحشياڻي دھشتگردي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران روايتي مذمتي بيان جاري ڪيا ويا آھن، ايتري قدر صدر پاڪستان به ھڪ مذمتي بيان جاري ڪري سرڪار کي ھوشياري ڏياري ڇڏي آھي ته ملوث وحشين خلاف سخت قدم کنيا وڃن. ڏسجي ته صدر صاحب جي حڪم کي ڪيتري قدر پاڻي ٿو ڏنو وڃي. اھڙيءَ ريت، وزير اعليٰ (خ پ خ) علي امين گنڊاپور سان فون وسيلي وفاقي وزير داخلا محسن نقوي رابطو ڪري تعزيت ڪندي صورتحال تي خبرگيري لڌي آھي، پر بهتر ۽ ضروري اھو سمجهيو وڃي ٿو ته ھنگامي اجلاس ڪوٺائي ظالم دھشتگردن خلاف فوجي ايڪشن ڪيو وڃي. جڏھن ته اطلاع اھي به آھن ته سيڪيورٽي عملي ناڪابندي ڪري واقعي واري ھنڌ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي.
ھن ڏکوئيندڙ واقعي کان اڳ پارا چنار ۾ لاڳيتو قتل عام وارن واقعن جي سببن کي ڳولهي ڪنهن ٺاھ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ھا ته ھن حملي جي ڪري انسانن جون جانيون بي سبب ۽ بيگناھ بارود جي وَر چڙھڻ کان محفوظ رھندي گهر اجڙڻ ۽ ويران ٿيڻ کان بچي وڃن ھا.
ھن ڏس ۾ تازي ٿيل خوني ڪارروائي تي حڪومتن کي پنهنجي ناڪامي ۽ بيوسي تي قوم کان معافي وٺي پنهنجي نااهلي کي تسليم ڪندي مذمتي بيانن کان اڳتي وڌندي گهٽ ۾ گهٽ ھاڻ حفاظتي انتظامن لاءِ ظالمن خلاف مقامي سطح تي جرڳا سسٽم تحت جوڳا قدم کڻڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي. جيئن پارا چنار مان موڪلائي ويل امن ڀريون خوشيون واپس موٽي اچن ۽ سموري ملڪ ۾ بيچيني واري صورتحال ۾ گهٽتائي اچي سگهي.