آمريڪي تاريخدان ۽ فلسفي Will Durant پنھنجي ڪتاب “The Lessons of History”, 1968 ۾ لکي ٿو، “جنگ تاريخ جي مستقل حقيقتن مان هڪ آهي ۽ اها تهذيب يا جمهوريت سان گهٽ نه ٿي آهي.گذريل3,421 سالن جي لکيل تاريخ مان رڳو268 سال اهڙا آهن جن ۾ ڪا جنگ نه لڳي آهي.” توڙي جو ھاڻوڪي جديد دور ۾ ملڪ معاشي محاذ تي جنگ وڙھڻ کي ترجيح ڏين ٿا، پر جديد ھٿيارن جو استعمال به گڏوگڏ جاري آھي. جنگ جا معاشي، جاني ۽ تعميري ڍانچي جي تباھي جا نقصان ته تاريخ جي مختلف وقتن تي بحث ھيٺ ايندا رھيا آھن، پر ماحولياتي تباھيءَ تي توجھه بنھه گھٽ ڏنو ويو آھي. ھن وقت جنگين ۾ مصروف ملڪ، ھوا ۽ پاڻيءَ جي گدلاڻ، زرعي زمين جي بنجر ٿيڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ کان ويندي حياتياتي تنوع جي نقصان (Biodiversity loss)جو شڪار آھن. ماحولياتي تباھي ملڪن کي ڏھاڪا سال پوئتي ڌِڪي ڇڏيندي آھي. Yale School of Environment, فيبروري 2025 جي تحقيق مطابق، اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غزه جا 80 سيڪڙو وڻ ختم ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي، فلسطين واٽر اٿارٽي آڪٽوبر 2024 ۾ رپورٽ ڏني ته اسرائيلي بمباري جي ڪري 85 سيڪڙو پاڻي جون سهولتون جزوي طور بند ٿي ويون. ھن وقت غزه جي مظلوم فلسطينين لاءِ صاف پاڻي به اڻلڀ ٿي چڪو آھي، ڇو جو غزه پٽيءَ جو مِٺو جَر 97 سيڪڙو زھريلو ٿي چڪو آھي. اھڙيءَ طرح، روس يوڪرين جنگ به وڏي پئماني تي ماحولياتي تباھي آندي آھي. روس جي گولا باري جي ڪري، يوڪرين (Ukraine) ۾ ماحولياتي نقصان جو ڪاٿو Ukraine Ecology Ministry (تقريبن $77 ارب ڊالر ( لڳايو آهي. روس، يوڪرين جي جَهنگلن، سامونڊي پٽي، زرعي زمين ۽ آبي وسيلن کي شديد متاثر ڪيو ۽ گڏوگڏ900 کان وڌيڪ صنعتي سهولتن کي ٽارگيٽ ڪيو، جنھن جي ڪري زهريلا مادا جهڙوڪ: نائٽرڪ ايسڊ ۽ امونيا خارج ٿيا، جيڪي چمڙي، اکين ۽ ساهه جي نالين لاءِ انتھائي ھاڃيڪار آهن. 22 اپريل، 2025ع جي پھلگام حملي ۾ )26 عام شھري مارجي ويا(، ان کانپوءِ آخر 7 مئي جي رات، ڀارت پاڪستان تي باقائده جنگ مسلط ڪري ڇڏي آھي. ھن وقت تائين 26 پاڪستاني شھري شھيد ٿي چڪا آھن ۽ 46 زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن. موٽ ۾ پاڪستان پاران به ڀرپور جوابي ڪارروائي جي خبر نشر ٿي چڪي آھي. جيتوڻيڪ ٻنھي پاڙيسرين وچ ۾ ايٽمي جنگ جا آثار گھٽ نظر اچن ٿا، پر رواجي جنگ به جاني ۽ مالي نقصان سان گڏوگڏ ماحولياتي تباھي آڻيندي. ھن جنگ ۾ فتح جو دعويدار ڀلي ڪير به ھجي، پر ٻنھي ملڪن جي ماحولياتي تباھي اڻٽر آھي. غزه ۽ يوڪرين جا مثال اسان جي سامھون آھن. ڀارت ۽ پاڪستان کي تاريخ مان سبق سکڻ گھرجي، ڇو ته جنگ جا معاشي گھاوَ انتھائي ڀيانڪ ٿين ٿا. ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ٿيل ماضي جي جھڙپن تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته 1999ع جي ڪارگل تڪرار جي نتيجي ۾ ٻنھي ملڪن جون اسٽاڪ مارڪيٽون ٺپ ٿي ويون ھيون ۽ 2019ع جي پلوامه واقعي جي ھفتي اندر ٻنهي ملڪن جي مارڪيٽن کي 12 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سرمائي جو نقصان ٿيو ھو، جنھن جي ڪري ڪروڙين ماڻھو غربت، بک ۽ آبهوا جي خطري جي ڌٻڻ ۾ ڌڪجي ويا.
موسمياتي تبديلي جي ڪري ٻئي پاڙيسري ھن وقت شديد ماحولياتي آفتن جي ور چڙھيل آھن. شديد گرميءَ جون لهرون، طوفاني برساتون، ٻوڏ، زلزلا، سامونڊي ۽ برفاني طوفان، ٻنھي ملڪن جي لڳ ڀڳ ڏيڍ ارب رھواسين جي زندگي خطري ۾ وجھي ڇڏي آھي، جيڪي نه رڳو انساني جاني نقصان جو ڪارڻ بڻجن پيا، پر زراعت، صحت ۽ انفرااسٽرڪچر تي به گھرو اثر وجهي رهيا آهن. ھن ئي مھيني جي شروعات ۾، ڀارتي شھر نئين دهلي ۾ هڪ شديد طوفاني برسات ٿي آھي، جيڪا1901ع کانپوءِ مئي مهيني ۾ ٻئي نمبر تي وڏي برسات هئي. ھوڏانھن، برطانيا جي انگريزي اخبار دي گارجيئن خبر شايع ڪئي آھي ته اپريل 2025ع ۾، پاڪستان جي ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ گرمي پد50°C تائين پهچي ويو، جيڪا معمول کان8.5°C وڌيڪ آهي. اهڙي گرميءَ جي شدت پاڻيءَ جي فراهمي، زراعت ۽ صحت تي منفي اثر وجهي رهي آهي. تنھڪري، ٻنھي ملڪن کي مڪمل جنگ کان پاسو ڪرڻ گھرجي، نه ته ان جا معاشي ۽ ماحولياتي نتيجا انتھائي ڀيانڪ نڪرندا.Foreign Affairs Forum مطابق پاڪ-ڀارت وچ ۾ مڪمل جنگ جي شڪل ۾ ھندستان جا روزانو $670 ملين ڊالر فوجي آپريشن ۾ خرچ ٿي سگھن ٿا، جنھن جي نتيجي ۾ سندس GDP ھڪ مھيني اندر 20 سيڪڙو گھٽجي ويندي. ٻئي طرف پاڪستاني معيشت IMF جي رحم و ڪرم تي آھي. جنگ جي ڪري مھانگائي چوٽ چڙھندي ۽ بنيادي ضرورت واريون شيون اڻلڀ ٿي پونديون. Moody’s Analytics مطابق، جنگ جي پھرين چئن ھفتن اندر، ٻنھي ملڪن منجھان تقريبن $15 ارب ڊالرن تائين پرڏيھي سيڙپڪاري ٻاھر نڪري وڃڻ جو انديشو آھي. ان جو ثمر، ڪرنسين جي ڪمزوري، تيل ۽ درآمدن جي قيمتن ۾ اضافي سان گڏ مهانگائي جي دٻاءُ جي صورت ۾ سامھون ايندو. جيئن ته ھندستان 19 سيپٽمبر، 1960 واري سنڌو طاس معاھدي کي معطل ڪري، چناب نديءَ جو پاڻي روڪي ڇڏيو آھي، جنھن جي ڪري واھَ سڪي ويندا ۽ خوراڪ جي کوٽ وڌي ويندي. اڳ ئي پاڪستان جا چار ڪروڙ ۽ ڀارت جا ويھه ڪروڙ ماڻھو مناسب غذا کان محروم آهن. ٻيو ته وڌندڙ گرمي پَد ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪري ٻنھي ملڪن کي ترقيءَ جي ھدفن (SDGs) کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏکيائي ٿيندي. ان کان علاوه،آبهوا کي بھتر بڻائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جا ڪيل قول به پڄاڻيءَ تي نه پهچي سگهندا. پاڪستان پاران 2030 تائينRenewable resources مان 60 سيڪڙو توانائي حاصل ڪرڻ جو مقصد ۽ ڀارت جا 2030 تائين )2005 جي emissions سطح (کان 45 سيڪڙو emissions گهٽائڻ جو هدف، جنگ جي ڪري برباد ٿي سگهن ٿا. صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ مطابق، پاڪستان کي 2023 کان 2030 تائين، موسمياتي تبديليءَ سان لاڳاپيل مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لڳ ڀڳ 348$ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي. نارمل حالتن ھوندي، پاڪستان ۾ ڪو به ملڪ سيڙپڪاري ڪرڻ کان کان لنوائي ٿي، جنگ جي ڪري سيڙپڪارن لاءِ صورتحال ويتر بدتر ٿي پوندي. ڇو ته رَسد جو نظام درھم برھم ٿي ويندو ۽ ٻئي ملڪ موسمي تبديليءَ سان ھم آھنگيءَ وارن منصوبن لاءِ رقم روڪي، ڊفينس لاءِ مختص ڪندا. مثال طور: حڪومت پاڪستان ته اڳ ئي جنگ جي خدشي جو ٻُڌي، ايندڙ بجيٽ ۾ دفاعي خرچ 18 سيڪڙو وڌائڻ جو اعلان ڪيو آھي.
تنھنڪري ڀارت ۽ پاڪستان کي سوچڻو پوندو ته جنگ ۾ ٻنھي جي ھار آھي ۽ امن ۾ گڏيل فتح ۽ ترقي آھي. ڇو ته فوجي بمباري جي ڪري وڏي مقدار ۾ ڌوڙ، دونهون، ۽ زھريلون گئسون فضا کي گدلو ڪري ڇڏين ٿيون، جنھن سان انساني صحت متاثر ٿئي ٿي. جنگي علائقن ۾ جهنگلي جيوت جو قدرتي ماحول پڻ خراب ٿئي ٿو ۽ اھي مجبورن لڏپلاڻ تي مجبور ٿين ٿا يا مري وڃن ٿا. ان کان علاوه تابڪاري ۽ ڪيميائي هٿيار زمين کي زهر آلود ڪري، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسائين ٿا. ملٽري بيسز جي تباھي ته پنھنجي جاءِ تي، پر شهر، ڳوٺ، واھڻ وستيون، اسپتال، اسڪول، واٽر سپلاءِ، بجلي گھر ۽ ٻين بنيادي وسيلن جي تباهي سان سماجي ماحول به متاثر ٿئي ٿو. ماڻهو بي گهر ٿي لڏپلاڻ تي مجبور ٿين ٿا، نتيجي ۾ Refugee Crisis جو ڏمر نازل ٿي پوي ٿو. جنگ ۾ شدت جي اضافي کي ھاڻي به روڪرائي سگھجي ٿو، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جا اتحادي، آمريڪا ۽ چين اڳتي وڌي ثالثي جو ڪردار ادا ڪن. وقت جي ضرورت آھي ته عالمي برادري به پنھنجو ڪردار ادا ڪري. خاص طور، کين سفارتي محاذ تي غير معمولي قدم کڻڻا پوندا ته جيئن جنگ کي ڊيگهه ڏيڻ کان بچائي سگھجي، نه ته ايشيا کي لڳل چِڻنگ ڀَڀَڙ ٿي سڄي ڌرتيءَ کي وڪوڙي، ساڙي رَکُ ڪري ڇڏيندي.