آمريڪي تاريخدان ۽ فلسفي Will Durant پنھنجي ڪتاب “The Lessons of History”, 1968 ۾ لکي ٿو، “جنگ تاريخ جي مستقل حقيقتن مان هڪ آهي ۽ اها تهذيب يا جمهوريت سان گهٽ نه ٿي آهي.گذريل3,421 سالن جي لکيل تاريخ مان رڳو268 سال اهڙا آهن جن ۾ ڪا جنگ نه لڳي آهي.” توڙي جو ھاڻوڪي جديد دور ۾ ملڪ معاشي محاذ تي جنگ وڙھڻ کي ترجيح ڏين ٿا، پر جديد ھٿيارن جو استعمال به گڏوگڏ جاري آھي. جنگ جا معاشي، جاني ۽ تعميري ڍانچي جي تباھي جا نقصان ته تاريخ جي مختلف وقتن تي بحث ھيٺ ايندا رھيا آھن، پر ماحولياتي تباھيءَ تي توجھه بنھه گھٽ ڏنو ويو آھي. ھن وقت جنگين ۾ مصروف ملڪ، ھوا ۽ پاڻيءَ جي گدلاڻ، زرعي زمين جي بنجر ٿيڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ کان ويندي حياتياتي تنوع جي نقصان (Biodiversity loss)جو شڪار آھن. ماحولياتي تباھي ملڪن کي ڏھاڪا سال پوئتي ڌِڪي ڇڏيندي آھي. Yale School of Environment, فيبروري 2025 جي تحقيق مطابق، اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غزه جا 80 سيڪڙو وڻ ختم ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي، فلسطين واٽر اٿارٽي آڪٽوبر 2024 ۾ رپورٽ ڏني ته اسرائيلي بمباري جي ڪري 85 سيڪڙو پاڻي جون سهولتون جزوي طور بند ٿي ويون. ھن وقت غزه جي مظلوم فلسطينين لاءِ صاف پاڻي به اڻلڀ ٿي چڪو آھي، ڇو جو غزه پٽيءَ جو مِٺو جَر 97 سيڪڙو زھريلو ٿي چڪو آھي. اھڙيءَ طرح، روس يوڪرين جنگ به وڏي پئماني تي ماحولياتي تباھي آندي آھي. روس جي گولا باري جي ڪري، يوڪرين (Ukraine) ۾ ماحولياتي نقصان جو ڪاٿو Ukraine Ecology Ministry (تقريبن $77 ارب ڊالر ( لڳايو آهي. روس، يوڪرين جي جَهنگلن، سامونڊي پٽي، زرعي زمين ۽ آبي وسيلن کي شديد متاثر ڪيو ۽ گڏوگڏ900 کان وڌيڪ صنعتي سهولتن کي ٽارگيٽ ڪيو، جنھن جي ڪري زهريلا مادا جهڙوڪ: نائٽرڪ ايسڊ ۽ امونيا خارج ٿيا، جيڪي چمڙي، اکين ۽ ساهه جي نالين لاءِ انتھائي ھاڃيڪار آهن. 22 اپريل، 2025ع جي پھلگام حملي ۾ )26 عام شھري مارجي ويا(، ان کانپوءِ آخر 7 مئي جي رات، ڀارت پاڪستان تي باقائده جنگ مسلط ڪري ڇڏي آھي. ھن وقت تائين 26 پاڪستاني شھري شھيد ٿي چڪا آھن ۽ 46 زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن. موٽ ۾ پاڪستان پاران به ڀرپور جوابي ڪارروائي جي خبر نشر ٿي چڪي آھي. جيتوڻيڪ ٻنھي پاڙيسرين وچ ۾ ايٽمي جنگ جا آثار گھٽ نظر اچن ٿا، پر رواجي جنگ به جاني ۽ مالي نقصان سان گڏوگڏ ماحولياتي تباھي آڻيندي. ھن جنگ ۾ فتح جو دعويدار ڀلي ڪير به ھجي، پر ٻنھي ملڪن جي ماحولياتي تباھي اڻٽر آھي. غزه ۽ يوڪرين جا مثال اسان جي سامھون آھن. ڀارت ۽ پاڪستان کي تاريخ مان سبق سکڻ گھرجي، ڇو ته جنگ جا معاشي گھاوَ انتھائي ڀيانڪ ٿين ٿا. ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ٿيل ماضي جي جھڙپن تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته 1999ع جي ڪارگل تڪرار جي نتيجي ۾ ٻنھي ملڪن جون اسٽاڪ مارڪيٽون ٺپ ٿي ويون ھيون ۽ 2019ع جي پلوامه واقعي جي ھفتي اندر ٻنهي ملڪن جي مارڪيٽن کي 12 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سرمائي جو نقصان ٿيو ھو، جنھن جي ڪري ڪروڙين ماڻھو غربت، بک ۽ آبهوا جي خطري جي ڌٻڻ ۾ ڌڪجي ويا.