هندستان ۽ پاڪستان جي جنگين جي تاريخ دراصل سياسي جاگرافيائي ۽ نظرياتي اختلافن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪي برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ پيدا ٿيا. انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيتريون ئي وڏيون جنگيون ۽ ڪيتريون ئي جهڙپون ٿينديون رهيون آهن، جن جو مکيه سبب اڪثر ڪري رياست ڄمون ۽ ڪشمير رهيو آهي. جيڪو پاڪستان جي وجود کان وٺي اڃان تائين جاري آهي. 1947ع ۾ برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ، هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پهرين جنگ لڳي، جيڪا 1947-48 واري جنگ جي نالي سان مشهور آهي. اها جنگ ڄمون ۽ ڪشمير جي الحاق واري معاملي تي لڳي هئي، جتي مها راجا هري سنگهه هندستان سان الحاق جو اعلان ڪيو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان قبائلي قوتن جي مدد سان ڪشمير تي حملو ڪيو. ڀارت فوري طور تي ڪشمير ۾ پنهنجي فوج موڪلي حملي کي روڪيو ۽ رياست جي وڏي حصي تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. نيٺ گڏيل قومن جي مداخلت سان جنگ بند ٿي ۽ لائين آف ڪنٽرول قائم ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪشمير ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، هڪ حصو ڄمون ۽ ڪشمير هندستان سان ۽ ٻيو آزاد ڪشمير پاڪستان سان ملي ويو. جيتوڻيڪ پاڪستان ڪجهه علائقا حاصل ڪري ورتا، پر هندستان فوجي ۽ سياسي طور تي برتر رهيو. ٻنهي ملڪن ۾ ٻي وڏي جنگ 1965ع ۾ لڳي، جيڪا وري ڪشمير تڪرار تي ٿي. پاڪستان آپريشن جبرالٽر تحت ڪشميرين جي حمايت لاءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ڀارت سخت فوجي جواب ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ الهندي سرحد تي، خاص ڪري لاهور، سيالڪوٽ ۽ راجسٿان جي محاذن تي سخت ويڙهه ٿي. هن جنگ ۾ ٻنهي ملڪن دعويٰ ڪئي ته هو ڪامياب ٿي ويا، پر ٻنهي پاسن طرفان ڪوبه واضح فتح جو اعلان نه ٿي سگهيو. جنگ جو خاتمو سوويت وچ ۾ ٿيل تاشقند معاهدي سان ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جنگ کان اڳ واري سرحدن تي واپس وڃڻ تي اتفاق ڪيو. عالمي مبصرن ۽ فوجي ماهرن جي راءِ ۾ هندستان هن جنگ ۾ دفاعي لحاظ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.