بلاگنئون

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ لڳل جنگين جي تاريخ

هندستان ۽ پاڪستان جي جنگين جي تاريخ دراصل سياسي جاگرافيائي ۽ نظرياتي اختلافن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪي برصغير ​​جي ورهاڱي کانپوءِ پيدا ٿيا. انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيتريون ئي وڏيون جنگيون ۽ ڪيتريون ئي جهڙپون ٿينديون رهيون آهن، جن جو مکيه سبب اڪثر ڪري رياست ڄمون ۽ ڪشمير رهيو آهي. جيڪو پاڪستان جي وجود کان وٺي اڃان تائين جاري آهي. 1947ع ۾ برصغير ​​جي ورهاڱي کانپوءِ، هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پهرين جنگ لڳي، جيڪا 1947-48 واري جنگ جي نالي سان مشهور آهي. اها جنگ ڄمون ۽ ڪشمير جي الحاق واري معاملي تي لڳي هئي، جتي مها راجا هري سنگهه هندستان سان الحاق جو اعلان ڪيو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان قبائلي قوتن جي مدد سان ڪشمير تي حملو ڪيو. ڀارت فوري طور تي ڪشمير ۾ پنهنجي فوج موڪلي حملي کي روڪيو ۽ رياست جي وڏي حصي تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. نيٺ گڏيل قومن جي مداخلت سان جنگ بند ٿي ۽ لائين آف ڪنٽرول قائم ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪشمير ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، هڪ حصو ڄمون ۽ ڪشمير هندستان سان ۽ ٻيو آزاد ڪشمير پاڪستان سان ملي ويو. جيتوڻيڪ پاڪستان ڪجهه علائقا حاصل ڪري ورتا، پر هندستان فوجي ۽ سياسي طور تي برتر رهيو. ٻنهي ملڪن ۾ ٻي وڏي جنگ 1965ع ۾ لڳي، جيڪا وري ڪشمير تڪرار تي ٿي. پاڪستان آپريشن جبرالٽر تحت ڪشميرين جي حمايت لاءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ڀارت سخت فوجي جواب ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ الهندي سرحد تي، خاص ڪري لاهور، سيالڪوٽ ۽ راجسٿان جي محاذن تي سخت ويڙهه ٿي. هن جنگ ۾ ٻنهي ملڪن دعويٰ ڪئي ته هو ڪامياب ٿي ويا، پر ٻنهي پاسن طرفان ڪوبه واضح فتح جو اعلان نه ٿي سگهيو. جنگ جو خاتمو سوويت وچ ۾ ٿيل تاشقند معاهدي سان ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جنگ کان اڳ واري سرحدن تي واپس وڃڻ تي اتفاق ڪيو. عالمي مبصرن ۽ فوجي ماهرن جي راءِ ۾ هندستان هن جنگ ۾ دفاعي لحاظ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.

هڪ ڀيرو وري 1971ع واري جنگ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان وڌيڪ فيصلائتي ۽ وڏي جنگ هئي. اها جنگ مشرقي پاڪستان، هاڻ بنگلاديش ۾ سياسي بحران، عوامي ليگ کي اڪثريت جي باوجود اقتدار نه ملڻ ۽ پاڪستاني فوج جي سخت آپريشن سان شروع ٿي. لکين پناهگير هندستان ۾ داخل ٿيا جنهن کانپوءِ هندستان انسانيت ۽ سياسي مفادن جي بنياد تي اوڀر پاڪستان ۾ فوجي مداخلت ڪئي. ڊسمبر 1971ع ۾ شروع ٿيندڙ هن جنگ ۾ ڀارتي فوجن رڳو 13 ڏينهن ۾ فيصلائتو فائدو حاصل ڪري ڍاڪا تي قبضو ڪري ورتو ۽ پاڪستاني فوج جي 90 هزار کان وڌيڪ سپاهين هٿيار ڦٽا ڪيا. نتيجي ۾ نئون ملڪ بنگلاديش وجود ۾ آيو. اها جنگ هندستان لاءِ وڏي سياسي فوجي ۽ سفارتي ڪاميابي طور ياد ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو جنهن جو هن وقت تائين ازالو نه ٿي سگهيو آهي. ائين وري 1999ع ۾ ڪارگل جي ٽڪرين ۾ هڪ ٻي وڏي فوجي جھڙپ ٿي، جيڪا ڪارگل جنگ جي نالي سان مشهور آهي. ان ۾ پاڪستاني فوج ۽ ويڙهاڪن لائين آف ڪنٽرول پار ڪري ڀارتي حدن ۾ داخل ٿي اهم پوسٽن تي قبضو ڪيو، پر هندستان فوجي طاقت سان اهي علائقا فوجين واپس حاصل ڪرايا. ان دوران سخت لڙائي به لڳي، پر عالمي دٻاءُ، خاص ڪري آمريڪا طرفان، پاڪستان کي مجبور ڪيو ويو ته هو پنهنجون فوجون واپس گهرائي. ھن جنگ ۾ ھندستان پنھنجي فوجي ۽ سفارتي برتري ثابت ڪري پنھنجي سر زمين واپس ورتي.

انهن جنگين کان علاوه سياچن گليشيئر پڻ 1984ع کان ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، ڀارت آپريشن ميگھوت تحت سياچن تي قبضو ڪيو ۽ اڃان تائين ان علائقي تي قبضو ڪري ويٺل آهي، جيتوڻيڪ اهو هڪ تمام اوچائي وارو، انتهائي سرد ​​۽ ڏکيو علائقو آهي، جتي ٻنهي ملڪن جا فوجي سخت موسمي حالتن ۾ مقرر هوندا آهن. تنهن هوندي به سياچن ۾ ڀارت جو قبضو برقرار آهي. 2019   ۾ هڪ ٻيو محدود، پر اهم واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن پلواما حملي کانپوءِ، ڀارت پاڪستان جي بالاڪوٽ ۾ هوائي حملو ڪيو، جنهن تي ڀارت دعويٰ ڪئي ته دهشتگردن جي ڪيمپن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. تنهن تي پاڪستان جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي جهاز کي ڪيرايو ۽ پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي بعد ۾ امن جي اشاري طور آزاد ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن هن واقعي ۾ به فتح جون دعوائون ڪيون، پر عالمي سطح تي ڪوبه فيصلو ڪندڙ فاتح سامهون نه آيو. مطلب ته پاڪستان ڀارت خلاف ڪجهه موقعن تي جزوي ڪاميابيون به حاصل ڪيون آهن، پر ڪنهن به جنگ ۾ فيصلو ڪندڙ فتح حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، پر ٻنهي ملڪن جي عوام کي نقصان ئي پهچائي ٿي. ٻنهي ملڪن کي هاڻي پنهنجا اختلاف ڳالهين، واپار ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ گهرجن ها ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن قائم رهي سگهي ها، پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ ڀارت رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستان جي حدن ۾ حملو ڪري ڏنو ۽ پاڪستاني فوجين جوابي حملو ڪري ڀارت جا 3 رافيل جهازن سميت 5 جهاز ڪيرائي ورتا ۽ ڀارت جو فوجي برگيڊ به تباهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪجھه ڀارتي فوجين کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي، ائين پاڪستاني شهري شهيد ۽ زخمي پڻ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڀارت اڇو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ خطي ۾ امن چاهي ٿو، پر ڀارت اڳرائي ڪئي آهي جنهنڪري دشمن کي سخت جواب ڏيئي رهيا آهيون. هن مهل تائين پاڪستاني فوج هندستان تي حملو ڪري 6 ڀارتي جهاز تباهه ڪيا آهن جن ۾ٽي رافيل، 1 ميراج 2000، 1 Sukhoi 30، 6th Indian  ميگ 29 جهاز، هڪ جاسوس quad copter ڊرون ۽ ٻه ٻيا ڊرون هڪ هيلي ڪاپٽر سرينگر ۽ پٺان ڪوٽ ايئربيس تي حملو. انڊيا برگيڊ پونڇ ڇانوڻي تي برگيڊ هيڊڪوارٽر ۽ سهورا ڪميونيڪيشن سينٽر ايئر تي حملو،  سيز فائر لائين تي ڀارتي فوج جي 18 چيڪ پوسٽن تي حملو ڪري تباهه ڪيو ويو. پاڪستاني فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 کان وڌيڪ هنڌن تان سيز فائر لائين پار ڪري 10 کان وڌيڪ ڀارتي فوجين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پاڪستاني هوائي فوج ڪوٽ ڪپواڙ، بارامولا، بانڊي پوره، پونڇ، راجوڙي، ڪارگل، ليه ۽ اخنور شهرن ۾ بمباري ڪئي آهي. ائين ڪارگل ۾، جوانن زميني آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ چئني پاسي ارت کي گهيري ۾ آڻڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهي. پاڪستاني فوج جي جرئت منديءَ کي ڀرپور ساراهيو پيو وڃي. ڇو ته ڀارت جا جارحاڻا قدم نه رڳو ڏکڻ ايشيا، پر سڄي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. عالمي برادريءَ کي پاڪستان کي جوابي فائرنگ بند ڪرڻ واري دٻاءُ وجهڻ کان بهتر آهي ته هندستان کي اڳرائيءَ کان روڪي. ٻي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي خود مختياري ۽ قومي مفادن جي تحفظ جو پورو حق محفوظ رکي ٿو.