بلاگنئون

موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان جو اهم گليشيئر تيزيءَ سان وگهري رهيو آهي

موسمياتي تبديلين سبب بالتورو گليشيئر جيڪو قراقرم جو سڀ کان وڏو گليشيئر آهي ۽ اهو گلگت بلتستان جي علائقي ۾ قراقرم جبلن جي قطار ۾ واقع آهي، هي گليشيئر مشهور جبلن جي چوٽين جهڙوڪ: ڪي ٽو، گاشربرم ۽ براڊ پيڪ جي ويجهو آهي. هي گليشيئر پگھرجڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب اتي 25 کان 30 ننڍيون ڍنڍون ٺهي ويون آهن. هيل تائين پاڪستان دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي ملڪ موسمياتي تبديلين کان بُري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. ان ڪري موسمن جي شدت ۽ گرمي سردي جي پد ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ گليشيئرز جي پگھرجڻ جو عمل تيز ٿي ويو آهي. هن سال به پاڪستان جي اترين علائقن ۾ معمولي برفباري به ٽي مهينا دير سان شروع ٿي، پر گرميءَ جي لهر قراقرم جي علائقي ۾ وڏن گليشيئرن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. دنيا جي اتر ۽ ڏکڻ قطب کانپوءِ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ وڏا گليشيئر آهن، جن ۾ قراقرم علائقي جو ٻيو نمبر وڏو گليشيئر بالتورو آهي، جنهن جي ڊيگھ 63 ڪلو ميٽر آهي. ڪجھ اکين ڏٺن شاهدن بالتورو گليشيئر تي 12 ڏينهن تائين گھمي گليشيئر جي پگھرجڻ واري صورتحال کي پاڻ ڏٺو، تصويرون ڪڍيون ۽ وڊيو ٺاهيا. ان کانسواءِ اتي برف جو وڏي ٽڪري جي پگھرجڻ سبب اهو حصو غارن ۾ تبديل ٿي رهيو هو. بالتورو گليشيئر هڪ سخت پٿر وانگر هو، جنهن جي مٿاڇري تي اڄ تائين ڪير ناهي پهتو، پر اهو هاڻي ختم ٿي رهيو آهي. اها صورتحال ايندڙ ڏهن سالن ۾ وڌيڪ پريشان ڪندڙ ٿي سگهي ٿي، جنهن کي منهن ڏيڻ تمام ضروري آهي، پر هتي سوال اهو آهي ته آخر ڇا ڪجي جو گليشيئر نه پگهرجن؟ يا اسان ڇا ڪري سگهون ٿا؟

گذريل ٽن سالن کان گليشيئر پگھرجڻ سبب جابلو علائقن ۾ ٻوڏون پڻ معمول بڻجي ويون آهن. 2022 جي ٻوڏ اترين علائقن کان شروع ٿي ۽ سڄي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ڪيو. گلگت ۽ هنزا جا گليشيئر به گهٽ اوچائي جي ڪري پگھرجي رهيا آهن، جيڪي خطرناڪ آهن. جڏهن ته بالتورو گليشيئر جي ڀرسان پيجو ڪيمپ سائٽ جي سامهون پيج هڪ جبل آهي، جنهن جون چوٽيون سڄو سال برف سان ڍڪيل رهنديون آهن، پر هاڻي مقامي ماڻهن موجب انهن چوٽين جي برف به گذريل ٻن ٽن سالن کان اونهاري جي مهينن ۾ ڳري رهي آهي. موسمياتي تبديلي جي ماهرن چيو آهي ته عالمي سطح تي سراسري گرمي پد 1.5 کان وڌي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اهو سراسري ٻه درجو ٿي ويو ته تمام گهڻي تباهي ٿيندي، گليشيئر پگهربا، ٻوڏون اينديون، بارشن جي گھڻائي ٿيندي، موٽ ۾ سمنڊ ڀرجي ويندا (پر شرط آهي ته اسان واري سمنڊ تائين پاڻي پڄي) جنهن جي ڪري ساحلي علائقن جو نقصان سامونڊي طوفانن جي سبب ٿي سگهي ٿو ۽ نتيجي ۾ خوراڪ جي کوٽ ٿي سگهي ٿي. ان جو لاءِ حل اهو آهي ته ترقي يافتا ملڪ رضا ڪاراڻي طور تي عالمي گرميءَ پَدَ کي ڪنٽرول ڪن.

آبهوا جي سائنسدانن جي تحقيقي ڳالھين تي ڪنهن به اختلاف ناهي ڪيو ته گلوبل وارمنگ جي حد رڳو سيارو آهي، جنهن جي واپسي جا نتيجا وري گرميون آهن. هڪ تحقيقي مطالعي ۾ چيو ويو آهي ته عارضي طور تي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ گرمي پد اچڻ کان اڳ هڪ خوفناڪ منظر سامهون ايندو، جنهن کي “اوور شوٽ” چيو وڃي ٿو، جنهن سبب سمنڊ جي سطح ۾ اضافو ۽ ٻيا تباهي وارا عنصر ٿي سگهن ٿا. “ڪارل فريڊريچ شليسنر” مطابق ته “اوور شوٽ” آبهوا جو اهڙو نتيجو آهي، جيڪو مستقبل ۾ خوفناڪ ٿي سگهي ٿو، جتي گلوبل وارمنگ کي روڪڻ لاءِ اڳ ۾ گهڻو ڪجھ ڪرڻو پوندو، جتي اپاءُ وٺڻ ۾ به تقريبن ٽي سال لڳي ويندا، پر عالمي گرميءَ جو پدُ بجاءِ گهٽجڻ جي 0.5 وڌي رهيو آهي، جيڪو سمجھ کان مٿي آهي. جيڪڏهن دنيا کي 1.5 سينٽي گريڊ جي گھٽتائي تائين پهچڻو آهي ته 2030 تائين گرميءَ کي وڌائڻ وارين گرين هائوس گيسن جو اخراج لڳ ڀڳ اڌ ڪرڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ اهو گرمي پدُ وڌي ويندو.

2015 جي پيرس موسمياتي معاهدي ۾ طئي ٿيل امڪاني هدف پورو ناهي ٿيو. جڏهن ته اهو تاحال اڃان به وڌي رهيو آهي. 0.5 جي گرمي پد جي واڌ جي “اوور شوٽ” کي ڪجھ سائنسدان ۽ پاليسي ساز ناگزير سمجهن ٿا، ان ڪري ته ان ۾ ڪابه گھٽتائي نٿي اچي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ “اوور شوٽ” جي لاءِ احتياط ڪري سگهجي ٿو، باقي ٻيو ڪجھ به نه، ڇو ته خطرن کي مڪمل طور تي ڪوبه ملڪ گهٽائي ناهي سگهيو، پر سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته هڪ “اوور شوٽ” انهن اثرن کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿو، ان ڪري انهن سائنسدان خبردار ڪيو آهي، اهي خطرا زمين جي موسمياتي نظام ۾ وڏي پيماني تي تبديلين کي وڌائين ٿا. ان جو مطلب ٿي سگھي ٿو ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سان مالا مال ماحول زمين جي ٻين گيسن سان گڏجي وڏي پيماني تي تباهي آڻي سگهن ٿيون. مثال طور جيڪڏهن گرمي پدُ 1.5 سينٽي گريڊ کان به وڌي ويندو ته سمنڊ جي سطح 40 سينٽي ميٽر تائين وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. محققن جو اهو به چوڻ آهي ته هيٺين سطح وارن ٻيٽن ۽ ملڪن کي هڪ وجودي خطرو پڻ آهي، جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ جي واڌ سبب ٻُڏي سگهن ٿا، جنهن جي لاءِ اٽلي جي شهر وينس کي وڏو خطرو آهي ۽ اهي شهر جيڪي سمنڊ جي ٻيٽن تي آباد آهن ۽ جيڪي شهر هيٺانهينءَ وارا آهن انهن کي وڏو خطرو آهي. آسٽريا ۾ جڙيل انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سسٽمز اينالائسز جي هڪ محقق “ڪارل فريڊريچ شليسنر” چيو آهي ته اڪثر موسمي اثر معمولي ۽ عارضي حد کان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا ۽ 1.5 گرمي پد جي حد جي ڪري ناقابل برداشت نتيجا ٿي سگهن ٿا، پر حيرت آهي ته دنيا ٻيهر گرمي پد کي وڌائي ڇڏيو آهي.

گليشيئر جو پگھرجڻ، برسات ۽ درياءَ جي وهڪري کي مناسب رکڻ جي ماپ جون سهولتون سنڌوءَ جي ڪناري تي قائم ڪيون ويون آهن ۽ اهڙيءَ ريت انهن کي “ريم اسٽيشن انفلوز” چيو وڃي ٿو. اولهندي پاسي “ريم اسٽيشنون” تربيلا، اٽڪ، منگلا ۽ مرالا ۾ آهن، جن ۾ سنڌو، ڪابل، جهلم ۽ چناب درياءَ آهن. اوڀر وارن دريائن لاءِ “ريم اسٽيشنون” بلوڪي ۽ سليمانڪي وٽ راوي ۽ ستلج ندين لاءِ آهن. ربيع (سياري) جي موسم ۾ برف پگھرجڻ ۽ گهٽ برساتن سبب درياءَ جو وهڪرو محدود هوندو آهي. 1937 کان 1967 واري عرصي ۾ مغربي دريائن مان هڪ سراسري سال ۾ 173 بلين ڪيوبڪ ميٽرڪ سطحي پاڻي فراهم ڪيو ويندو هو. عام طور تي درياءَ جي وهڪري جو وڏو حصو خريف جي موسم ۾ هوندو آهي، جيڪو ربيع جي موسم جي وهڪري کان پنج ڀيرا وڌيڪ وهندو آهي، پر ماضيءَ ۾ اوڀر وارن دريائن جي وهڪري ۾ ڦيرڦار اولهندي دريائن کان به وڌيڪ هوندي هئي، پر منگلا ۽ تربيلا اسٽوريج ڊيم ٺهڻ کان اڳ، اڀرندي دريائن معنيٰ سنڌو درياءَ جي نظام ۾ سراسري سال ۾ 26 بلين ڪيوبڪ ميٽرڪ پاڻي هوندو هو، جنهن مان 84 سيڪڙو خريف جي موسم ۾ ورهايو ويندو هو. اڀرندي دريائن جو حصو سنڌو درياءَ جي سالياني مجموعي آمد ۾ 13 سيڪڙو ۽ ربيع جي موسم ۾ 11 سيڪڙو ڏنو ويندو هو يا هاڻي ائين ناهي.

2030 تائين هلندڙ خوراڪ جي واڌ کوٽ جنهن جي هڪ حد مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪو منظر نامو ۽ تخمينو نيچر ڪلائيميٽ چينج ۾ شايع ٿيل آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب اهو تخمينو تقريبن 2.2 کان 2.9 تائين آهي، پيرس معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته اها واڌ کوٽ 3.2 جي ڀرسان هجي ته به ملڪن کي خوراڪ جي کوٽ نٿي ٿي سگهي. ان ڪري اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ مضبوط پاليسين جي ضرورت پوندي. “پيٽرس” جو نئون مطالعو جنهن کي ڪووڊ دوران وبا جي اثرن کي ماپڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو، جهڙوڪ: ماسڪ پائڻ، سماجي فاصلو رکڻ يا ويڪسينيشن ڪرائڻ وغيره وغيره. 2020 جي شروعات ۾ وبائي مرض جي شروعات کان وٺي، ڪووڊ ماڊلنگ چند مهينن جي بنياد تي اپڊيٽ ڪئي وئي هئي ته پاليسي وائرس جي پکيڙ کي ڪيئن متاثر ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. نئين پاليسي تي ٻڌل اهي سڀ شيون ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اسان اصل ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون يا اسان ڪٿي بيٺل هئاسين يا جيڪڏهن ڪو قدم نه کنيو ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ گلوبل وارمنگ جي اثرن بابت اڪثر اڀياس به هڪطرف بي ترتيب ڪاربان جي اخراج جي ڪري بهترين صورتحال جي ابتڙ آهن ته ٻئي طرف دنيا جي ڀلائي ۽ اميد جا رستا به آهن. حقيقت اها موسمياتي انتهاپسندي آهي ۽ ممڪن آهي ته ڏهاڪن تائين ائين ئي رهي.

گڏيل قومن جي تحقيق مطابق موجوده گرمي پد ۾ تقريبن 3 سينٽي گريڊ تائين واڌ ٿيندي ۽ 1.5 سينٽي گريڊ جي گهٽتائي جي لاءِ 2050 تائين دونهين جو اخراج ٻڙيءَ تي هجڻ ضروري آهي. جنهن جو مطلب آهي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار کي متوازن ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو انساني ٽيڪنالاجي جي ذريعي فضا مان ڪڍي سگهجي ٿو. اهو عمل “ڊي ڪاربانائيزيشن” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر ساڳي جاءِ تي “اوور شوٽ” جي صورت ۾ عالمي گرمي پد کي پوئتي هٽائڻ لاءِ وڏي پيماني تي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو عام ملڪن جي طاقت کان پري آهي. اسان يقين نٿا ڪري سگھون ته “اوور شوٽ” کانپوءِ گرمي پد ۾ گهٽتائي طئي ڪيل مدي جي اندر حاصل ڪري سگهجي ٿي، “ڪارل فريڊريچ شليسنر” چيو آهي ته انهن حاصل ڪيل نتيجن جي ذريعي حڪومتي تڪميلن ۽ تعميلن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن اهي اخراج کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪن نه ته لاپرواهيءَ جي صورت ۾ چوٽي جي گرمي ٿي سگهي ٿي.