هڪ نئين تحقيق مطابق ٽي وي ڏسڻ جي عادت ٻارن ۾ ٿولهه جو سبب بڻجي وئي آهي

اسپين ۾ ڪيل هڪ تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪي ٻار سڄو ڏينهن ٽي وي جي اڳيان ويهي وقت گذراين ٿا ۽ اتي ويهي ڪجهه نه ڪجهه کائيندا ۽ پيئندا رهن ٿا اهي تيزيءَ سان وزن وڌائي ٿولهه جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هيءَ اهم تحقيق بارسلونا جي هڪ انسٽيٽيوٽ آف گلوبل هيلٿ ڪئي آهي. جنهن ۾ هڪ هزار چار سئو اسي هسبانوي ٻارن جو غور سان ڪيترن ئي سالن تائين مطالعو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻارن جون پنج عادتون جنهن ۾ ورزش، ننڊ، ٽي وي ڏسڻ، ڀاڄيون کائڻ ۽ پروسيس ٿيل غذائون کائڻ بابت سوال ڪيا ويا هئا. ان سلسلي ۾ چئن سالن جي ٻارن جي  والدين کان به سوال پڇيا ويا. پهرين چئن سالن جي عمر ۾ ٻارن جو باڊي ماس انڊيڪس (BMI)، چيلهه جي ويڪر ۽ بلڊ پريشر نوٽ ڪيا ويا، ايتري تائين جو انهن جي عمر ستن سالن تائين وڃي پهتي ۽ انهن ٻارن جا اهي سڀئي ٽيسٽ جاري رکيا ويا. اهڙا تفصيل پيڊيا ٽرڪ اوبيسٽي نالي جنرل ۾ شايع ڪيا ويا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن پنجن ئي رجحانن مان ٽي وي جو ٿولهه سان تعلق سڀ کان وڌيڪ مضبوط نڪتو. جيڪي ٻار چئن سالن جي عمر تائين ٽي وي جا شوقين ٿي وڃن ٿا، هر ڪم ٽي جي اڳيان ويهي ڪن ٿا ۽ جسماني حرڪت گهٽ ڪن ٿا، ستن سالن جي عمر تائين پهچندي اهي ٿولهه جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ انهن ۾ ميٽابولڪ سنڊروم جهڙي ڪيفيت وڌي وڃي ٿي.