سمرقند
قسط ستاويهين
ترجمو: زاهده ابڙو
اهو چوڻ ته ان انڪشاف منهنجي زندگي هڪدم هيٺ مٿي ڪري ڇڏي درست ناهي، مون کي يقين آهي ته منهنجو ردِ عمل بلڪل ائين ئي هو جنهن جي روشفور کي اميد هئي، مان بي انتها حيران ۽ ٽوهه ۾ هئس ۽ پوءِ شڪ ۾ به هئس- هي ماڻهو مون ۾ تمام گهڻو اعتماد پيدا نه ڪري سگهيو هو، هن کي اها خبر ڪيئن ٿي پئجي سگهي ته جنهن پراڻي ڪتاب جا ورق هو اٿلائي رهيو هو، اها خيام جي مستند تصنيف هئي؟ کيس فارسي نه ٿي اچي، ٿي سگهي ٿو کيس فريب ڏنو ويو هجي، آخر اهو ڪهڙو سبب ٿي ٿو سگهي ته ڪتاب پئرس ۾ هجي ۽ مشرق جي فن جو ماهر ان جو ذڪر نه ڪري؟ سو مون صرف هڪ مهذب، پر مخلصاڻي ”ڪيتري حيرت جي ڳالهه آهي!“ کان وڌيڪ ڪجهه نه چيو، ڇو ته ان ۾ ٻئي ڳالهيون ظاهر هيون ان ماڻهوءَ جو اشتياق جيڪو منهنجو مخاطب هو ۽ خود منهنجا شڪ، ڇو ته مان به اڃا تائين ان تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هئس-
روشفور پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
”مون کي هڪ غير معمولي شخصيت سان ملڻ جو موقعو مليو، انهن مان هڪ اهڙا هوندا آهن، جيڪي تاريخ مان ان عزم سان گذرندا آهن ته هو ايندڙ نسلن تي پنهنجو اثر ڇڏيندا- ترڪي جو سلطان ان کان ڊڄي ٿو، پر ان جي مهر ۽ عنايت جو ڳولهائو به رهي ٿو، ايران جو شاهه ته صرف ان جو نالو ٻڌندي ئي ڏڪيو وڃي- هو آلِ محمد ﷺ مان آهي، تنهن هوندي به هڪ عوامي جلسي ۾ پنهنجي وقت جي نامي گرامي مذهبي معززن جي سامهون کيس اهو چوڻ تي قسطنطيه کان پيڇو ڪري ڀڄايو ويو ته فلسفي جو پيشو انسانيت لاءِ ايترو ئي اڻٽر آهي جيترو نبيءَ جو- سندس نالو جمال الدين آهي- تو ان جي باري ۾ ٻڌو هوندو؟“
مان پنهنجي لاعلميءَ جو اظهار ئي ڪري ٿي سگهيس-
”جڏهن مصر انگريزن جي خلاف اٿي بيٺو هو،“ روشفور پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”ته اهو ان ماڻهوءَ جي چوڻ تي ٿيو هو- واديءِ نيل جا سڀئي دانشور تحرڪ ان کان ئي حاصل ڪندا هئا- اهي کيس ‘استاز’ چوندا آهن ۽ سندس نالي جي تعظيم ڪندا آهن- ان هوندي، هو مصري ڪونهي ۽ هن ملڪ ۾ تمام ٿورو عرصو رهيو آهي- کيس هندوستان ڪاري پاڻي موڪليو ويو هو جتي هن تمام وڏي انگ ۾ ماڻهن کي متحرڪ ڪيو- سندس اثر سان اخبارون ۽ تنظيمون قائم ڪيون ويون- وائسراءِ کي خطرو محسوس ٿيو ۽ کيس هندستان کان ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن کانپوءِ هن يورپ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجون هوش اڏائيندڙ سرگرميون لنڊن ۽ پوءِ پئرس ۾ جاري رکيون-
”هو لانتر انسيجان ۾ باقاعدگيءَ سان ڪم ڪندو هو ۽ اسين گهڻو ڪري ملندا رهندا هئاسين- هن مون کي پنهنجن مريدن سان ملرايو هو- هندوستاني مسلمان، مصري يهودي ۽ شامي مارونيه )مسيحي فرقو جنهن جي ابتدا چوٿين صدي عيسوي جي ان جماعت کان ٿي جيڪي مارون نالي سرياني راهب جي پيروي ڪندا هئا( منهنجي خيال ۾ مان سندس سڀ کان وڌيڪ ويجهو فرانسيسي ساٿي هئس، پر يقينن واحد ساٿي نه هئس، ارنيسٽ رُنان ۽ جورج ڪليمنسواس اهي ان ڳالهه کان چڱيءَ طرح واقف هئا ۽ انگلستان ۾ هن جي دوستن ۾ لارڊ سالسبري، رينڊولف چرچل ۽ ولفريڊ بلنٽ جهڙا ماڻهو شامل هئا، انتقال کان ڪجهه اڳ وڪٽر هيوگو به ساڻس مليو هو-“
”ٺيڪ اڄ صبح جو مان سندس باري ۾ ڪجهه يادگيريون پڙهي رهيو هئس، جن کي مان پنهنجي روزانه واري ڊائريءَ ۾ شامل ڪرڻ بابت سوچي رهيو آهيان-“
روشفور پنهنجي خاني مان ڪجهه ورق ڪڍيا جيڪي تمام سنهي لکت سان ڀريل هئا ۽ پڙهڻ لڳو: ”منهنجو تعارف هڪ قانون کان ڀڳل شخص سان ڪرايو ويو، اهو شخص جيڪو اسلامي دنيا ۾ هڪ مسلح ۽ انقلابيءَ جي حيثيت سان مشهور هو- شيخ جمال الدين جيڪو هڪ صوفي ماڻهو هو، سندس ڪاريون خوبصورت اکيون، ايتريون نرم ۽ ايتريون تيز ۽ سندس گهري ڪڻڪ رنگي ڏاڙهي جيڪا سندس ڇاتيءَ تائين ٿي آئي، اهي سڀ کيس هڪ مخصوص جلال ڏئي رهيون هيون- هو پيدائشي قائد نظر اچي رهيو هو- هن کي فرانسيسي تمام گهٽ سمجهه ۾ ايندي آهي، چئجي ته تمام مشڪل سان ڳالهائي سگهي ٿو، پر سندس ڦڙت ذهانت ان جو آسانيءَ سان حل ڪڍيو وٺي- سندس پرسڪون ۽ مطمئن سراپي پٺيان سندس سرگرم ۽ سرڪش دماغ آهي- اسان جلد ئي دوست ٿي وياسين ڇو ته خود منهنجو روح به جبلتن هڪ انقلابيءَ جو آهي ۽ مون کي سڀئي آزاديءَ جا مجاهد پُرڪشش لڳندا آهن…“
هن ورق جلد ئي پنهنجي خاني ۾ رکي ڇڏيا ۽ پوءِ روان ٿي ويو:
”جمال الدين جو ماديلين جي ويجهو ”رودوسيز“ جي هڪ هوٽل جي سڀ کان مٿين منزل تي ڪمرو ڪرائي تي ورتل هو- اها ننڍڙي جڳهه سندس اخبار جي ادارت جي لاءِ ڪافي هئي، جنهن جي ڳٺڙي ٺاهي هندوستان ۽ عربستان موڪلي ويندي هئي- صرف هڪ ڀيرو خوش آمد ڪري ڪري سندس ان ڀٽ ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو هٿ آيو، ڇو ته مون کي تجسس هو ته هو ڪيئن هوندو- مون جمال الدين کي ”ديوران“ ۾ مانيءَ جي دعوت ڏني ۽ واعدو ڪيو ته مان کيس پاڻ وٺڻ ايندس- مان سڌو سندس ڪمري تي پهتس- ڇت تائين لڳل اخبارون ۽ ڪتابن جي انبار سبب، جن مان ڪجهه سندس هنڌ کي به ڍڪي ويٺا هئا، اتي مشڪل سان چري ٿي سگهجيو- ڪمري اندر سگار جي ساهه ڪڍڻ جهڙي ڌپ به رچيل هئي-“
پنهنجي پسنديدگي جي باوجود هن آخري فقرو ڪجهه بدمزگيءَ جي شڪ سان ادا ڪيو هو، جنهن مون کي پنهنجو سگار جيڪو تمام نفيس ”هوانا“ هو ۽ مون اجهو اجهو ٻاريو هو اتي جو اتي وسائڻ تي مجبور ڪيو- روشفور ان تي مُرڪي منهنجا ٿورا مڃيا ۽ پوءِ جاري ٿي ويو:
”اهڙي ابتريءَ ۾ منهنجو استقبال ڪرڻ تي معذرت کانپوءِ، جيڪو هن چيو، مون جهڙي بلند مرتبي جي شان وٽان نه هو، جمال الدين ان ڏينهن مون کي پنهنجا ڪجهه پسنديده ڪتاب ڏيکاريا- خاص طور تي خيام جو ڪتاب جيڪو ڏاڍي شاندار ننڍڙين تصويرن سان ڀرپور هو- ان وضاحت ڪندي ٻڌايو ته اهو ڪتاب سمرقند سڏرائجندو هو، ۽ انهن رباعين تي مشتمل هو جيڪي شاعر خود پنهنجي هٿ سان لکيون، انهن واقعن سوڌو جيڪي حاشئي تي درج ڪيا ويا هئا، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته اهو ڪتاب ڪجهه لڪل رستن کان ٿيندو وٽس پهتو هو-“
”گڊ لارڊ!“
منهنجي نيڪ نيتيءَ سان چيل تعجب واري جملي تي سئوٽ آن ري هڪ وڏو فاتحاڻو ٽهڪ بلند ڪيو- اهو ان ڳالهه جي دليل هو ته منهنجو شڪ هاڻي بلڪل ختم ٿي چڪو هو ۽ هاڻي مان سندس هر هر لفظ تي ڌيان ڏيندس ۽ ان مان فائدو وٺڻ ۾ هڪ لمحو به نه وڃائيندس-
”ظاهر آهي، هاڻي مونکي جمال الدين کي چيل هر ڳالهه ته ياد نه هوندي“ هن بي رحماڻي انداز ۾ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو- ”ان شام اسان گهڻو ڪري سوڊان جي باري ۾ ڳالهائندا رهياسين- ان کانپوءِ مون ان پراڻي ڪتاب کي ٻيهر ڪڏهن نه ڏٺو، پر مان تصديق ڪري سگهان ٿو ته ان جو وجود هو، پر مون کي سچ ۾ اهو خوف آهي ته هاڻي اهو وڃائجي چڪو آهي. منهنجي دوست جي هر شئي سڙي وئي هئي، تباهه ٿي وئي هئي يا هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي وئي-“
”خيام جو پراڻو ڪتاب به؟“
روشفور جواب طور ڏاڍي حوصلا شڪن انداز ۾ چپ ٻاهر ڪڍي ڇڏيا، ان کان پهرين جو هو پنهنجو پاڻ کي پُرجوش وضاحت ۾ غرق ڪري ڇڏي، جنهن جي دوران هن هر هر پنهنجي يادگيرين جا حوالا ڏنا:
”جڏهن 1889 ۾ شاهه ‘عالمي نمائش ڏسڻ يورپ آيو ته هن جمال الدين کي واپس ايران موٽي وڃڻ جو مشورو ڏنو،’ ”ان جي بدران جو هو پنهنجي بچيل زندگي ڪافرن جي وچ ۾ گذاري،“ ۽ اشاري سان اها ڳالهه ڪري ويو ته کيس اعليٰ مرتبي تي فائز ڪندو- جلا وطن ڪجهه شرط پيش ڪيا: آئين جي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي، چونڊون ڪرايون وڃن، هڪجهڙائيءَ کي قانوني طور لاڳو ڪيو وڃي، ‘جيئن مهذب ملڪن جو شيوو آهي،’ ۽ جيڪي وڏيون وڏيون مراعتون غير ملڪي طاقتن کي ڏنيون ويون هيون، انهن تي پابندي مڙهي وڃي- اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته ان مد ۾ ايران جي صورتحال اسانجي ڪارٽون ٺاهڻ وارن لاءِ سالن کان هدف بڻيل رهي هئي: روسين جن وٽ پهرين کان ئي روڊن کي تعمير ڪرڻ جي هڪ هٽي هئي، هاڻي تازو ئي فوجي تربيت به سنڀالي ورتي هئن- شاهه سامونڊي ڦورن جو هڪ جٿو تيار ڪيو هو، جيڪو سڄي ايراني فوج ۾ هٿيارن جي لحاظ کان بهتر هو ۽ ان جي اڳواڻي به سڌي سنئين زار جي آفيسرن جي هٿ ۾ هئي، عيوضي ۾ انگريزن لڳ ڀڳ مفت، ملڪ جي سڀني معدنياتي ۽ جنگلاتي وسيلن مان فائدو وٺڻ جو اختيار حاصل ڪري ورتو هو، گڏوگڏ بينڪاري جي سڄي نظام جو انتظام به باقي آسٽرينس- ته ٽپال کاتو انهن جي قبضي ۾ هو- شاهه کان شاهي اختيار ۽ غير ملڪي هڪ هٽي ۽ رعايتون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي جمال الدين کي يقين هو ته کيس ڇنڀيو ويندو- ان جي باوجود اهو ڏسي سندس حيرت جي حد نه رهي ته شاهه سندس سڀئي شرط مڃي ورتا ۽ واعدو ڪيو ته ملڪ کي جديديت لاءِ کوليو ويندو-
”ائين جمال الدين ايران واپس موٽي آيو ۽ اتي ئي رهي پيو، شروع شروع ۾ حڪمران جي خادمن جي زمري ۾ هڪ رڪن وانگر حڪمران سندس ڏاڍي عزت ۽ تڪريم ڪئي، ايستائين جو ڏاڍي پرجوش انداز سان کيس پنهنجي حرم جي خواتين سان ملايو ويو- ان هوندي به سڌارا ملتوي ڪيا ويا- جيستائين آئين لاڳو ڪرڻ جو تعلق هو، مذهبي رهنمائن شاهه کي ان ڳالهه تي قائل ڪري ورتو ته اهو خدا جي قانون (شريعت) جي خلاف هوندو ۽ درٻارين اها اڳڪٿي ڪري ورتي ته چونڊون خود سندن اقتدار جي مٿان ڪاري ضرب هونديون ۽ سندن به ساڳيو حشر ٿيندو جيڪو لوئي شانز ڏهين جو ٿيو هو- ۽ غير ملڪي رعايتون؟ موجوده رعايتن تي پابندي مڙهڻ ته ٿيو هڪ پاسي، شاهه جيڪو هميشه ئي نقد ناڻي جي کوٽ جي شڪايت ڪندو رهندو هو، وڌيڪ نيون نيون رعايتون ڳچيءَ ۾ وڌائين: 15 هزار پائونڊ اسٽرلنگ جي حقير رقم جي بدلي هن هڪ انگريز ڪمپنيءَ کي ايراني تماڪ جي هڪ هٽي سونپي ڇڏي- نه صرف پرڏيهه اماڻڻ، پر ملڪ اندر فروخت ڪرڻ جي به اجازت ڏني- هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي هر مرد، هر عورت ۽ گهڻو ڪري ٻارن کي سگريٽ ۽ چِلم جي عياشيءَ جي عادت پيل هئي، اهو انتهائي نفعي بخش، مطلب ته هي انتهائي نفعي وارو سودو هو-
”تهران ۾ ايراني حقن جي هن آخري دستبرداري واري خبر جي اعلان کان پهرين، اطلاع ناما لڪيل طور ڊاهيا ويا، جن ۾ شاهه کي ان فيصلي کي منسوخ ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي- تان جو هڪ ڪاپي شاهه جي خواب گاهه ۾ به رکي وئي، ۽ هن کي شڪ ٿيو ته ان جو مصنف جمال الدين ئي هو. هٿياربند، جيڪو هاڻي پريشاني جي عالم ۾ هو، پُرسڪون هنگامه آرائي جو فيصلو ڪيو- اهو هڪ اهڙو رواج آهي جنهن تي ايران ۾ عمل ٿيندو آهي: جڏهن ڪنهن کي پنهنجي آزادي يا جان جو خطرو ٿيندو آهي ته هو تهران جي ويجهو ڪنهن قديم مبارڪ جاءِ تي وڃي ويهندو آهي، پنهنجو پاڻ کي تالابند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ملاقاتين کي اچڻ ڏيندو آهي، جن سان شڪوه شڪايتون ڪندو آهي- ڪنهن کي ان ڳالهه جي اجازت ناهي هوندي ته هو چانئٺ ٽپي مٿس هٿ وجهي- اهو ئي جمال الدين به ڪيو ۽ ائين هڪ وڏي هجوم کي حرڪت ۾ آندائين- کيس ٻڌڻ لاءِ ايران جي چپي چپي تان ماڻهن جا انبوهه اچڻ لڳا-
”سخت ناپسنديدگيءَ جي عالم ۾ شاهه کيس اتان هٽائڻ جو حڪم ڏنو، چيو وڃي ٿو ته ان ڏوهه ڪرڻ کان پهرين هو دير تائين ان کان نٽائيندو رهيو، پر سندس وزير، جنهن يورپ ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، کيس قائل ڪري ورتو ته جمال الدين کي ان طرزِ عمل جو ڪوبه حق نه هو. ڇو ته هو صرف هڪ فلسفي هو ۽ جڳ مشهور ڪافر- هٿياربند سپاهي ان مبارڪ جاءِ اندر گهڙي آيا، ماڻهن جي ان هجوم ۾ پنهنجي هلڻ لاءِ رستو ٺاهيائون ۽ جمال الدين کي گرفتار ڪيو ويو، سندس هر شئي تي قبضو ڪيو ويو ۽ پوءِ کيس اڌ اگهاڙي حالت ۾ گهليندا سرحد تائين وٺي آيا-
”ان ڏينهن، ان مبارڪ جاءِ تي، شاهه جي سپاهين جي بوٽن جي ترن هيٺان اهو پراڻو ڪتاب سمرقند ڪٿي وڃائجي ويو-“
پنهنجي روانيءَ ۾ رخنو وجهڻ کان بنا، روشفور اٿي بيٺو، ڀِت سان ٽيڪ لڳايائين ۽ پنهنجي پسنديده انداز ۾ پنهنجون ٻانهون سيني سان ويڙهي ڇڏيائين-
”جمال الدين جيئرو ضرور هو، پر بيمار ۽ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي سڪتي ۾ آيل هو ته ايترا گهڻا ملاقاتي، جيڪي ايتري شوق ۽ جوش سان کيس ٻڌي رهيا هئا، بزدلي سان بيٺا رهيا ۽ کيس کلي عام بي عزت ٿيڻ ڏنو ويو- ان ڳالهه مان هن ڪجهه عجيب نتيجا ڪڍيا- اهو ماڻهو جنهن پنهنجي زندگي ڪجهه مُلن جي پراڻ پسندي جي مذمت ڪندي گذاري هئي، جيڪو مصر، فرانس ۽ ترڪي جي مسيني (Masonic) تنظيمن جو باقاعده مسافر (سياح) هو- هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هو شاهه کي جهڪائڻ لاءِ پنهنجو آخري هٿيار استعمال ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو، هرچه بادا باد!
”ته هن ايراني مولوين جي سربراهه کي هڪ طويل خط لکيو، جنهن ۾ هن گذارش ڪئي ته پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري شاهه کي مسلمانن جي ملڪيت ڪافرن جي هٿان وڪڻڻ کان روڪين- ان کانپوءِ جيڪو ٿيو اهو توکي اخبارن وسيلي معلوم ٿي چڪو آهي-“ مون کي ياد آهي ته آمريڪي صحافت جي خبر مطابق شيعن جي اڳواڻ واقعي هڪ حيرت انگيز گشتي اعلان جاري ڪيو هو: ”جيڪو ماڻهو تماڪ استعمال ڪندو، ‘مهديءَ خلاف بغاوت جو مرتڪب ٿيندو، خدا ان جو ظهور جلد ئي ڪندو-’ ڏسندي ئي ڏسندي اها صورتحال پيدا ٿي جو ڪنهن ايراني هڪ سگريٽ به نه ٻاريو- حُقا، يعني ايران جا مشهور قليان، طاقن ۾ رکيا ويا يا ٽوڙي ڦٽا ڪيا ويا ۽ تماڪ وڪڻڻ وارن پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا- شاهه جي زالن جهل تي سختي سان عمل ڪيو- شاهه جا حواس خطا ٿي ويا ۽ هن مذهبي اڳواڻن کي خط لکيو جنهن ۾ انهن مٿان غير ذميداريءَ جو الزام هنيو، ”ڇو ته اهي انهن خطرناڪ اثرن کان بي پرواهه هئا، جيڪي تماڪ کان محروميءَ سبب مسلمانن جي صحت تي پوڻ وارا هئا-“
ان هوندي بائڪاٽ جاري رهيو ۽ ان جي نتيجي ۾ تهران، تبريز ۽ اصفهان ۾ جيڪي وڏا طوفاني مظاهرا ٿيا هئا، اهي ڌار ٿي ويا- چاهيندي نه چاهيندي تماڪ جي رعايت کي منسوخ ڪرڻو پيو-
”ان وچ ۾،“ روشفور پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”جمال الدين انگلينڊ لاءِ روانو ٿي چڪو هو- مان ساڻس اتي مليس ۽ ڏاڍيون ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ٿيون، هو ڏاڍو خراب حالت ۾ نظر آيو ۽ هر هر اهو چوندو رهيو، ”اسان کي ڪنهن نه ڪنهن ريت شاهه جو تختو اونڌو ڪرڻ گهرجي“ هو هڪ زخمي ۽ شرمندگيءَ ۾ ورتل ماڻهو هو ۽ پنهنجو انتقام وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به سوچڻ کان عاجز هو- خاص طور تي ان لاءِ ته شاهه، جيڪو سندس نفرت جو نشانو هو لارڊ سيلسبري کي هڪ غضبناڪ خط لکيو هو: ”اسان هن ماڻهوءَ کي ان لاءِ ملڪ مان ڪڍيو آهي، ته هي انگلينڊ جي مفاد خلاف ڪم ڪري رهيو هو، ۽ هي پناهه وٺي ٿو ته ڪٿي؟ لنڊن ۾“- شاهه کي سرڪاري طور تي اطلاع ڏنو ويو ته عظيم برطانيه هڪ آزاد ملڪ آهي، ۽ ڪنهن ماڻهوءَ جي آزاديءَ جي حق جي اظهار کي دٻائڻ لاءِ ڪو قانون استعمال نه ٿو ڪري سگهجي- نجي طور تي شاهه سان واعدو ڪيو ويو ته جمال الدين جي سرگرمين جي روڪٿام لاءِ قانوني ذريعا استعمال ڪيا ويندا، ۽ کيس چيو ويندو ته پنهنجو قيام مختصر ڪري- جنهن سبب هن قسطنطيه وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر دل ۾ موت کڻي-“
”ته هينئر هو اتي آهي؟“
”ها- مون کي خبر ڏني وئي آهي ته هو تمام ڏکويل حالت ۾ آهي، سلطان کيس اتي رهڻ لاءِ ڏاڍو نفيس گهر ڏنو آهي، جتي هو پنهنجن دوستن ۽ شاگردن جو آڌرڀاءُ ڪري سگهي ٿو، پر سندس ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي مڙهيل آهي، ۽ هو ڏاڍيءَ سخت نگراني هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي-“
***

