ادبنئون

هائپرسومنيا
ناول: باب ستون

عبدالرحيم جلد ئي ھيٺ لھي آيو ھو… ھو ھيٺ ته، لھي آيو ھو، پر پنھنجي اھڙي عمل کيس اچرج ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ھو… سندس انھيءَ اچرج جي اڻ لکي احساس ۾ پنھنجي پاڻ تي ملامت ھئي… انھيءَ ملامت جو احساس کيس ڄاري جيان ويڙھجي ويو ھو، ھن کي ڪرھت اچڻ لڳي ھئي، ھن پنھنجي پاڻ کي انھيءَ مان آزاد ڪرائڻ چاھيو ھو ۽ پاڻ کي سوچ جي انھيءَ نقطي تي آڻي بيھاريو ھئائين ته: ھو منيزه کي ڏسڻ نه آيو ھو، پر کيس ويلڪم چوڻ آيو ھو… انھيءَ ويلڪم چوڻ جي پٺيان ڪنھن ڪشش جو عمل دخل ھو، جنھن کان ھو شعوري طرح پاڻ کي بي خبر رکي رھيو ھو.
بلڪه ھو انھيءَ عمر ۾ گهڻن معاملن کان بي خبر رھڻ لڳو ھو… ۽ پوءِ ڏينھن گذرڻ سان پنھنجي زندگيءَ جي ڪيترين ئي ڳالھين ۾ بي پرواھه ٿي ويو ھو، سندس اھا بي پرواھي پنھنجي ديس جي درياءَ جھڙي ھئي.
سندس اھا لاتعلقي نه رڳي پنھنجي دنيا کان ھئي، پر ھو موسم، منظر ۽ ماڻھوءَ کان به پري ٿي رھيو ھو… مٿس اڪيلائيءَ جو سحر طاري ٿي ويو ھو، جيڪو کيس اندر جي اونھي، پراسرار ۽ خاموش دنيا ڏانھن وٺي وڃي رھيو ھو.
عبدالرحيم، منيزه کي تڏھن کان سڃاڻندو ھو، جڏھن کان ھوءَ ماريه جي ڪاليج ۾ بدلي ٿي آئي ھئي. ھوءَ ڊگهو قد ۽ سنھو بدن رکندڙ ھڪ خوبصورت عورت ھئي، بلڪه سندس جسم چھبڪ جھڙو ھو، ھوءَ جوانيءَ کي ڪڏھوڪو الوداع ڪري چڪي ھئي، پر منجهس عمر رسيده ٿيڻ سان ئي ھڪ اھڙي دلڪشي اچي وئي ھئي، جنھن جي ڪري مرد کيس پنھنجي شھوتي مينھن ۾ ڀڄائڻ چاھيندا ھئا.
ھڪ ڀيري عبدالرحيم کيس چيو ھو ته: ”ڪا عورت عمر چڙھڻ سان رحم جي قابل ٿيندي آھي، پر ڪا ته قاتل ٿيندي ويندي آھي!“ منيزه سندس ڳالھه جي اصل مقصد کي سمجهي وئي ھئي، ھن ھڪ مزاحيه لطيفي سان اھڙي گفتگو کي جلد ختم ڪري ڇڏيو ھو، ھن کي اھو فن حاصل ھو ته، مرد کي اکين سان قتل ڪري ڇڏي يا لفظن سان زخمي ڪري ڇڏي.
ھاڻي، عبدالرحيم کي منيزه پنھنجي شربتي جسم جي ڪري نه، پر پنھنجي ذھانت جي ڪري وڻندي ھئي…ھو سوچيندو ھو ته: حسين ۽ ذھين عورت مرد جي زندگيءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏيندي آھي! پر شرط آھي ته، مرد بذات خود ان مقام تي ھجي، جنھن تي عورت جي اکين جا خواب، آواز جي مڌرتا ۽ جسم جي نفاست کان خوابيده سفر جي دلڪشي کيس دوام بخشي سگهي! اتان کان ھو زندگيءَ جي خوشبوءِ ۾ معطر ٿي مھڪڻ لڳندو آھي، جيئڻ لڳندو آھي… سندس سوچ ۾ اھو جيئڻ ئي انساني زندگيءَ جو معراج ھو.
ڪجهه سال پھرين، عبدالرحيم شدت سان چاھيو ھو ته، سندس جسم جو ذائقو وٺي! جسم جي ذائقي جي ڇتي خواھش سان ئي ھو منيزه جي ڪچھرين جي ڪانٽي دار تارن ۾ گهايل ٿي، ھڪ دائري ۾ قيد ٿي ويو ھو. سرحد وطن جي ھجي يا عورت جي بدن جي پار ڪرڻ ايتري آسان ناھي ھوندي، جيتري اکين سان نظر ايندي آھي!
اھو مختصر دائرو ھڪ ڊگهي صحرا مثل ھو، انھيءَ صحرا ۾ رھندي کيس اڃ ماري رھي ھئي، جنھن ۾ نڙيءَ جي خشڪ ٿيڻ جي بجاءِ سندس دماغ خشڪ ٿي رھيو ھو.
خشڪ ساليءَ جي انھيءَ موت مار موسم ۾ کيس پنھنجي ان دوست جي ساٿ جي شديد ضرورت محسوس ٿي رھي ھئي، جيڪو ھاڻي پنھنجي ملڪ کان ٻاھر رھندو ھو، تنھن ھڪ ڀيرو کيس ڪچھريءَ دوران چيو ھو ته: ”خشڪي زمين جي ھجي يا عورت جي جسم جي، ٻئي بيحد ڪربناڪ منظر کي جنم ڏينديون آھن!“
پنھنجي ان دوست کي ياد ڪري کيس شدت سان احساس ٿيو ته، ھو بذات خود خشڪيءَ جو عڪس ٿي ويو آھي، ان گهڙيءَ کيس پنھنجو پاڻ ڏور صحرا ۾ ڪنھن اڪيلي وڻ مثل لڳو، جنھن کان بارش رسي وئي ھئي ۽ درياءَ جو وھڪرو پري ھو.
جڏھن عبدالرحيم پاڻ کي منيزه کان ٻاھر محسوس ڪيو ھو ته، وٽس مٺي پاڻيءَ جي وھڪرن جي ڪمي نه رھي ھئي… ھن وٽ ندين جا ڪَئين وھڪرا ھئا. ھو ھر ھڪ نديءَ ۾ تريو ھو، ترڻ جي انھيءَ تياڳ کان پوءِ ھو واپس پنھنجي پراسرار دنيا ۾ موٽي آيو ھو، جتي ازل جي اڪيلائيءَ سندس آجيان ڪئي ھئي.
… پر ان شام، جڏھن کيس خبر پئي ته، منيزه آئي آھي ته، پاڻ ھڪدم ھيٺ لھي آيو ھو، انھيءَ امالڪ کنيل قدمن ۾ سندس پراڻي خواھش جي ٽري ويل طوفان جو اڻ لکو احساس ھو… جڏھن کان ھن پارٽيءَ ۾ منيزه جي ساڙھي لٿل ڏٺي ھئي ته، خواھش جا ميثاريل آثار ظاھر ٿي پيا ھئس… پر الائي ڇو کيس خواھش جي انھيءَ جنم تي خوشي نه ھئي، ھن جي خواھش جو ٻيو جنم تجسس ۽ بي رحم حاصلات کان خالي ھو.
ھو باغيچي ۾ ويٺا ھئا ۽ ٻن ڏينھن کان پوءِ ٿيندڙ ڪانفرنس جي موضوع تي ڳالھائي رھيا ھئا… ۽ ماريه ھنن جي لاءِ چانھه ٺاھڻ ويل ھئي. ان ڏينھن منيزه کي پنھنجي ديس جو روايتي لباس اوڍيل ھو، سندس ڊگهي ڳچيءَ ۾ ھڪ ھار ھو.
انھيءَ ھار کي ڏسندي عبدالرحيم سوچيو: ڳچيءَ جي خوبصورتيءَ کي ھار جي ڪھڙي ضرورت!؟ سندس پھريل لباس کي ڏسي، کيس ياد آيو ته، ان ڏينھن پارٽيءَ ۾ کيس سائي رنگ جي ساڙھي پھريل ھئي.
”پر مان اھا ڳالھه ياد ڇو ٿو ڪرڻ چاھيان؟ جنھن جو ڪو به حاصل ناھي!“ ھن پنھنجي پاڻ کان سوال پڇيو. انھيءَ سوال سان ئي ھن سوچيو ته، ھر سوال جواب جو گهرجائو ھوندو آھي، پر ھي سوال ڪھڙي ڪم جو آھي؟ مون کي انھيءَ سوال کي ڇڏڻ گهرجي!
ٻي پل ئي سندس ذھن ۾ ھڪ ٻيو سوال واچوڙي جيان اٿي پيو ھو: منيزه کان پڇان ته: ”ان شام پارٽي ۾ سندس ساڙھي لٿي ھئي ڇا؟“
ان گهڙيءَ منيزه خاموشيءَ سان پاڻ سان آندل ڪاغذ ڏسي رھي ھئي، ھن پاڻ سان اھو مقالو آندو ھو، جيڪو کيس ڪانفرنس ۾ پڙھڻو ھو. عبدالرحيم ڪيئي ساعتون انھيءَ سوال تي سوچيندو رھيو ھو، پر کائنس اھا ڳالھه نه پڇيائين.
اوچتو منيزه جو آواز سندس ڪنن سان ٽڪريو، ”اسان وٽ ڏھاڙن ملھائڻ جو ۽ ڪانفرنسن جو ڪو خاص لاڀ ناھي ملندو!“ ھن خاموشيءَ سان ساڻس سھمت ٿيڻ جو اظھار ڪيو.
ماريه چانھه ڪاڙھي کڻي آئي ھئي. ھن چانھه ٽيبل تي رکي ته، منيزه کيس پنھنجو مقالو ڏسيندي چيو: ”وڏي مشڪل سان تيار ٿيو آھي، ھن تي ڪم ڪرڻ جو وقت ئي نه پيو ملي.“
ماريه کائنس مقالي وارا ڪاغذ ورتا… ۽ انھن تي سرسري نظر گهمائڻ لڳي وئي ھئي.
منيزه ۽ ماريه ڪافي دير انھيءَ مقالي تي ڳالھائي رھيون ھيون، ۽ عبدالرحيم اٿي، پنھنجي ڪمري ۾ ھليو ويو ھو… ان پل کيس شدت سان محسوس ٿيو ھو ته، ھو باغيچي مان ٻاھر ناھي نڪتو، پر ھڪ خطرناڪ خواب مان ٻاھر نڪري آيو آھي.
***