عورتن ۾ ڇاتيءَ جو ڪينسر گذريل 15، 20 سالن کان هڪ وڏي ۽ تيزي سان وڌندڙ بيماري ٿي اُڀري رھي آهي، جنھن جي شروعاتي اسٽيج تي سڃاڻپ تمام ضروري آھي. اچو ته عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جا سبب ڏسون ۽ ان کان بچاءُ جا احتياطي اپاءُ ڪهڙا آهن ان بابت ڄاڻ حاصل ڪريون.
جيڪڏهن خاندان ۾ ماءُ، ڀيڻ يا ماسيءَ کي ڇاتيءَ جو ڪينسر رهيو هجي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جو خطرو ايندڙ نسل ۾ وڌيڪ رھندو، عمر وڌڻ سان خطرو وڌي ٿو. 40 سالن کانپوءِ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جا امڪان وڌي وڃن ٿا. عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جن ۾ هي سبب اهم آهن: هارموني تبديليون به سبب ٿي سگھن ٿيون. Estrogen هارمون جيڪو عورت جي جسم ۾ جنسي نشونما، توليدي نظام ۽ حيض جي نظام کي نشونما ڏئي ٿو، ان جي گهٽتائيءَ يا واڌ سان عورتن جي جسم ۾ ڪينسر به ٿي سگهي ٿو. شادي نه ٿيڻ يا دير سان شادي ٿيڻ به ڪينسر جو ھڪ سبب ٿي سگھي ٿو. دير سان ٻار ڄمڻ، 30 سالن کانپوءِ پهريون ٻار ڄڻڻ به هارمون جي تبديلين ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. ٻار کي ٿڃ نه پيارڻ سڀ کان وڏو سبب شمار ٿئي ٿو. اڄڪلهه جي دور ۾ جڏهن اسان جو زندگي گذارڻ جو طور طريقو تبديل ٿي ويو آهي اهڙي وقت ۾ عورتن جو پنهنجي جسم کي سست رکڻ ورزش نه ڪرڻ. ان کان علاوه کاڌي پيتي ۾ صحتمند غذا جي بجاءِ بازار جي ٺهيل پراسيس ٿيل غذا جو استعمال به جسماني هارمونن ۾ تبديليءَ جو سبب بڻجن ٿا ۽ ان سان عورتن ۾ ڪينسر جي افزائش ٿئي ٿي.
ضروري آهي ته عورتون ان بيماريءَ کان بچاءُ لاءِ پنهنجي ڇاتين جو معائنو ڪن، جنهن لاءِ هو وهنجڻ وقت پنهنجي ڇاتين تي هٿ لڳائي ڪنهن به ڳوڙهي يا ڪنهن به تبديليءَ کي محسوس ڪندي ڊاڪٽر سان رابطو ڪن. ان کان علاوه 40 سالن کانپوءِ باقاعده ميموگرافي ڪرائڻ به هڪ اهم عمل آهي. جنهن سان ابتدائي مرحلي ۾ بيماريءَ جي شناخت ٿي سگهي ٿي. جن عورتن ۾ ھن بيماري جي خانداني تاريخ آهي، انهن لاءِ 30 سالن کانپوءِ به اسڪريننگ اهم آهي. روزانو هلڻ، ورزش ڪرڻ، تازيون ڀاڄيون، ميوا ۽ متوازن خوراڪ کائڻ گھرجي. چرٻي، ڳاڙهو گوشت ۽ ٻاهريون بازاري گند ڪچري وارو کاڌو کائڻ کان پاسو ڪجي. شادي وقت تي ٿيڻ ۽ ٻار کي وقت تي ڄڻڻ سان خطرو گهٽجي ٿو. ٻار کي کير پيارڻ عورت لاءِ حفاظتي عمل آهي، سگريٽ نوشي ۽ شراب کان مڪمل پرهيز ڪجي. پرامن ۽ صحتمند زندگي گذارڻ گھرجي. ڪاوڙ ۽ پريشانيون گهٽائڻ گھرجن.
ياد رهي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر جيڪڏهن پنهنجي شروعاتي مرحلي تي تشخيص ٿي وڃي ته ان جو ڪامياب علاج ٿيڻ ممڪن آهي.
جيڪڏهن ڪنهن به عورت يا ڪنواري ڇوڪريءَ جي ڇاتيءَ ۾ هيٺيون نشانيون جيئن سيني ۾ ڳنڍ يا ڦُوڪ، سينو دٻائڻ سان ڪا سخت ڳنڍ محسوس ٿيڻ، جيڪا اڳ ۾ نه هئي، اھا ڳنڍ شروع ۾ گهڻو ڪري بغير سور جي هوندي آهي. سيني جي ٻنھي پاسن جي سائيز ۽ شڪل ۾ تبديلي، هڪ سينو ٻئي کان وڏو يا ننڍو لڳڻ. سيني جي چمڙي ڇڪجڻ يا دٻجڻ. چمڙي ۾ تبديليون، ڳاڙهاڻ، سوڄ يا چمڙي جو ڇرڻ، نپل ۾ تبديلي، اندر ڌڪجڻ يا مڙي وڃڻ. نپل مان غير معمولي رطوبت (رت، پيلو يا شفاف پاڻي) اچڻ، بغل يا ڪلهي جي ويجهو گنڍو يا سوڄ محسوس ٿيڻ، سيني ۾ سور يا بيچيني، مسلسل سور يا سيني ۾ ڳرائي محسوس ٿيڻ. ڪجھ غير معمولي تبديليون به ٿين ٿيون جھڙوڪ: سيني جي مٿاڇري تي زخم يا ناسور، چمڙي ۾ ڦاٽ وغيره. اهي علامتون هر وقت بريسٽ ڪينسر جو مطلب نه آهن، پر پوءِ به جيڪڏهن ڪنهن ۾ اهڙيون تبديليون نظر اچن ته هڪدم ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اسپيشلسٽ سان رابطو ڪرڻ گهرجي. جلد تشخيص ئي صحتيابي جي سڀ کان وڏي ضمانت آهي.