ايشيا ڪپ 2025 جو سڀ کان وڌيڪ اھم سمجهيو ويندڙ مقابلو يعني پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ جيڪا 14 سيپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي، جتي ڀارت پاڪستان کي ست وڪيٽن سان شڪست ڏني، پر ڳالهه صرف هارائڻ يا کٽڻ تي ختم نه ٿي. هن ميچ کي تاريخي ۽ متنازع بڻائيندڙ اصل ڳالهه هئي ‘نو هينڊ شيڪ’، جنهن نه صرف اسٽيڊيم ۾ ويٺلن کي حيران ڪيو، پر دنيا جي ميڊيا، سياسي حلقن ۽ سوشل ميڊيا تي به وڏو بحث ڇيڙي ڇڏيو.
ڪرڪيٽ راند ۾ روايتي طور تي، ٽاس کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان هڪٻئي سان هٿ ملائيندا آھن، جيڪا ڪا رڳو رسم ناهي، پر “اسپورٽس مين شپ” جي علامت آهي، پر هن ڀيري پاڪستاني ڪپتان سلمان آغا ۽ ڀارتي ڪپتان سوريه ڪمار يادَو هڪٻئي سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو. ميچ ريفري اينڊي پائڪرافٽ اڳواٽ ئي هدايت ڏني هئي ته ٽاس وقت ڪوبه هينڊ شيڪ نه ٿئي، ڇو ته سياسي تڪرار جي ڪري اھو عمل نه ٿئي. اها ڳالهه اسٽيڊيم ۾ ويٺل تماشائين لاءِ به عجيب هئي، جيڪي ٻنهي ٽيمن جي “جنٽل مينز گيم” واري روايت جا عادي هئا.
ميچ جي پڄاڻيءَ تي جڏهن روايتي هينڊ شيڪ جو وقت آيو، پاڪستاني رانديگر قطار ۾ بيٺل رهيا، پر ڀارتي رانديگر سڌو پنهنجي ڊريسنگ روم ڏانهن هليا ويا ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيو. سلمان آغا پنهنجي ساٿين سان گڏ ڀارتي رانديگرن جي انتظار ۾ ئي رهجي ويو، پر ڪوبه ٻاهر نه نڪتو. اها صورتحال نه صرف رانديگرن لاءِ، پر ڪرڪيٽ جي مداحن لاءِ به حيرت جو باعث بڻجي وئي. ان وقت اهو محسوس ٿيو ڄڻ ڪرڪيٽ ميدان سياست جي اثر هيٺ اچي ويو هجي.
ڀارتي ڪپتان سوريه ڪمار يادَو پريس ڪانفرنس ۾ صاف چيو ته: “هي ميچ کٽڻ اسان لاءِ اهم هو، پر هينڊ شيڪ کان وڌيڪ وڏو مسئلو اسان جا قومي جذبا ۽ پهلگام حملي ۾ مارجي ويل بيگناهه ماڻهو هئا. هي فتح ڀارتي فوج ۽ انهن متاثرن جي نالي آهي.”
هن چيو ته اهو فيصلو صرف سندس ذاتي نه، پر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (BCCI) ۽ حڪومت جي مشاورت سان ڪيو ويو. مطلب ته ڀارت شعوري طور تي اهو قدم کنيو ته جيئن پاڪستان سان ڪنهن به قسم جي ڀائيچاري جو تاثر نه ملي. پاڪستاني ٽيم جو رويو ان جي ابتڙ هو. ڪوچ مائيڪ هيسن چيو ته: “اسان رانديگرن کي قطار ۾ بيهاري هينڊ شيڪ لاءِ تيار ڪيو، پر ڀارت انڪار ڪري ڇڏيو. هي مايوس ڪندڙ لمحو هو ۽ اسان کي لڳو ته راند جي روح کي ٽوڙيو ويو آهي.” پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) هن معاملي تي ايشيائي ڪرڪيٽ ڪائونسل (ACC) ۾ باقاعده شڪايت داخل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته “هينڊ شيڪ نه ٿيڻ راند جي اخلاقيات جي ابتڙ آهي.” ڪپتان سلمان آغا احتجاج طور پوسٽ ميچ پريزنٽيشن ۾ به شرڪت نه ڪئي، رڳو شاهين شاهه آفريدي اتي موجود رهيو.
ڀارتي ميڊيا هن قدم کي “اصلي جواب” قرار ڏنو ۽ لکيو ته هي ڀارت جي سخت موقف جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا ان کي “جانبدار ۽ غير اخلاقي” قدم سڏيو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم X اڳوڻي ٽوئيٽر تي #NoHandshake ٽرينڊ پڻ ھليو، جتي ڪجهه ٽوئيٽر صارفين لکيو ته:
ساڳي وقت ڪجهه ڀارتي ٽوئيٽر صارفين ڀارت جي فيصلي کي صحيح قرار ڏيندي لکيو: “ملڪ سڀ کان اول!” اھڙي طرح پاڪستاني ٽوئيٽر صارفين به پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني آهي حقيقت ۾ اھو راند جو حسن خراب ڪرڻ برابر آهي. اپريل 2025 ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي پهلگام ۾ دهشتگرد حملو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا هئا. ڀارت ان جو الزام پاڪستان تي لڳايو ۽ پوءِ ٻنهي ملڪن ۾ سرحدي ڇڪتاڻ وڌي وئي. ڀارت جون فضائي ڪارروائيون ۽ سفارتي لاڳاپا معطل ٿيڻ کانپوءِ جڏهن پهريون ڀيرو پاڪستان- ڀارت جو ميچ ٿيو ته واضح هو ته ماحول ڏاڍو ڳرو ٿيندو، پر ڪنهن کي به اميد نه هئي ته هينڊ شيڪ جهڙي معمولي، پر علامتي روايت کي به قربان ڪيو ويندو. هينڊ شيڪ نه ٿيڻ واري واقعي سان عالمي سطح تي هڪ وڏي بحث کي جنم مليو آهي. ڇا ڪرڪيٽ ۽ سياست کي جدا رکڻ ممڪن آهي؟ ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته ڀارت جو فيصلو قومي جذبن جي عڪاسي هو، پر ٻين جو چوڻ آهي ته هي “اسپورٽس مين شپ” موت جي برابر آهي. ايشيائي ڪرڪيٽ ڪائونسل تي به دٻاءُ آهي ته هو واضح موقف اختيار ڪري. پاڪستان ۽ ڀارت جا ميچ هميشه کان ئي جذباتي رهيا آهن، پر هينڊ شيڪ نه ٿيڻ واري ڪهاڻي هڪ اهڙي تاريخي يادگار بڻجي وئي آهي، جيڪا کٽڻ ۽ هارائڻ کان به وڏي ڳالهه بڻجي وئي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سپر فور يا فائنل ۾ جيڪڏهن ٻئي ٽيمون ٻيهر آمهون سامهون ٿين ٿيون ته ڇا تاريخ ورجائبي يا وري “هينڊ شيڪ” جهڙي ننڍڙي، پر وڏي علامت کي ٻيهر ورجايو ويندو.