مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ اسلام آباد پهچي ويو
جمعيت علماءِ اسلام ف جو آزادي مارچ پنهنجي آخري پڙاءُ اسلام آباد پهچي ويو. جتي جي يو آءِ جلسي جو اعلان ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم کي استعيفيٰ لاءِ ٽي ڏينهن ڏينداسين هن استعيفيٰ نه ڏني ته وڙهي وٺنداسين. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت ناجائز ۽ نااهل آهي. جنهن ملڪ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسين ڪنهن به اداري کي نشانو نٿا بڻائڻ چاهيون، حڪومت سڀني سياستدانن خلاف ڊراما بند ڪري، هيءَ نا اهل حڪومت ملڪ کي بحران مان نٿي ڪڍي سگهي اها پاڻ هلي وڃي.