مريم نواز ابوظهبي مان پاڪستان لاءِ رواني ٿي وئي
مريم نواز اڄ ڇنڇر ڏينهن 3 وڳي لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچندي، جڏهن ته ان جي استقبال لاءِ ليگي ڪارڪن ايئرپورٽ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. مريم نواز جي استقبال لاءِ ايئرپورٽ کان جاتي امرا تائين رستي ۾ بينر، پوسٽر لڳايا ويا آهن، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي نائب صدر لاهور ايئرپورٽ جي ٻاهر استقباليه ڪيمپ تي گڏ ٿيڻ وارن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي. پارٽي مريم نواز کي ريلي جي صورت ۾ وٺي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.