خاص

هڪ ڪروڙ 20 لک ڪٽنبن کي روڪ رقم ڏيڻ جو اعلان

ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪورونا امدادي فنڊ جي رقم ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ڪٽنبن کي پئسا ڏنا ويندا. هن هڪ بيان ۾ چيو ته صوبائي حڪومتن سان ملي حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون ته جيئن جائز ۽ مستحق ماڻهن جي مدد ڪري سگهون. هن چيو ته حڪومت بجلي ۽ گئس جا بل جمع ڪرائڻ ۾ ٽن مهينن جي مهلت ڏني آهي، حڪومت پيٽروليم مصنوعي شين جي اگهن ۾ به گهٽتائي ڪئي آهي. هن چيو ته 280 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي، 100 ارب رپيا ايمرجنسي لاءِ رکيا ويا آهن. 100 ارب رپيا ٽيڪس ري فنڊ ڪيا ويا آهن