وفاق طرفان سنڌ کي فراهم ڪيل پي پي ايز ناڪاره هئڻ جو انڪشاف

وفاق طرفان طبي عملي کي وائرس کان بچاءُ لاءِ سنڌ کي فراهم ڪيل پي پي ايز (پرسنل پروٽيڪٽو ايڪوئپمينٽس) ناڪارا هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ ۾ حفاظتي ڪٽون نه هئڻ ڪري طبي عملو وائرس جو شڪار ٿيڻ لڳو آهي. سنڌ حڪومت طرفان وفاق کي ڪارائتيون ٽيسٽ ڪٽون فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 15 ڏينهن ۾ 87 سيڪڙو ڪيس وڌيا آهن. ان حوالي سان ڳالهه وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم جي ڪورونا وائرس بابت سڏايل اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت دوران ڳالهائيندي چيو ته ايترو تيزي سان وڌندڙ ڪيس ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، تنهنڪري ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾ 783 ڪيس ٿي چڪا آهن. سنڌ حڪومت وٽ پي پي ايز سميت ٽيسٽنگ ڪٽن جي به کوٽ ٿي وئي آهي. آئيسوليشن سينٽرز ۾ ڪم ڪندڙ طبي عملي کي پي پي ايز فراهم ڪري انهن کي وائرس لڳڻ جي خطري کان بچائي سگهجي ٿو. ڊي جي، پي ڊي ايم اي چيو ته اسان پي پي ايز سنڌ حڪومت کي فراهم ڪيون هيون جيڪڏهن ختم ٿي ويون آهن ته وڌيڪ فراهم ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته جيڪي پي پي ايز فراهم ڪيون ويون انهن جي ڪارآمد هئڻ تي شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، تنهنڪري انهن کي استعمال نه ڪيو ويو آهي، جنهن تي وزير اعظم پي ڊي ايم اي کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سان ويهي پي پي ايز سميت ٽيسٽنگ ڪٽن جو مسئلو حل ڪريو
