خاص

بيروت ڌماڪو: حزب الله اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي

حزب الله بيروت ڌماڪن ۾ اسرائيل جي ملوث هئڻ جي صورت ۾ ان کي حملي جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي آهي. عرب خبر رسائيندڙ اداري مطابق حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ان جي تنظيم بيروت ڌماڪن جي تحقيقات جي نتيجي جو انتظار ڪندي ۽ جيڪڏهن ان تخريبڪاري ۾ اسرائيل ملوث هوندو ته ان کي ان جي برابر قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بيروت بم ڌماڪن جي متعلق ٻن نظرين جي جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي ته اهو حادثو هو يا امونيم نائٽريٽ ذريعي تخريبڪاري ڪئي وئي. حسن نصرالله مطالبو ڪيو ته روايتي سياسي پارٽين جي ذريعي لبنان ۾ نئين حڪومت قائم ڪئي وڃي. واضح رهي ته 4 آگسٽ تي بيروت جي ساحلي بندرگاهه تي خوفناڪ بم ڌماڪن ۾ 172 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ 6000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته اسرائيل انهن بم ڌماڪن ۾ ملوث هجڻ جي مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. بيروت جي بم ڌماڪن کانپوءِ لبناني وزيراعظم استعيفيٰ ڏني. ان کي غفلت ۽ بدعنواني قرار ڏنو ۽ سندس سموري ڪابينا استعيفيٰ ڏني.