شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ لاءِ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جي ڪليئرنس جي تجويز
قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي سب ڪميٽي جي ڪنوينر قومي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جي لاءِ ملٽري انٽيليجنس (ايم آءِ) ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر نور عالم خان جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ سب ڪميٽي جي اجلاس ۾ 8 لک رد ٿيل پاسپورٽن جي باري ۾ ڪيل آڊٽ تي گفتگو ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ قومي خزاني کي 28 لک 60 هزار رپين جو نقصان ٿيو آهي. نور عالم خان وڌيڪ چيو ته پاسپورٽ آفيس ۽ نادرا ۾ غفلت ۽ بدعنواني سبب افغان شهرين به شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺهرائي ورتا آهن. بدعنوان ماڻهو پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن جڏهن ته (ايف آءِ اي) ۽ ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه ڪري رهيو آهي. جنهن کانپوءِ هن تجويز ڏني ته شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جي ڪليئرنس کان بغير جاري نه ڪيو وڃي. هن طريقي سان غير ملڪين کي پاڪستاني پاسپورٽ ذريعي ملڪ جي بدنامي کان روڪي سگهجي ٿو. جنهن بعد پرڏيهي سيڪريٽري ميجر (ر) سليمان اعظم خان چيو ته ادارن تي ڀروسو ڪريو اهي به توهان وانگر پاڪستاني آهن ۽ اهي به توهان وانگر وفادار آهن. جڏهن ته وزارت هن معاملي جي تحقيقات ڪرائيندي.

