ايڊيٽوريلنئون

سنڌ پوليس پنهنجي ذميدارين ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي

پوليس ڪنهن به معاشري ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ادارو آهي، ان جون بنيادي ذميواريون تمام گهڻيون وسيع آهن. پوليس جي اهم ذميدارين ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته اها قانون لاڳو ڪري ته جيئن معاشري ۾ غير قانوني طور تي ٿيندڙ ڪمن کي روڪي ڏوهارين ۽ مشڪوڪ ماڻهن کي قانون جي ڪهٽڙي تائين پهچائي سگهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪو ڏوهه ٿي وڃي ته ڏوهارين کي گرفتار ڪري ان جي تحقيق ڪري ۽ اصل ڏوهارين تائين پهچڻ ۾ پنهنجو قانوني ڪردار ادا ڪري. رياست جي هن اداري کي ان ڪري ٺاهيو ويو آهي ته جيئن عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ هن اداري جي ذريعي ٿي سگهي. پوليس جي اها ذميداري آهي ته اها ڏوهارين تي نظر رکي ۽ معاشري ۾ اهڙن ماڻهن کي سرگرم ٿيڻ کان روڪي جيڪي معاشري جي ذميدار ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙ شهرين جي زندگين کي متاثر ڪري انهن کي تڪليف پهچائين ٿا، پر هن وقت سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار به مشڪوڪ نظر اچي ٿو.

سنڌ جو عوام جيڪو هونئن ئي ڪيترن تڪليفن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، جنهن ۾ غربت، بيروزگاري سڀ کان اهم آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ اغوا براءِ تاوان جو ڏوهه هڪ عام ڏوهه بڻجي چڪو آهي. خاص طور تي ڪچي جي علائقي اتر سنڌ جي ضلعن جهڙوڪ: ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ۾ اهو هڪ بنيادي مسئلو بڻيل آهي. ڌاڙيل واپارين، زميندارن ۽ هاڻي ننڍن ٻارن کي به اغوا ڪري انهن کان وڏو تاوان طلب ڪن ٿا.

رپورٽن مطابق ڌاڙيل هر سال اربين رپيا تاوان طور وصول ڪندا آهن، پر پوليس هن مسئلي کي ختم نه ڪري سگهي آهي. لڳي ائين ٿو ته اها ڪچي جي ڪا معيشت بڻجي گڏوگڏ هلي رهي آهي. ان کان علاوه سنڌ جي ڪراچي سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ موبائل فون، موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جو ڦرجڻ، رستن تان ماڻهن کي بيهاري انهن جو قيمتي سامان ۽ پئسا ڦرڻ، گهرن اندر داخل ٿي ڦرون ڪرڻ هڪ عام معاملو بڻجي چڪو آهي.

صرف ڪراچي ۾ 2024ع ۾ اٺن مهينن اندر 45 هزار اسٽريٽ ڪرائيم جا واقعا ٿيا. ان کان علاوه هر روز اخبارن ۾ مختلف تڪرارن تان عورتن ۽ مردن جو قتل عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ تازوئي نوابشاهه ۾ زمين جي تڪرار تان  ڀنگوار برادريءَ جي ڇهن نوجوانن جو قتل ٿيو، جن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان هو، جيڪي ڪيس جي ٻڌڻيءَ جي لاءِ وڃي رهيا هئا. سنڌ جو عوام روزاني جي بنياد تي اهڙيون خبرون ۽ رپورٽون اخبارن ۽ ميڊيا تي ڏسي ۽ پڙهي خوف ۽ نااميديءَ جي صورتحال جو شڪار ٿي چڪو آهي.

عوام پنهنجي حڪومت کان اهو سوال ٿو پڇي ته ڇا هو جيڪي سڌا ۽ اڻ سڌا ٽيڪس ڀري پنهنجن ادارن جي آفيسرن کي پگهارون ادا ٿو ڪري، هي سڀ ان جو ئي بدلو آهي يا اها ڪا ٻي پلاننگ آهي؟ جو سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي هن نهج تائين پهچايو ويو آهي، جو ڪوبه ماڻهو چاهي اهو ڪهڙي به شهر ۾ يا ڳوٺ ۾ رهندو هجي پنهنجو پاڻ کي محفوظ محسوس نٿو ڪري. نوابشاهه واري واقعي کانپوءِ يقينن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پر ان واقعي کي ٿيڻ کان اڳ ڇو نه روڪيو ويو؟ ان جي لاءِ ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا.

اهي سڀئي سوال پيدا ٿين ٿا پوليس جي نمائنده آءِ جي غلام نبي ميمڻ صاحب جي ڪارڪردگي مٿان جيڪو هن وقت سڄي سنڌ جي پوليس جي نمائندگي ڪري هن محڪمي کي هڪ اڳواڻ جي طور تي هلائي رهيو آهي. ڪچي جو علائقو عوام جي لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي، اتان لنگهڻ، اتي رهڻ ۽ اتي ڪنهن به ڪم سان ڪنهن ماڻهو سان ملڻ لاءِ وڃڻ ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ هڪ اهڙي رياست ۾ پير وجهڻ آهي جتي صرف دهشتگرد رهندا هجن. ڪچو هن وقت سنڌ جو حصو نه، پر ڪا ڌار دنيا محسوس ٿئي ٿي.

سنڌ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرائڻ جي لاءِ جيڪي به قدم کنيا آهن اڃان تائين اهي ڪوبه نتيجو نه ڏيئي سگهيا آهن. ڌاڙيلن جي پٺيان جيڪڏهن ڪي طاقتور ڌريون آهن، حڪومت کي انهن تي هٿ وجهي انٽيليجنس ايجنسين جو استعمال ڪري ان نيٽ ورڪ کي جلد کان جلد بي نقاب ڪرڻ گهرجي، نه ته عوام جو ڀروسو سنڌ حڪومت تان جيڪو هن وقت تائين گهٽجي چڪو آهي اڳتي هلي ختم ٿي سگهي ٿو.

اهڙي صورتحال سنڌ حڪومت جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. عوام هن وقت مايوسي جو شڪار آهي، ڇو ته اغوا، قتل ۽ اسٽريٽ ڪرائيم عوام جي زندگين کي روزانو جي بنياد تي ايترو متاثر ڪري ڇڏيو آهي جو اهي پنهنجا ڳوٺ ڇڏي لڏڻ جي لاءِ مجبور ٿي يا ته ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آهن يا وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. حڪومت کي جيڪڏهن صوبي ۾ امن امان کي بهتر ڪرڻو آهي ته سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻو پوندو، ان کانسواءِ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ ناممڪن آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ پوليس جي جديد ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان بهتر تربيت ٿيڻ گهرجي ته جيئن پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ٿئي ۽ ان تي عوام جو اعتماد وڌي سگهي.

هن وقت پوليس ۾ ڀرتين ٿيڻ کان وٺي بدلين ٿيڻ تائين سياسي مداخلت تمام گهڻي نظر اچي ٿي، جنهن جي ڪري سنڌ پوليس جا وڏا وڏا آفيسر آزاداڻي نموني سان پنهنجي ذميداري پوري ڪري نٿا سگهن، جنهن جي لاءِ حڪومت به قصوروار نظر اچي ٿي. ان کان علاوه پوليس جي محڪمي مان به اها شڪايت اچي ٿي ته پوليس وٽ جديد هٿيارن، تربيت ۽ ٻين وسيلن جي شديد کوٽ آهي، جيڪا واقعي به سنڌ پوليس جي حالت کي ڏسندي نظر اچي ٿي. ضروري آهي ته هن اداري کي بدعنواني کان بچائڻ جي لاءِ ۽ سياسي ڀرتين کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن، آفيسرن کي درست فيصلا ڪرڻ جي لاءِ آزادي ڏني وڃي، انهن جي ڪارڪردگي کي جاچڻ جي لاءِ نظام جوڙيو وڃي ۽ انهن جا پروموشن سندن بهتر ڪاڪردگيءَ سان سلهاڙيل هجڻ گهرجن.

جيڪڏهن پوليس جو ڪوبه ذميدار آفيسر ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ملي ته ان کي قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي. پوليس ۽ عوام جو رشتو تمام گهڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن پوليس اهو ثابت ڪندي ته اها ڏوهارين سان گڏ ناهي، بلڪه اها شهرين جي حفاظت تي مامور آهي. ان جي لاءِ سنڌ حڪومت کي نئين سري کان هن اداري کي ترتيب ڏيڻو پوندو ۽ پاليسيون ٺاهڻيون پونديون ته جيئن سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي.