ايڊيٽوريلنئون

پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو

            وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو آهي. تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو بار سڌو سنئون عام ماڻهو تي پوي ٿو ۽ انهيءَ سان انهي جي خريد ڪرڻ جي سگهه تي منفي اثر پون ٿا. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو گهڻ طرفي مهانگائي کي پيدا ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو ملڪ جو صنعتي ۽ زرعي شعبي جو پيداواري عمل ٻين ضرورتن سان گڏ تيل تي به دارومدار رکي ٿو. زراعت جي شعبي ۾ پوک لاءِ هلندڙ مشينري کان وٺي ٽيوب ويل تائين ڊيزل ۽ پيٽرول جي ضرورت پوي ٿي ۽ انهيءَ جي استعمال کانسواءِ زراعت هڪڙي جاءِ تي بيهي رهندي. اهڙي طرح صنعتي شعبي ۾ به تيل جي ضرورت آهي، پر اسين اها ڳالهه ڪنداسين ته ملڪ جو هر شعبو ٽرانسپورٽ کان وٺي توانائي تائين تيل تي دارومدار رکي ٿو.

            پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو سڀني شين جي پيداواري لاڳت ۾ اضافو ڪري ٿو. انهيءَ ڪري مهانگائي ۾ واڌ اچي ٿي، جنهن جو شڪار ملڪ جو غريب عوام آهي. سياستدان ۽ سياسي پارٽيون ماڻهن جي ڳالهه ڪنديون رهيون آهن ۽ عام عوام سان انهن جي ڀلي لاءِ واعدا ڏينهن رات ڪيا وڃن ٿا، پر عمل ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. هتي اها ڳالهه ڪبي ته وزارت پيٽروليم کي پنهنجا مسئلا وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ گهرجن ته جيئن پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون ڪجهه وقت لاءِ مستحڪم رهي سگهن. جيڪڏهن قيمتن جو اهو استحڪام ٿي ٿو وڃي ته انهي جي نتيجي ۾ مهانگائي گهٽجي ويندي. انهي ڳالهه کان به انڪار ڪونهي ته تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو نظر ٿو اچي، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ مسلسل واڌ جو رجحان جاري آهي ۽ تازو تيل جون قيمتون اڍائي مهينن جي بلند ترين سطح کان به مٿي چڙهي ويون. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي في بيرل قيمت 77 ڊالر في بيرل کان مٿي چڙهي وئي آهي. اهو اضافو گذريل سال آڪٽوبر جي مهيني کانپوءِ هيستائين جو وڏي ۾ وڏو اضافو آهي. اسان جو ملڪ گهڻو ڪري تيل ٻاهران گهرائي ٿو. انهيءَ ڪري اسين خزاني واري وزارت ۽ توانائي جي وزارت جي مسئلي کي به سمجهون ٿا ته جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون مسلسل وڌي رهيون آهن، تڏهن اسين پنهنجي ملڪ ۾ تيل جون قيمتون ڪيئن ٿا گهٽائي سگهون. انهيءَ حقيقت جي موجودگيءَ ۾ به اسين سمجهون ٿا ته سرڪار جيڪڏهن چاهي ته توانائي جي وزارت ۽ خزاني جي وزارت ڪجهه سهولت ڏئي ماڻهن کي ڪجهه وقت لاءِ تيل جون قيمتون هڪ مقرر اگهه تي ڏين ته جيئن اسان جي سڀني پيداواري شعبن ۾ جتي تيل جو استعمال ٿئي ٿو، اتي پيداواري لاڳت گهٽ ٿي سگهي. انهيءَ عمل جو سڌو فائدو ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام کي ٿيندو. هتي اسين وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن کي اهو چونداسين ته اهي تيل جو متبادل تلاش ڪن ته جيئن پيٽرول ۽ ڊيزل جي طلب گهٽجي، طلب گهٽبي ته قيمتون گهٽ ٿينديون، اهو معاشيات جو اصول آهي. سنڌ حڪومت تحسين جي مستحق آهي ته انهيءَ بجلي تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي متعارف ڪرايو آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي کانسواءِ ٻين شهرن ۾ به اليڪٽرڪ بسون هلي رهيون آهن، ۽ ائين به ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته موٽرسائيڪلون به اليڪٽرڪ توانائي تي هلي رهيون آهن. اهي بهتر ڳالهيون آهن ته اسان جي سماج ۾ تبديلي اچي رهي آهي ۽ سولر جو استعمال به گڏوگڏ زراعت ۽ گهريلو ضرورتن جي لاءِ وڌي رهيو آهي، پر انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته اسان جي زرعي ۽ صنعتي شعبن کي گهربل توانائي جو بنيادي ذريعو پيٽرول ۽ ڊيزل آهي.

            تيل جون قيمتون سرڪار جيئن ته هر پندرهين ڏينهن وڌائي ٿي، سال 2025 جي شروعات وارن پندرنهن ڏينهن لاءِ به پيٽرول جون قيمتون وڌايون ويون هيون. هن سال پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون هر پندرهين ڏينهن وڌي رهيون آهن. اسين وفاقي سرڪار کان اميد ٿا ڪريون ته اها اهڙي حڪمت عملي ٺاهي جنهن سان تيل جون قيمتون ڇهن مهينن تائين يا هڪ سال تائين مستحڪم ٿي سگهن. جيڪڏهن ائين ٿي سگهيو ته ملڪ ۾ زراعت ۽ صنعت سان لاڳاپيل شعبن ۾ بهتري ايندي ۽ مهانگائي جي لهر ۾ گهٽتائي اچي ويندي.