ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو ميئر مصطفيٰ ڪمال زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۾ گهربل قرار

نيب، پاڪ سر زمين پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ايم ڪيو ايم جي ميئر مصطفيٰ ڪمال کي 5500 ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۾ ملوث قرار ڏيندي سندس خلاف ريفرنس عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. ريفرنس ۾ ڪل 11 ڄڻن کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي جنهن ۾ مصطفيٰ ڪمال به شامل آهي، هن زمين جي الاٽمينٽ بحريا ٽائون تي ڪئي وئي هئي. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته زمين جي اصل قيمت 2.15 ارب رپيا هئي جڏهن ته ڪاغذن ۾ اها 260 ملين ظاهر ڪئي وئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي سودو غير قانوني آهي ۽ ان سودي ۾ قائدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.  

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments