وزيراعظم اپوزيشن جي ميثاق معيشيت جي پيشڪش قبولي ورتي
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي آهي، هن ملاقات ۾ هائوس هلائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي، اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن جي بجيٽ تقريرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته خصوصي پارلياماني ڪميٽين جي تشڪيل ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اسپيڪر اسد قيصر بجيٽ پاس ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ وزيراعظم اپوزيشن سان ميثاق معيشيت طئي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اعليٰ سطحي پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي ۽ امڪان آهي ته ميثاق معيشيت ڪميٽي ۾ سينيٽ ۾ قومي اسيمبلي جي مڙني سياسي جماعتن مان ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو. واضح رهي ته ميثاق معيشيت ڪميٽي جي تجويز اپوزيشن جماعت ڏني هئي ته جيئن سياسي جماعتن جا اهم اڳواڻ ملڪي معيشيت ۾ بهتري لاءِ تجويزون ڏيئي سگهن.

