خاصنئون

عمران خان ايترو ئي ظلم ڪري جيترو برداشت ڪري سگهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ايترو ظلم  ڪري جيترو هو برداشت ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن مان حڪومت ۾ آيس ته پنهنجي هر ڳوڙهي جو حساب وٺندومانس. نوابشاهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ عوام ۽ سنڌ دشمن آهي. هي بجيٽ کي پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر اسان اهو ٿيڻ نه ڏينداسين ڪابه جماعت عوام دشمن بجيٽ کي ووٽ نه ڏئي جيڪا جماعت ان بجيٽ کي ووٽ ڏيندي ان کي مهانگائي جو حساب ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو هتي ٻه پاڪستان آهن هڪ عوام لاءِ ۽ ٻيو عمران خان لاءِ، غريبن لاءِ ٽيڪس ۽ اميرن لاءِ ايمنسٽي اسڪيم ڏيڻ ظلم آهي. آصف زرداري جي دوستن جا اڪائونٽ حرام ۽ عمران خان جي دوستن جا حلال آهن. عمران خان جي آف شور ڪمپني حلال ۽ نواز شريف جي حرام آهي. بلاول چيو ته عمران ايترو ظلم ڪري جيترو برداشت ڪري سگهي ٿو. مولانا فضل الرحمان جي حڪومت آئي ته هو عمران خان کي سنگسار ڪري ڇڏيندو. جيڪڏهن نواز شريف جي حڪومت آئي ته ياد رکو عمران خان توهان جي گهر ۾ به عورتون آهن ۽ جيڪڏهن مان حڪومت ۾ آيس ته پنهنجي هر هڪ ڳوڙهي جو حساب وٺندس. حڪمرانن کان غريبن تي ڪيل ظلم جو حساب وٺندس.