ڊرون ٺاهڻ جي پرڏيهي مقابلي ۾ پاڪستان جي پهرين پوزيشن

برطانيه ۾ هر سال انسٽيٽيوشن آف مڪينيڪل انجنيئرز پاران ڊرون ۽ هيلي ڪاپٽر وغيره ٺاهڻ جو عالمي مقابلو ٿيندو آهي. جنهن ۾ هن سال نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي شاگردن به پنهنجو تيار ڪيل هيلي ڪاپٽر ڊرون هن مقابلي ۾ پيش ڪيو جنهن کي مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ٿي وئي آهي. هن مقابلي ۾ نسٽ ايئر ورڪس Nust Air Works پاران پيش ڪيل ڊرون مڪمل طور تي بجلي تي هلندڙ آهي جڏهن ته مقابلي ۾ شامل ٻين شاگردن فڪسڊ ونگ وارا ننڍڙا جهاز آندا هئا. نسٽ جي ٽيم کي پهرين پوزيشن ۽ ڪوئينز يونيورسٽي بيلفاسٽ جي ٻن گروپن کي ٻين ۽ ٽين پوزيشن حاصل ٿي.

 

يوٽويب  آءِ ايم اي سي ايچ اي ۽ نسٽ جي ٿورن سان

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *