طالبان جن ٻن ڏهاڪن تائين جهاد جي نعري هيٺ آمريڪا خلاف جنگ ڪئي، پر آخرڪار آمريڪا اڳيان پاڻ ئي جهڪي ويا آهن. اهي سمجهن ٿا ته آمريڪا کانسواءِ انهن جو گذر سفر مشڪل ٿي ويندو ۽ خطي ۾ جي امن ٿي ويو ته افغان مجاهدين بک مري ويندا، ان ڪري جيئن آمريڪا چئي ۽ جنهن ۾ آمريڪي ۽ بين الاقوامي ڌريون ۽ ايجنسيون راضي هجن سو ڪجي. امن هن خطي جي نصيب ۾ ناهي ۽ مذهبي شدت پسندي هن خطي کي ڏاج ۾ مليل آهي، ان ڪري ته ڪوشش ڪرڻ به سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي. حقيقت اها به ڏسجي ته سرد جنگين جي خاتمي کانپوءِ “پوسٽ ڪولڊ وارز” جي شروعات ۾ اسان جو خطو ئي آمريڪا جي لاءِ آسان ترين رهيو آهي، جو هو هتي پنهنجي سپر پاوري جي آبياري ڪري سگهي ٿو ۽ جيئن نيٽو فورسن جي جاءِ تي طالبان يا خاص ٽي ٽي پي کي پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهي، ائين ڪرڻ سان نانگ به مري پوندو ۽ لٺ به بچي پوندي. ڇو جو نيٽو فورسن جي هجڻ سان آمريڪا پاڻ طالبان جي مزاحمت کي منهن ڏنو، جو “گڊ ۽ بيڊ طالبان” رڳو پاڪستاني يا افغاني برانڊ نه هئي، جن آمريڪي فوجن کي يرغمال بڻايو، جنهن ۾ آمريڪا جون پاڻ وايون بتال هيون ته ٿئي ڇا پيو؟ جو آمريڪا پاڻ نيٽو فورسن جي ناڪامي تي وائڙو هو، هنن ته اهڙي جنگ شروع ڪئي هئي، جنهن جو توپون آخر پاڪستان ڏانهن موڙي ڇڏڻيون هيون، سو هنن اهو ڪرڻ ۾ دير ڪئي يا نه ڪري سگهيا ۽ رهندو ڪندو اهو ڊسمبر 2021 ۾ پاڻ پنهنجي سر افغانستان مان ڀڄي جان ڇڏائي ويا، جيڪو هڪ گڏيل ڊرامو هو، جنهن جون قسطون اڃان باقي آهن يا فلم ته اڃان باقي آهي واري ڳالھه ٿي بيهي ته آمريڪا اڃان ساهي پٽي آهي. ڇو ته آمريڪا کي پاڪستان سان گڏ پنهنجن وڏن مخالفن کي به منهن ڏيڻو آهي، جيڪي چين ۽ روس جي شڪل ۾ هن خطي ۾ موجود آهن، جن تي ڦيرائي گهيرائي وڪڙ چاڙهيندو رهي ٿو، جو ڪڏهن بايولاجيڪل جنگين جي چڪر ۾ ته ڪڏهن چيني ڪمپنين جي پابندي جي چڪر ۾ ته ڪڏهن سي پيڪ جي منصوبن جي رنڊ روڪ ۽ بلوچستان جي اندر مداخلت جي صورت ۾.