بلاگنئون

وڪيلن جو احتجاج ڪهڙو رنگ لائيندو!؟

پنجاب ويندڙ قومي شاهراھ ٻٻرلوءِ ۽ شڪارپور باءِ پاس روجھاڻ مزاري وارا ٻئي رستا 18 تاريخ تي وڪيلن طرفان بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو پاران سنڌ واسين کي ڌرڻن ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي. هن تحريڪ جو مقصد سنڌو درياءَ مٿان ڪوبه ڪئنال نه ٺاهڻ آهي. هيءَ تحريڪ رڳو وڪيلن جي نه پر سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي تحريڪ بڻجي وئي آهي. ايتري تائين جو سنڌ حڪومت پڻ احتجاجن ۾ شريڪ ٿي قومي ٻڌيءَ جو ثبوت ڏيئي رهي آهي ۽ پنجاب خلاف هر محاذ تي سراپا احتجاج پارٽيون اهو واضح ڪري رهيون آهن ته سنڌ جي وسيلن سميت درياءَ بادشاهه تي ڪوبه ڪئنال يا ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين. ڇو ته سنڌوءَ کان سواءِ اسان جي نه سگهنداسين. پاڻي جياپو آهي مسلسل ٽن مهينن کان احتجاج بعد به پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. ڪالهه پنجاب ايريگشن ارسا کي خط لکيو آھي ته پنجاب کي وڌيڪ کوٽ ڏيئي سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. ھن وقت پنجاب جو حصو 70100 ڪيوسڪ آھي، مگر پنجاب پاڻي انڊينٽ 44600 ڪيوسڪ جو آھي. مطلب پنجاب خود ڄاڻي واڻي گھٽ پاڻي کڻي پيو ان کي ايتري ضرورت ناھي ۽ ھو پنھنجو پاڻي بچائي پيو. اصل ۾ پنجاب ايريگيشن ڪجھه ڏينھن اڳ خود چيو ھو ته اسان کي تونسا بئراج تي سالانه بندي ڪرڻي آھي، چشما ڊائون تي اسان کي پاڻي نه کپي.

ھن وقت جھلم درياءَ جو 45 سيڪڙو پاڻي منگلا ۾ گڏ ڪيو پيو وڃي. چناب درياءَ تي ڪجھه ڏينھن اڳ برساتن سبب تمام گھڻو پاڻي آيو ھو اھو به پنجاب ايريگيشن چناب تان راوي درياءَ تي وھڪرا موڙي پاڻي ضايع ڪري ڇڏيو ۽ پنجاب جي حصي مان به نه ڪٽيو. ھن وقت سنڌو دريا تي تونسا بئراج جا واھ بند آھن. پنجاب پنھنجي حصي جو پاڻي 4000 ڪيوسڪ تونسا پنجند (ٽي پي) لنڪ ڪئنال ذريعي ٻئي پاسي کڻي پيو وڃي. ھوڏانھن ھن ارسا کي چيو آھي ته اسان کي سنڌو درياءَ جي ڪمانڊ تي پاڻي جي ضرورت ناھي اسان کي سنڌو مان چشما جھلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻي موڙي چناب واري پاسي پاڻي ڏيو. پنجاب کي جيڪڏھن سنڌو درياءَ تي ايتري ضرورت ھجي ھا ته ھو ڪالا باغ تي ٿل ڪئنال، تونسا تي مظفر ڳڙھ ڪئنال ۽ ڊي جي ڪئنال تي پاڻي کڻي ھا، مگر پنجاب ايريگيشن جي ڊمانڊ آھي ته اسان کي حصي جو پاڻي CJ لنڪ ۽ TP لنڪ ڪئنال ذريعي چناب واري پاسي پاڻي ڏيو. جڏھن ته ھو جھلم چناب زون تي جھلم درياءَ جو پاڻي کڻي سگھن ٿا، مگر اھو پاڻي منگلا ۾ گڏ ڪن پيا. سنڌ لاءِ ڇڏيل 35000 ڪيوسڪ مان گڊو بئراج وٽ 27900 ڪيوسڪ پاڻي پھچي پيو 20 سيڪڙو پاڻي لائن لاسز آھي اھو به پنجاب جي سر زمين تي. سکر بئراج تي 48 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 36 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آھي. کوٽ ۽ نه کڻڻ ۾ فرق آھي جيئن ھن وقت گڊو بئراج تي کڻت زيرو آھي ان جو مطلب اھو ناھي ته گڊو تي 100 سيڪڙو کوٽ آھي.

سنڌ کي وونئڻن جي پوکائي ته ٺھيو، پر بيٺل فصل کي بچائڻ لاءِ به پاڻي پورو نٿو ملي. ان ظلم خلاف پوري قوم سراپا احتجاج رهي، پر وري چيائون سنڌ جو پاڻي سمنڊ ۾ وهي ذيان پيو ٿئي. ان جو جواب به کين ملي ويو ته سمنڊ ۾ ڪرندڙ هڪ ڪيوسڪ به ڊيلٽا لا۽ اهم آهي. سڄي دنيا ۾ دريائن جو پاڻي سمنڊ يا ڍنڍن ۾ ڪرندو آهي، پر هتي اختيارين وارا غلط فهمي ۾ آهن ته سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي ذيان ٿو ٿئي. اها سوچ ئي سڄي فساد جي جڙ آهي. ان فساد خلاف وڪيل برادري پنجاب جا رستا بند ڪري ڪئنال منصوبي کي مڪمل طور رد ڪرڻ تائين احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. ان ۾ قومپرست ۽ سياسي سماجي جماعتون پڻ شرڪت ڪري رهيون آهن. وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ موجب ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو قافلو سٽي ڪورٽ ڪراچي کان ٻٻرلوءِ باءِ پاس خيرپور سکر روانو ٿيندو، جنھن ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي سمورن ضلعن جا وڪيل قافلي ۾ گڏجندا ويندا، ٻٻرلوءِ وٽ روڊ بند ڪندا. جيستائين ڪينال بند ڪرڻ جو اعلان نٿو ٿئي عوام سياسي، مذهبي، سماجي ڪارڪن، هاري، شاگرد، ڊاڪٽر، استاد، شاعر، اديب، دڪاندار، صحافي، مزدورن سميت سڀ اچو گڏجي همت ڪيون. وڪيلن جو اهو وقتائتو فيصلو سنڌو بچائڻ جو آهي ته سنڌ حڪومت کي به انهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ڇو ته سنڌ جو عوام سنڌو بچائڻ جو وچن ڪندي قومي غلامي کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. هن وقت سنڌ جو مقبول ترين نعرو آھي ته “ڪينال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور” ته پوءِ سنڌ سرڪار کي پنجاب جي ظلم خلاف اٿندڙ هر آواز سان آواز ملائڻ گهرجي هيءَ جنگ سنڌ جي اجتماعي جنگ آهي ان تي پنهنجي پنهنجي سياست نه چمڪائڻ گهرجي.

هن قومي ڪاز تي جماعتون ۽ پارٽيون قربان ڪري ڇڏجن. ايس يو پي، ايس، ٽي، پي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جي ڊي اي، پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو، پ پ ورڪرز، تحريڪ انصاف، عوامي جمھوري پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جا سڀئي حصا، عوامي ورڪرز پارٽي، پورھيت مزاحمت ۽ انھن سڀني سان گڏ سنڌ جو ھاري، مزدور، شاگرد، سماجي ڪارڪن، انساني حقن جون تنظيمون، وڪيلن جون تنظيمون، صحافين جون تنظيمون، دڪاندار، ريڙهي وارا ۽ ٽيڪسي ھلائيندڙ سڀ گڏجي سنڌ سنڌوءَ جي وارثي ڪيو. جيڪڏهن هن وقت ناڪام ٿياسين ته ڪڏهن به پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرار نه رکي سگهنداسين.