ادببلاگ

گل محمد عمراڻيءَ جي علمي ۽ ادبي خطن جو اڀياس ذوالفقار علي جلباڻي April 2021

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي ڪيترائي عالم، اديب، محقق ۽ نقاد لکي رهيا آهن. ڪي گهڻو ته ڪي ٿورو، پر لکڻ هڪ فن آهي انهيءَ فن کي توڙ نڀائڻ ۽ پنهنجي ڳالھ جي اندر ڪا معلومات ڏيڻ ۽ پڙهندڙن جي ذهن ۾ سوال اٿارڻ ۽ اڀارڻ ڪنهن ڪنهن جو ڪم آهي. اسان هن مضمون ۾ گل محمد عمراڻي جي روزاني “ڪاوش” هائيڊ پارڪ ۾ شايع ٿيل ڪن مختصر خطن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. گل محمد عمراڻي انهن خطن جي ذريعي علم، ادب بابت فلسفياڻه نقطه بيان ڪيا آهن، تن نقطن جي روشنيءَ ۾ اسان سندس هڪ اڌ مضمون کي به آڏو رکنداسين ۽ خاص طور تي اسان جي هن مضمون جو محور ۽ مرڪز سندس خط ئي آهن. خطن جي ذڪر هيٺ آيل مواد ۾ ڪن معروف شخصيتن جا علمي ۽ ادبي ڪم ۽ انهن شخصيتن جو تعارف ۽ ادبي ڪم جو پسمنظر ذڪر هيٺ آندل آهي. تن جو مختصر جائزو پيش ڪريون ٿا: 12 ڊسمبر 2020 جي روزاني ڪاوش اخبار جي هائيڊ پارڪ ۾ هڪ خط عنوان “بيٺڪيتي دور جي ادب ۾ انگاري جي ڪهاڻين جي اهميت” نظر مان گذريو. هن خط جي شروعات ۾ لکي ٿو ته: “مغربي ۽ مشرقي بيٺڪيتي ادب اڄڪلھ يورپ ۽ آمريڪا ۾ هڪ اهم ادبي ۽ دانشمنداڻو الڳ علمي تحقيقي ڪليد (شعبو) آهي. هاڻي ته بيٺڪيتي دور کانپوءِ واري ادب تي به اسڪالر پي ايڇ ڊي ڪن پيا. هتي پاڻ وٽ صورتحال ڇا آهي؟ اها ڳالھ في الحال “لسانيات” جي حوالي ڪريون ٿا، جيڪا نوڪري ۽ ذريعه روزگار لاءِ وڌيڪ پي ايڇ ڊي اسڪالر پيدا ڪري سگهي ٿي.“هي عمراڻي صاحب وڏو سوال ڇڏيو آهي، انهيءَ بابت سڀني کي سوچڻو پوندو ۽ غور ويچار ڪري ۽ پنهنجي آسپاس جي ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ ماجرا کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ڇا ٿي رهيو آهي.؟ سنڌي زبان جي الف- ب جي جڙڻ يعني سن 1853ع کانپوءِ ٿورن ڪن لساني ماهرن جي ڪم ڏانهن ڌيان ڌريون ٿا جن ۾، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ايڇ ٽي سورلي، سرگريئرسن، گنگا رام سمراٽ، ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻي، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ ڪن ٻين ماهرن سنڌي زبان ۽ ادب بابت چڱا علمي ۽ ادبي بحث ڪري پراڻي دور جي ڪن عالمن، مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، مولوي محمد حسين ٺٽوي ۽ ميان محمد ٺٽوي جي بنيادي ڪم تي پنهنجي تحقيق پيش ڪري نواڻ آندي ۽ نوان خيال ڏنا آهن. تحقيق جو مقصد ۽ لساني مراد پوري ڪرڻ جي هر ڪا ڪارائتي ڪوشش ڪئي آهي. سن 1947ع کان اڳ ۽ پوءِ جن انهيءَ اشاري ڪيل موضوع يعني لسانيات تي ڪم ڪيو تن ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج ميمڻ، پروفيسر علي نواز جتوئي، محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، پوپٽي هيرا ننداڻي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، تاج جويو، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو وغيره وغيره. هن وقت ڪي ڪڻا آهن جن کان جديد سائنسي انداز ۾ لساني تحقيق ڪرڻ جي اميد ڪجي ٿي ته هُو تعليم ڏانهن مثبت رويو اختيار ڪري. نوجوان نسل جي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪن. هن وقت اسان وٽ تربيت جي کوٽ آهي انهيءَ لاءِ ڪرڻو هي آهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ علمي ۽ ادبي ادارن ۽ درسگاهن ۾ ڪانفرنسون ڪرائي ليڪچر ڏيڻ گهرجن. هڪ تحقيق جي طالب علم جي حيثيت سان آئون گل محمد عمراڻي جي لکڻين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو آهيان ته مون کي انهيءَ جي مواد مان چڱي خاصي معلومات حاصل ٿيندي آهي. هائيڊ پارڪ ۾ اڪثر لکيل موضوع جن ۾ منهنجي دلچسپي هوندي آهي ۽ ايئن به آهي ته ٻيا باذوق ماڻهو به انهن تان استفادو حاصل ڪندا هوندا. جيئن ته سندس هڪ ٻيو خط ڇنڇر 19 ڊسمبر 2020ع جي ڪاوش ۾ پڙهيم، اُن خط جو عنوان آهي “ڌارمڪ سماجوادي غدر پارٽي ۽ پنجاب جي سياسي جدوجهد” هن خط جي شروعات ۾ عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: “هينئر پاڻ وٽ هندستاني پنجاب جي تاريخ گُرمکي لپيءَ جي ڪري پڙهڻ ۾ اصل ڪانه ٿي اچي ۽ وري اردوءَ واري ڪلاسڪ نظرياتي کاٻي ڌر هاڻي وڃيNGO  پسند ۽ انساني حقن لاءِ مغربي ايجنڊا تحت فقط ننڍن صوبن جي عام ڳالھ ڪري پنجابي مزدورن ۽ هارين بابت خاص دلچسپي نٿي وٺي. ڇاڪاڻ ته اهي سرحد جي ٻنهي پاسي استحصالي ٽولا آهن.” هن خط ۾ عمراڻي صاحب جن ڳالهين کي پڙهندڙن ۽ سمجهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ گهري ٿو سي تحسين لائق آهن. ڇاڪاڻ جو انهن ڳالهين پٺيان هڪ مثبت سوچ جو عمل نظر اچي ٿو. عمراڻي صاحب انهيءَ لاءِ ڪي مثال آڏو رکي ڪن ڪتابن جا حوالا ڏئي قيمتي معلومات ڏئي ٿو. هن وقت جيڪي سماجي حالتون آهن تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته غريب هاري ۽ مزور جن تڪليفن مان گذري رهيا آهن سي ماضيءَ ۾ سک قوم انگريزن جي غلاميءَ ۾ پنجابي مسلمانن سان گڏ هڪ استعماري بيٺڪي پاڃاري(Yoke)  ۾ گگدام هئا ۽ انهن جي تلافي “غدر پارٽي” ذريعي ڪئي وئي.” ٻئي طرف هن خط ۾ پنجاب جي ڌارمڪ انقلابي، مارڪسوادي پارٽي جي لالا هرديال سئن فرانسسڪو(San Francisco) جو بنياد آمريڪا ۾ 1913ع ۾ وڌو ۽ جنهن جي بنيادي مول مقصد کي آڏو آڻيندي عمراڻي صاحب چيو آهي ته “هندستان کي انگريز سامراج کان آزاد ڪرائڻ هو.” انهيءَ لاءِ ڀڳت سنگھ جي قول کي آڏو آندو ويو آهي ته “غدر پارٽي، علماءُ ۽ انهن بلواين ۽ غدرين غدر ۾ حصو وٺندڙن جن کي انگريزن توبن جي منهن سان ٻڌي اڏائي ڇڏيو هو، انهن جون هولناڪ تصويرون گڏ ڪري سڄي مغربي حساس دنيا ۾ 1913ع کانپوءِ تقسيم ڪيون.” اهڙيءَ طرح عمراڻي صاحب اهو به ٻڌايو آهي ته “جڏهن ته هندستان ۾ مڪمل خاموشي هئي ۽ پنجابي وڏي تعداد ۾ خوشيءَ سان شامل ٿي، پهرين جنگ عظيم 1914ع ۾ شريڪ ٿيا “ديس جي ناماچاري” ڪري پنجاب ۾ زمين کي(Colonize)  سرڪاري ليز(Lease) تي وٺي باقاعدي برٽش تاجدار کي هٿي ڏئي رهيا هئا. “اهڙي طرح هن خط ۾ غدر جي ناڪامي کان ويندي جنگ آزادي، بهادر شاھ ظفر، سک هاري، ناري، مزدور ۽ پرولتاري، مارڪسوادي دانشورن جون ڳالهيون ذڪر هيٺ آنديون ويون آهن. هن خط ۾ ڪن تاريخي ڳالهين سان روشناس ٿي ڪن انقلابي سوچ وارن سببن ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ويو آهي. هڪ اخبار “غدر” مختلف ٻولين ۾ شايع ٿي اُن جو به ذڪر آندو ويو آهي. اهڙي طرح، هن خط ۾ بنڪم چئٽرجي جي ناولن بابت ٻڌايو ويو آهي ته: “بنگال ۾ انقلابي روح “وندي ماترم” جي نعري سان جاڳايو.” ۽ خط جي آخر ۾ پنجاب جي روشن دماغ ۽ باضمير ليکڪن جي موجودگي بابت ٻڌايو ويو آهي. اسان عمراڻي صاحب جي هڪ ٻئي معلوماتي خط جو هيٺ ذڪر ڪريون ٿا، جيڪو 07 نومبر 2020ع واري هائيڊ پارڪ ۾ عنوان: “شڪارپور ڪائنات جو علم انساني اڀياس ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو” کي پڙهجي ٿو ته اُن مان هُو هڪ گهڻ پاڙهو علم دوست پڻ نظر اچي ٿو، سندس وسيع مطالعي ۾ گهرائي عيان نظر اچي ٿي. سنڌي ڪتابن ۽ عالمن جي ڪمن ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. لکي ٿو ته: “سماجي اينٿرو پولاجيAnthropology  انساني روين ۽ سماجي ناتن جو ڳوڙهو اڀياس آهي، جتي اهي جيوَ ڄاوا، وڏا ٿي نپنا ۽ منزلون ماڻيائون… پروفيسر انور فگار جي شڪارپور سان عشق جي انتها آهي.” اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي صاحب جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي مختصر صفحي ۾ آڏو آڻي پڙهندڙن کي قيمتي معلومات سان آراسته ڪيو ويو آهي. تهڙيءَ طرح اسان جي آڏو عمراڻي صاحب جا ٻيا به ڪي قيمتي هائيڊ پارڪ ۾ ڪي علمي ۽ ادبي شايع ٿيل خط پڻ نظر مان گذريا آهن. دل جي ڳالھ آهي ته ڪافي اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي ته اهڙي علم دوست ماڻهو جي قلمي پورهئي تي لکجي ۽ انهيءَ بابت هي مضمون لکندي پنهنجي خوش نصيبي ڀانيان ٿو. گل محمد عمراڻي صاحب جو 21 نومبر 2020ع ۾ ڇپيل خط جو: “ذڪر عقوبت خاني ۾ ڪامريڊ حسن ناصر جي ٿيل قتل جو!” پڻ هائيڊ پارڪ جي زينت بڻيو آهي. هي معلوماتي ليک پڻ پنهنجي جاءِ تي تاريخي اهميت وارو آهي. اهڙي طرح اسان جي آڏو هڪ مضمون غلام رباني آگري جي شخصيت ۽ ان جي مختلف پهلوئن جو نفسياتي جائزو پڻ اڀياس ڪيو آهي. ٻئي پاسي سندس هڪ هائيڊ پارڪ جي سونهن بڻجندڙ هڪ خط 14 جولاءِ 2019ع آڏو آهي جنهن جو عنوان آهي، “ڊاڪٽر خانائي ۽ عبدالحسين شاھ موسوي جو ادبي علمي رشتو” انهيءَ خط کي پڙهي، سنڌ جي ڏاهي استاد، عالم ۽ اديب جي شخصيت آڏو اڀري اچي ٿي. هن خط ۾، عمراڻي صاحب، سيد عبدالحسين شاھ جي مضمونن جي ڪتاب “وِکريل وَٿُون” بابت مفيد معلومات آڏو آندي آهي. ڪتاب “وکريل وٿون” حامد علي خانائي جو ترتيب ڏنل آهي، جو سنڌ جي نامور تعليمي ماهر، عالم ۽ اديب سيد عبدالحسين شاھ موسويءَ مختلف هنڌن تي اٽڪل 67 کن مشهور ۽ معروف شخصيتن، انبياءِ ڪرام، امامن سڳورن، صوفياءِ ڪرام، لوڪ داستانن جي ڪردارن، برصغير جي بادشاهن ۽ سياسي سرواڻن ۽ سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ جي شاعرن جو ذڪر ڪيل آهي. منهنجي سنڌ جي نوجوان نسل کي گذارش آهي ته گل محمد عمراڻي جي لکڻين جو مطالعو ڪري سندس فڪري معلومات مان استفادو حاصل ڪن. روزاني ڪاوش جي هائيڊ پارڪ ۾ اڪثر گل محمد عمراڻي جا خط جيڪي مختلف موضوعن تي شايع ٿيندا رهندا آهن تن کي غور فڪر سان پڙهي معلومات حاصل ڪئي وڃي. اهڙي طرح ڇنڇر 26 ڊسمبر 2020ع ۾ هڪ خط “ذڪر سجاد ظهير سيد جي ادبي تحريڪ جو” هن خط ۾ گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته: “ادبي هلچل ۽ هندستاني ترقي پسند مصنفين جي مها تحريڪ جو باني ۽ معمار اول سجاد ظهير هو، جيڪو انتهائي اساسي مارڪسوادي دانشورن مان هڪ اهم ذهين ليکڪ(Thinker)  هو. لکنئو ۾ ان وقت جي اعليٰ ۽ معزز سيد جدي پشتي زميندار گهر ۾ ڄائو ۽ سندس والد سيد وزير حسين ضلعي جونپور جو هڪ جاگيردار هو، جيڪو برطانوي حڪومت ۾ يو پي جي چيف ڪورٽ مان جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ سر جو خطاب مليس. “هن ليک ۾ گل محمد عمراڻي سجاد ظهير جي علمي ادبي ڳالهين ۽ ترقي پسند تحريڪ جي ڪن اهم ۽ معلوماتي ڳالهين کي آڏو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو هڪ ساراھ جوڳو ڪم آهي. سجاد ظهير جو اصل نالو سجاد ظهير عرف بني ميان. انهيءَ بابت ٻڌايو ويو آهي ۽ آخر ۾ لکي ٿو ته 1973ع ۾ قزاڪستان جي شهر الماتي (Almaty) ۾ ايفرو ايشيائي ڪانفرنس دوران گذاري ويو.” مذڪوره تحرير ۾ عمراڻي صاحب اهو به ٻڌايو آهي ته سجاد ظهير هندستان مان پاڪستان آيو راولپنڊي سازش ڪيس ۾ 1949ع ۾ گرفتار به ٿيو. جيئن ته انسان جي تخليق هڪ سهڻو مثال آهي. هڪ انسان جنهن کي سوچڻ لاءِ دماغ، ڏسڻ لاءِ اکيُون، ٻڌڻ لاءِ ڪن، محسوس ڪرڻ لاءِ دل ۽ زنده رهڻ لاءِ جسم ۾ رت جي وهڪري وارو عمل ئي آهي جنهنڪري انسان ڪم ڪرڻ جي قابليت ۽ صلاحيت واري حالت ۾ رهي ٿو. هي پورو سماج جنهن تي اسان جي نگاھ پوي ٿي جنهن بابت دماغ سان سوچجي ٿو ته منهنجي ارد گرد ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڪيئن ٿي رهيو. مون کي ڪهڙي طرف وڃڻو آهي ۽ انهيءَ طرف لاڙو رکي ٿو. دنيا جون سڀ شيون انساني ذهن لاءِ هڪ عجيب لقاءُ آهي ۽ انهن لقائن کي ڏسي انسان حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. من کي ماٺو رکڻو آهي ته ڪانه ڪا ڪرت ڪو ڌنڌو ڪو سڳو سورڻو آهي. اسان هزارن ماڻهن کي ڏسندا آهيون هڪڙا مقصد خاطر زندگي گذاريندا آهن ۽ من کي ماٺو ڪرڻ لاءِ علم ادب جو مطالعو ڪندا آهن ته ڪنهن ڪيئن لکيو ۽ ڇا لکيو؟ ۽ ڪهڙا ڪتاب پڙهيا انهيءَ اڀياس جي آڌار تي ڪهڙو علمي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. انهيءَ علمي ۽ ادبي ڪم جي ڪهڙي اهميت ۽ افاديت آهي جنهن کان قوم کي آگاھ ڪجي. گل محمد عمراڻي صاحب جي لکڻين ۾ڏٺو آهي ويو ته هن اتم ڪردارن جي چونڊ ڪري تن جي ڪم ڪردار ۽ ڪارنامن کي پڙهندڙ اڳيان رکيو آهي. مون عمراڻي صاحب سان ڪڏهن ڪچهري يا ڪڏهن آمهون سامهون به نه ڏٺو آهي. مون کي ميڊيا ذريعي سندس تصويرون نظر اينديون آهن انهيءَ وسيلي وارو خاڪو منهنجي ذهن ۾ اڀري ايندو آهي ۽ ٻئي طرف سندس لکيل علمي ۽ ادبي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو آهيان ۽ اُهي لکڻيون مختلف ڪتابن، رسالن ۽ ڪاوش اخبار ۽ مئگزين جون زينت بڻيل هونديون آهن تن جو اڀياس ڪري وٺبو آهي. گل محمد عمراڻي صاحب ننڍپڻ، جواني ڪيئن گذاري سو مون کي اُن بابت ڪابه معلومات نه آهي. مون لاءِ سڃاڻپ جو هڪ ئي سبب آهي هُو هڪ سٺي ليکڪ طور منهنجي آڏو اڀري ايندو آهي، جيڪو منهنجي دلچسپي جو سامان مهيا ڪندو آهي تن کي هن اڀياس ۾ اظهاري رهيو آهيان. سن 2012ع کان هڪڙي خواهش هئي ۽ انهيءَ خواهش کي سيني ۾ سانڍي انهيءَ کي اظهاري من کي ماٺو ڪيو اٿم! جيڪي ماڻهو املھ ڪردارن جي چونڊ ڪري تن جي علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ۽ ڪارڪردگي جو رڪارڊ قوم اڳيان پيش ڪن ٿا تن سان چاهت منهنجي رڳ رڳ ۾ شامل آهي. گل محمد عمراڻي هڪ قدردان انسان آهي، جنهن جي سنڌ جي علم ادب سان والهانه محبت جو جهان هي آهي ته، هُو املھ ماڻڪن جي چونڊ ڪري انهن جي ذهني ۽ فڪري پورهئي کي عوام آڏو آڻي ڪانه ڪا قيمتي معلومات ڏئي ڇڏيندو آهي. هي هڪ وڏو عملي ڪم آهي ۽ انهيءَ عملي ڪم جو مقصد آهي، سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجن کي سڃاڻڻ جي ساڃاھ پيدا ٿئي ۽ هُو انهن عظيم شخصيتن جي علمي ڪم جو قدر ڪن جن جي بدولت اسين دنيا سان روشناس ٿي رهيا آهيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي فڪر جو چرچو دنيا ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن تي سنڌ واسين کي هميشه ناز آهي ۽ رهندو. سنڌ جي ننڍي وڏي، مرد عورت، هندو مسلمان کي فخر آهي، اهو انهيءَ ڪري جو هن سنڌ جي سر زمين تي موجود اسمن ۽ انگن، سمنڊ، درياهن، ريگستانن، پهاڙن، گلن، ٻوٽن، پکين، جانورن، سورهين، بهادرن، سورمن ۽ سورميُنَ کان ويندي آسمان جي طرف نهاري ان جي رنگ برنگي موسمن ۽ سُرن ۾ عالمگيريت وارو پيغام ڏنو آهي انهيءَ آفاقيت واري پيغام کي دنيا پسند ڪري ٿي. گل محمد عمراڻي جن ادبي شخصيتن تي قلم کڻي انهن جي علمي ڪارنامن ۽ شهپارن کي آڏو آڻي ٿو سا ڳالھ ڌيان ڇڪائي ٿي. ڇنڇر 23 جنوري 2021ع جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾، هڪ عنوان: “شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون ٻه آتم ڪهاڻيون” نظر مان گذريو. جنهن جي شروعات ۾ لکي ٿو ته: “شمس العلماء مرزا قليچ بيگ کي نامور تاريخ نويس پروفيسر لعل سنگھ اجواڻيVanguard Books  واري ايڊيشن (1991ع History of Sindhi Literature ۾، جيڪو اصل ته ساهتيه اڪيڊمي ڀارت 1981ع) ۾ ڇپايو هو. “ويهين صديءَ جو سڀ کان وڏو نثر نگار” سڏي ٿو. هن عظيم هستيءَ جي زندگيءَ ۾ سندس ٻه آتم ڪهاڻيون آيون، جن جو تذڪرو ڪرڻ ان ڪري مناسب آهي جو سندس سوانح جو انگريزي ترجمو 2021ع ۾ اچڻ وارو آهي. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي تاريخ، علم و ادب جي مختلف پهلوئن تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو شايد اڄ تائين ڪوبه اهڙو ڪم سرانجام نه ڏئي سگهيو آهي. مرزا قليچ بيگ روينيو جهڙي مصروف شعبي ۾ نوڪري ڪري رهيو هو، جنهن جي آفيس جو ڪم کٽڻ جو ئي نه هو، اُن ۾ ڪابه فرصت نه ملندي آهي. مرزا قليچ بيگ انهيءَ ڪم لاءِ وڏا اوجاڳا ڪيا هوندا ۽ راتين جون راتيون جاڳي اکڙين کي اوجاڳا ڏئي، سنڌي ادب جي گلشن کي تازو رکيو آهي. اهڙا ڪيترائي آفيسر آيا ويا ۽ هُو پنهنجي ڪرسي ۽ حياتي تائين زنده رهيا. مرزا قليچ بيگ جنهن کي وفات ڪئي ٻيانوي سالن جو عرصو گذري چڪو آهي ۽ اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندو. ماڻهو ڀُرڻِي مٽي آهي ۽ مرڻ کانپوءِ اُهي ئي شخصَ جيئرا رهن ٿا جن جا ڪتاب آهن. ڪتاب ماڻهن کي هزارن سالن تائين جيئرو رکن ٿا. اُهي ڪتاب جن جو لاڳاپو قومن جي دلين سان ڳنديل آهي. مرزا قليچ بيگ جا اهي سمورا ڪتاب جن ۾، سنڌ جي تعليم، تاريخ، تهذيب، تمدن، ثقافت، هنر، شاعريءَ کان ويندي شعور تائين جو ذڪر ملي ٿو. مرزا قليچ بيگ جي لکڻ ۽ پڙهڻ جا موضوع هئا: هنر مندن جا هنر، پورهيتن جو پورهيو، جديد تعليم جا طريقا، ملڪن جون جاگرافيائي ۽ ثقافتي حدون، لسانيات جهڙو خشڪ علم، شاعري، سائنس، مذهب ۽ ٻين ٻولين مان ترجمو ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي خوشحال رکڻ. ٻين قومن جي فني فڪري، ذهني سوچ ويچار وارا نوان خيال آڻي پنهنجي ٻوليءَ جي خزاني ۾ اضافو آڻڻ جي بنيادي مقصدن ۾ شامل هو. موجوده توڙي ايندڙ وقت ۾، مرزا قليچ بيگ جو نالو ڪنهن سهڻي ساز وانگر سنڌي ادب جي دنيا تي هڪڙي منفرد ڇاپ ڇڏيندو رهندو. مرزا قليچ بيگ هر حوالي سان پنهنجي سڃاڻپ قائم رکي آهي مثال: پنهنجو، پنهنجي ڪٽنب جو ۽ خاندان جو احوال پيرائتي نموني ٻن ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو آهي. جيڪي آهن “سائو پن ۽ ڪارو پن” ۽ سندن سوانح عمري يادگيريون. گل محمد عمراڻي صاحب هن مختصر معلومات ۾، مرزا صاحب بابت مختصر صفحي ۾ مفيد معلومات ڏني آهي جنهن کي پڙهڻ، پُرجهڻ جي ضرورت آهي. گل محمد عمراڻي صاحب جا اڪثر موضوع سنڌي ٻوليءَ جا ليکڪ ۽ انهن جي علمي ادبي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ ئي هوندو آهي. اسان هت هيٺ هڪ موضوع جو حوالو ڏئي رهيا آهيون، جنهن جو عنوان آهي: “ڊاڪٽر ملڪ نديم جي تنقيد نويسي ۽ تحقيق شناسي” هي مضمون روزاني ڪاوش پاران شايع ٿيندڙ “دنيا” آچر 15 اپريل 2018ع جي صفحي نمبر 13، تي موجود آهي. عمراڻي صاحب پروفيسر ڊاڪٽر ملڪ نديم جي بنيادي ڪم جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو ته: “پروفيسر ڊاڪٽر ملڪ نديم بنيادي طرح هڪ مارڪسوادي تنقيد نگار ۽ جاکوڙي تحقيق شناس عالم هو مارڪسي تنقيد به جڙ وادي(Marxist materialist)  اسڪول (جدلياتي ماديت) جي متَي تي قائم آهي. جنهن ۾ فرائيڊ(Sigmund Freud)  ۽ يُونگ من ڇيد (Psycho analysis) جي آميزش به شامل هوندي آهي.” اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر ملڪ نديم جي اصلي ڪم جي سڃاڻپ ڪرائيندي، عمراڻي صاحب سندس ٻن ڪتابن “ڀٽائي بک هڙتال تي” ۽ “اياز ڏوهي آهي” کي آڏو رکندي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مذڪوره ٻنهي ڪتابن ۾، سنڌ جي ٻنهي شاعرن جي فهم ۽ ادراڪ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، بقول گل محمد عمراڻي جي “ڀٽائي جي شاعريءَ جي تشريح هُو مختلف سُرن جي حوالي سان ٺيٺ مارڪسوادي نقطهءِ نظر سان ڪري ٿو، جنهن ۾ پورهئي(Labor)  جي عظمت جي دليلن سان وضاحت ڪري ٿو.” عمراڻي صاحب اُن لاءِ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي سر “ڪاپائتي” جي فلسفي حقيقت کي سامهو رکي لکي ٿو ته، “هن سر جو مجموعي فلسفو هي آهي ته، پورهئي ۽ هنر ۾ مرد ۽ عورت جي هڪجهڙي حيثيت، شراڪت ۾ ڪپڙي جي صنعت، انفرادي توڙي اجتماعي ترقي جي ضمانت آهي ۽ ڪپڙي جي صنعت ۾ عورت ئي پورهيت هنرمند آهي.” گل محمد عمراڻي صاحب، ڊاڪٽر ملڪ نديم جي ڪم کي مدنظر رکي ٻنهي شاعرن جي عظمت کي جنهن ڪسوٽيءَ سان سندن عظمت کي رکي پرک ڪئي آهي سا قابل تعريف آهي. گل محمد عمراڻي صاحب پنهنجي مضمون ۾ مرحوم ملڪ نديم جي تنقيد نويسي ۽ تحقيق شناسي کي پرکڻ جي چڱي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندس لکڻين مان مثال ڏئي انهن جي جوهر کي جرڪائڻ جا جواز پيش ڪري ٿو. گل محمد عمراڻي، هڪ مضمون “ڀٽائي هاڻوڪي دور” ۾ ملڪ نديم جي حوالي سان لکي ٿو ته: “تنقيد نگار ملڪ نديم لکيو ته، کر يا خچر جهڙيون عادتون رکندڙ ماڻهن يا اهڙيون حرڪتون ڪندڙ انسان کي ڀٽائيءَ پِٽيو آهي ۽ پاراتا ڏنا آهن، ان کي نانگ کان کارائڻ. ان کي کڏ ۾ غرق ٿيڻ ۽ ان جو منهن ڪارو ڪرڻ ۽ سُور ۾ سڙي مرڻ جا پاراتا ڏنا آهن:

کر کي کپر کاءُ نانگ مڻيارو نڪري

اُڀي جو اُوناءُ، سرير سندي سڄڻين.

اهڙيءَ طرح زماني جي ماڻهن کي ڀٽائي سائين ڏاڍي گهرائيءَ سان جاچيو ۽ ڳوليو، پوءِ جن جون عادتون درست ۽ عوام دوست انسان دوست هيون تن کي خوب ساراهيو ويو آهي. گل محمد عمراڻي جي لکڻ جو مقصد آهي ته، ڊاڪٽر ملڪ نديم شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي ڪلام کي جنهن تنقيدي سراڻ تي چاڙهي معاشري جي پرک ڪئي آهي سا هر پهلوءَ کان ثابت ٿي ڪري ته ٻنهي شاعرن جا پُڙ ڳرا آهن. ٻَئِي شاعر هن سر زمين سنڌ ۽ دنيا جي مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جا نمائندا شاعر آهن. عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: “روشن ضمير ڀٽائي اهڙي طرح اڳئين زماني وانگر پنهنجي زماني جي ماڻهن کي اهڙي عمل قبيع فعلن ۽ حرڪتون ڪندڙن کي گندين ۽ خراب عادتن وارن جانورن سان ڀيٽيو آهي.” اهڙي طرح عمراڻي صاحب، پروفيسر ملڪ نديم جي هڪ ٻئي مضمون “پيهي جن پروڙيو” جي حوالي سان لکي ٿو ته: “ملڪ صاحب جي ماديت پرست (Materialist) تنقيد کري ۽ وکري انداز ۾ اختلاف راءِ رکندي ڀٽائي جي هڪ بيت جي تشريح ڪئي آهي، جيڪا روحاني رازن جي صنعت و حرفت کان جدا آهي:

بکيءَ کل نه اجهي، ڏکي ڏمر ناھ،

اگهاڙي وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.

عمراڻي صاحب، پروفيسر ڊاڪٽر نديم ملڪ جي ادبي ڪم مان ڀلي چونڊ ڪري ٻنهي امر شاعرن جي پيغام کي اجاگر ڪيو آهي ۽ چونڊ بيتن جي وضاحت ڪئي آهي، جنهن مان عمراڻي صاحب جو پنهنجو سوچ ويچار ۽ انسان شناسائي جو پهلو نظر اچي ٿو. مذڪوره بيتن جي چونڊ به ٻڌائي ٿي هُو سوچي ٿو ته جنهن پيٽ ۾ ڳڀو گراھ نه پيل هوندو تن ماڻهن جي ڪهڙي خوشي تن جو مرڪڻ ۽ مزا ۽ خوشيون هن دنيا ۾ ڪهڙيون هونديون. جن کي پائڻ لاءِ ۽ رهڻ لاءِ اجهو نه آهي! تن جي هن دنيا ۾ زندگي دوزخ آهي. ڀٽائي ڏکي عورت سان همدردي ۽ ان جو احساس شاعري ذريعي ظاهر ڪيو آهي ۽ پنهنجي پيغام کي عورت جي تڪليفن جو مرڪز بڻايو آهي.” ڀٽائي جي هي بُکي، ڏکي ۽ اگهاڙي عورت بلڪه ڏکي ڪمزور عورت ان معاشري جو هڪڙو آئينو آهي. جنهن ۾ ماضي کانسواءِ حال کي پڻ ڏسي سگهجي ٿو. ڀٽائيءَ فن ۽ فهم و فڪر معنيٰ ۽ مقصد کان عظيم شاعر آهي. ڇاڪاڻ ته هُو سڄي لوڪ ۾ مشهور آهي ۽ عام ماڻهن جي من ۾ پيهي سمائجي ويو آهي. سنڌي ماحول جو گهرو مشاهدو ڪري، سندن امنگن ۽ آدرشن، خواهشن ۽ خوابن، مامرن ۽ مطلبن، آسُن ۽ آهُن جي ترجماني، سندن ئي سولي سلوڻي، سادي سهڻي ٻولي، محاورن ۽ مثالن ۾ پيش ڪرڻ ڪري هو زنده جاويد ڪوي آهي.” اهڙي طرح گل محمد عمراڻي، “اياز ڏوهي آهي” کي ملڪ نديم جو هڪ مستند اوائلي جائزو قرار ڏنو آهي. “25 مضمونن جي مجموعي ۾ هتي تجزياتي مطالعي جا انيڪ موضوع آهن، جن کان نيون فڪري ويچار ڌارائون نروار ٿين ٿيون.” عمراڻي صاحب عنوان ۾ ملڪ نديم جي ڪم جو قدر ڪندي اُن کي علمي ۽ ادبي حوالي سان پرکيو آهي، جنهن مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته گل محمد عمراڻي، ملڪ نديم جي علمي ۽ ادبي پورهئي سان پورو پورو انصاف ڪيو آهي. اهڙي علمي قدر ڪرڻ ڪري عمراڻي صاحب کيرون لهڻي ٿو. اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، اهو هڪ گهڻ رخو معاشرو آهي ۽ هر قسم ۽ هر سوچ جا ماڻهو اڻ ۾ ساھ کڻي رهيا آهن. هرڪو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪردار ۽ ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي. اسان وٽ جيڪي ماڻهو مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. مختلف شعبن ۾ جيڪي انسان درست رخن ۾ هلي رهيا آهن سي ئي هن معاشري لاءِ مثالي ڪردار ليکيا ويندا آهن. هت هيٺ اسان گل محمد عمراڻي جي هڪ خط جو ذڪر ڪريون ٿا جيڪو روزاني ڪاوش ڇنڇر 30 جنوري 2021ع جي هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيو آهي. مذڪوره خط جو عنوان آهي: “ڀڳت ڪبير، مير ۽ غالب، سردار جعفري جي نظر ۾” هن خط جي شروعات ۾ مولانا رومي جي هنن لفظن سان ڪئي وئي آهي: “شاعري جزويست از پيغمبري است” هن قول ۾ شاعريءَ کي پيغمبري جو هڪ جزو قرار ڏنو ويو آهي. هن حوالي سان عمراڻي صاحب، سردار جعفري جي ڪتاب “پيغمبران سُخن” جو مثال ڏيندي لکي ٿو ته: “ڪتاب پيغمبران سُخن” جو آغاز ڪري ٿو، فارسي ضَرب المثل ڪنهن به ترجمي کان مٿي آهي. هي ڪتاب پاڻ وٽ حوري نوراني جي ترقي پسند اداري مڪتبهءِ دانيال 1990ع ۾ شايع ڪيو هو، جيڪو مشهور مارڪسوادي دانشور ۽ شاعر علي سردار جعفري جي ٽن مهاڳن تي مشتمل هڪ عدد ڪتاب تي آڌاريل آهي. هي مهاڳ 1958ع کان 1965ع ۾ لکيل هئا. جيڪي هاڻوڪي ڀارت ۾ اردو-فارسي رسم الخط ۾ پڙهڻ کان ڄڻ زور آهن.” ان کانپوءِ ان ڳالھ جي معلومات ڏني وئي آهي ته هندي ديوناگري لپي ۾ سڄو جديد اردو ادبي ورثو شايع ٿي رهيو آهي ۽ سنڌي (عربي صورت) ٻولي وڃي بچي آهي. اهڙو پڻ اظهار ڪيو ويو آهي ته اردو وارن جي تنگ نظري جي ڪري ڀڳت ڪبير کي اردوءَ کان نيڪالي ڏني وئي ۽ هندي ڌارمڪي ودوانن وري مير ۽ غالب کي اسڪول ۽ ڪاليج جي هندي نصاب مان خارج ڪري ڄڻ ثقافتي جنگ کٽِي ورتي آهي. اها ڪا اتفاق جي ڳالھ ناهي هندي زبان جا ٻه عظيم ترين شاعر ڪبير ۽ ملڪ محمد جائسي مسلمان هئا. جن مسلم تصوف ۽ ڀڳتي کي يڪجاءِ ڪري هندستاني سڀيتا کي اجاريو آهي.” گل محمد عمراڻي انهيءَ کانپوءِ هي معلومات ڏئي ٿو ته هندي (هندوي) شاعرن جو زمانو تلسي داس، سور داس، ۽ ميران ٻائي کان اڳ جو آهي. سردار جعفري چئي ٿو ته جيڪو نظري انقلاب هندو ۽ مسلم سنسڪرتي(Cultural)  ثقافتي اتحاد ڪري فطري طور ظهور پذير ٿيو هو. اهو لساني ۽ تهذيبي دنيا ۾ اردو زبان جي شڪل اختيار ڪري رهيو هو، ان جون ابتدائي “جهلڪيون” اردوءَ ۾ ايئن لکيل آهن. “هندستان ۾ جيڪي مير تقي مير، مرزا اسدالله “غالب” ۽ ڀڳت ڪبير جو ڪلام گونجي ٿو تنهن کي ڪير رد ڪري نٿو سگهي ۽ اهو صدين تائين گونجندو رهندو. گل محمد عمراڻي صاحب خط ۾ اهو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته انسان جي اندر جيڪو نفس آهي، اهو انسان سان اجائي ويڙهه ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري مخلوق ۾ اختلاف پيدا ٿين ٿا ۽ نفرتن ۽ اهنڪار جا دروازا کلن ٿا. “ڪبير جي شاعريءَ جو اهو ئي تت آهي.” گل محمد عمراڻي سردار جعفري جي حوالي سان لکي ٿو ته: “سردار جعفري تحرير ڪري ٿو ته شاعر کي “تلميذ رحماني” (خدا جو شاگرد يا مجازن شاعر) چيو ويو آهي، پر مير تقي مير واحد شاعر آهي، جنهن کي نقاد “خداءِ سخن” ڪري ياد ڪيو آهي… غالب اردوءَ جو محبوب ترين شاعر آهي. جنهن کي اقبال گوئٽي جو همنوا قرار ڏنو آهي ۽ ديوان غالب اردوءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ شايع ٿيل شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جنهن هر ذي شعور ضرور حوالي طور ياد ڪري پنهنجي ادبي شعور جو ثبوت ڏئي ٿو. شيڪسپيئر جيان غالب جو هر جملو ۽ مصرع هزارين معنائون رکي ٿو.” اسان گل محمد عمراڻي جي لکتن جو جڏهن مطالعو ڪريون ٿا، جن مان اسان کي سندس شخصيت ۽ مطالعو آڏو اچي وڃي ٿو ۽ ٻئي طرف موضوعن ۾ آيل مواد جنهن ۾ هُو جيڪو ڪجھ چوڻ چاهي ٿو سربستو احوال اسان آڏو اچي وڃي ٿو. عمراڻي صاحب گهڻ طرفو ۽ گهڻ رخو مطالعو رکي ٿو، اُن ڪري سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ چاهيندڙ گهڻا اٿس. مان سندس هڪ مضمون جو مطالعو ڪري رهيو هُئس ته اُن وقت هڪ دوست جي فون اچي وئي ۽ پڇيائين ته ڇا پيا ڪريو؟ مون کيس ٻڌايو ته گل محمد عمراڻي صاحب جو مضمون پڙهي رهيو آهيان، هن وراڻيو ته گل محمد عمراڻي صاحب منهنجي پسند جو ليکڪ آهي. مون کي به واٽس ايپ ۾ موڪل ته مان به معلومات حاصل ڪريان.! اِها ماڻهوءَ جي وڏي ڪاميابي آهي جو سندس نالو ٻڌڻ سان سندس لکڻين ڏانهن پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪجي وڃي. مون ٻارهين ڪلاس جي سنڌي نصاب تي رکيل هڪ مضمون جيڪو علامه آءِ. آءِ. قاضي جي عنوان تي آهي “دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح” پڙهائي بس ڪيم ته هڪ نوجوان مون کي چيو ته سائين اوهان وٽ ٽائيم آهي ته مان اوهان کان ڪجھ سکڻ چاهيان ٿو. مون کيس چيو جِي پٽ! مان اوهان جي سيکارڻ لاءِ ته هت مقرر ٿيو آهيان ٻيو استاد جو ڪهڙو ڪم آهي؟ مون کي انتهائي خوشي ٿي جو مون کان انهيءَ طالب علم اهڙا سوال پڇيا جيڪي شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضي جي مذڪوره سبق متعلق هئا ته “شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح دنيا جو ڪيئن وڏي ۾ وڏو شاعر آهي بلڪل مڃان ٿو، پر علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب رڳو شاھ صاحب کي انگريزي شاعرن سان ڇو ڀيٽيو آهي.” مون کيس هر لحاظ کان مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڳالھ آهي سمجهڻ جي جيڪو به ليکڪ پنهنجي لکيتن کي صحيح سمجهائي سگهي ٿو ۽ پڙهندڙن جي ذهن ۾ سوال اڀاري ٿو ۽ پڙهندڙ سندس لکيتن ۾ دلچسپي وٺن، سا هڪ وڏي ڪاميابي آهي. اهڙيءَ طرح اسان جي آڏو سندس هڪ موضوع روازني ڪاوش ڇنڇر 06 جنوري 2021ع جي هائيڊ پارڪ ۾ عنوان: “ذڪر بيباڪ صحافت جي سرواڻ ويو پوائنٽ رسالي جو” مذڪوره موضوع ۾ ليکڪViewpoint  رسالي جو تعارف هن طرح ڪري ٿو: “1973ع کان ڪامريڊ مظهر علي خان (طارق علي جو والد) شايع ڪري سندس وفات 1993ع تائين قائم رکيو. پهريان ٻارهن سال کاٻي ڌر واري “پاڪستان ٽائيمز” مهان سوشلسٽ رهنما ميان افتخارالدين(NAP)  جي نگراني ۾ بحيثيت ايڊيٽر جي هلايائين. بعد ۾ “ڊان” انگريزي اخبار ۾ ايڊيٽر ۽ آخر ۾Viewpoint  (ويو پوائنٽ) وارو دور ڏٺائين. چوڻ جو مقصد ته ميان افتخار هڪ قدآور شخصيت جو مالڪ هو. جواني ۾ طاهره بنت سڪندر حيات وزيراعليٰ پنجاب جي شهزاديءَ سان شادي ڪري “بدنام” ٿيو. مائٽن جي مرضي کانسواءِ هي پيار جي شادي هئي. طاهره مظهر علي جي هن وقت وفات ٿي چڪي آهي. هُوءَ هڪ انسانن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عورتن، مردن، هارين جي حقن لاءِ هڪ سگهارو آواز اٿاريندي رهي… ڪهڙي نه چڱي معلومات سان اسان جو لائق ليکڪ عمراڻي صاحب اهم شين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته سندس فڪري خيالن کان هر هڪ استفادو حاصل ڪري: “متبادل(Alternate)  غير درٻاري صحافت ۾ “ويو پوائنٽ” جو نالو سرس آهي ۽ اهو رسالو 14 آگسٽ 1975ع تي لاهور کان شايع ٿيو. جيڪو هر هفتي مان سندس 1993ع واري آخري شماري تائين باقاعدي وٺندس رهيس. اهڙي طرح سندس پهرين ايڊيٽوريل ۾ کيس آزاد اڻ ڌريو جمهوري ۽ ترقي پسند پرچي جي ڳالھ ڪيل آهي. تهڙيءَ طرح انهيءَ پرچي جي علمي ۽ ادبي اهميت جو اندازو ٿئي ٿو ۽ هي پرچو پاڪستان جي مختلف مڪتبهءِ فڪر کي نمايان ڪري ٿو. جنهن مان ڪيترن ئي منجهيل معاملن جو حل نڪري ٿو. هن وقت جي حالات کي آڏو آڻيندي هي ڳالھ آڏو آندي وئي آهي ته هن وقت سياسي، سماجي، اقتصادي مسئلن کي صحافتي دنيا ۾ تجزياتي ۽ تجرباتي ۽ مشاهداتي عمل مان ڇو ڪو نه ٿو گذاريو وڃي. اهڙي بهادري ۽ بيباڪيءَ کي ڏسڻو آهي ۽ صحافت جي عملي ڪم کي نهارڻو آهي ته هيرالڊ ۽ نيوز لائين جا شمارا ڏسي سگهجن ٿا، جن ۾ مذڪوره حصن تي ڪمرشل سرڪاري اشتهاري هلائي صفحن جو مضمون ڏيندا هئا جا هڪ خوش آئيند ڳالھ هئي. هن رسالي جا ليکڪ ۽ ڪارڪن وڌ ۾ وڌ رسالي جي معيار کي قائم رکڻ جي مثبت ڪوشش کي قائم رکڻ لاءِ اعليٰ معيار جا سماجوادي، دانشور، صحافي ۽ انسان دوست پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور ۽ ڪارائتو استعمال ڪري پنهنجي ذهني فڪري ڳالهين ۽ معلومات کي ماڻهن تائين پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا هئا. اهي انساني حقن کي بلند کان بلند ڏسڻ جا خواهان هئا جن ۾ آءِ اي رحمان، طاهر مرزا (ڊان لاهور وارو) ظفر اقبال مرزا، مارڪسودي پروفيسر امين مغل، حميد اختر، حسين نقي، اڪرام الحق، احمد عزيز ضياءَ، ايلس فيض، (فيض احمد فيض جي وني)، پنجابي قومپرست دانشور شفقت تنوير مرزا ۽ خاور ممتاز جي ڪم کي ساراهيو ويو آهي. انهن صحافين ۽ ليکڪن جنهن بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان جيڪو سچ لکيو تن جي عيوض جيل به هليا ويا، پر هُو سچ لکڻ کان پوئتي نه هٽيا. توڙي جو انهن کي مارشلا جي قانون تحت ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو. گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته: “1981ع ۾ آءِ اي رحمان ۽ حميد اختر گرفتار ڪيا ويا ۽ ڇھ مهينا پنجاب جي مختلف جيلن ۾ نظر بند رهيا، انهيءَ ساڳئي وقت ۾ وري مظهر علي خان ۽ حسين نقي به گرفتار ڪيا ويا ۽ انهن جي غير موجودگيءَ ۾ ادارت جا فرض ظفر مرزا ادا ڪندو رهيو، پر رسالو هر هفتي بازار ۾ ايندو رهيو.” انهيءَ وقت جي ليکڪن ۾ ڪي معاشيات، سماجيات، ادب ۽ تاريخ جا ليکڪ پنهنجن پنهنجن شعبن جا ماهر هئا جن جي لکڻين سان ماڻهن تائين درست معلومات به پهچندي هئي. ڪن ماهرن بابت معلومات رکي وئي آهي تن ۾ “ڊاڪٽر اڪمل حسين (ماهر معاشيات) ۽ نامور سنڌي سماجي ماهر، ڊاڪٽر فيروز پڻ انهيءَ ڪم ۾ پيش پيش رهيا. مشهور انگريزي زبان ۽ ادب جو پروفيسر خواجه مسعود (گردن ڪاليج راولپنڊي)، اياز امير، سليم عاصمي، خالد حسن، خالد احمد ۽ احمد حسن جا تيز ۽ تکا تنقيدي ليک برابر ايندا رهيا.” انهن جي لکڻين جي مطالعي سان نوجوان نسل توڙي اُهي ليک پڙهندڙ پاڻ ۾ مثبت تبديلي محسوس ڪرڻ لڳا ۽ اهڙين لکڻين جي ذريعي شيون صحيح رخ ۾ هلڻ لڳيون. ماڻهن ۾ حق ۽ سچ جي همت پيدا ٿي ۽ سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ جي جرئت پيدا ٿي. گل محمد عمراڻي جي مذڪوره عنوان تي لکڻ جو بنيادي مقصد هي آهي ته انهيءَ دور ۾ توڙي جو وسيلن جي اڻهوند ۾ صحافت ۾ سٺو ڪم ٿيو ۽ دليريءَ سان ٿيو. اهي بهادر ليکڪ جن مارشلائن جي خوف کان قلم کي سچ لکڻ کان نه روڪيو، پر جمهوري آواز کي مارشلا ۾ زنده رکڻ جي هر طرح جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي ليکڪ جيل کائي به پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويا. خط جي آخر ۾ عمراڻي صاحب لکي ٿو: “مظهر علي خان جا چونڊ اداريا هاڻي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس الڳ ٻن جلدن ۾ شايع ڪيا آهن، جيڪي صحافت جي تاريخ دليري سان بيان ڪن ٿا.” حاصل مطلب ته هن خط مان واضح نظر اچي ٿو ته صحافت جهڙو شعبو انساني حقن کان جمهوريت ۽ عوام جي مسئلن کي جيڪڏهن درست طرح بيان ڪرڻ ۾ ناڪام آهي ته سمجهڻ گهرجي صحافت پنهنجو مقصد وڃائي چڪي آهي. اسان هتي گل محمد عمراڻي صاحب جي شايع ٿيل ڪن خطن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، انهن خطن جي موضوع ۽ مواد علمي ۽ ادبي، تاريخي معلوماتي ڪم بيشڪ دائمي حيثيت رکندڙ آهي، جنهن تي شايد اسان جو نوجوان نسل ڌيان نه به ڏيندو هجي، پر جيڪي نوجوان پڙهندا هوندا سي انهيءَ ڪم تي سرهائي ضرور محسوس ڪندا هوندا. اهڙي قسم جي خطن ۾ ڇنڇر 13 مارچ 2021ع وارو هڪ عنوان: “ڪرشن چندر جي افساني جو سماجياتي ادراڪ” بابت هڪ اهم ۽ افاديت ڀريو پهلو آهي جنهن ۾ گل محمد عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: “پنجاب ڄائو ڪرشن چندر بغير ڪنهن بحث جي ارد‍وءَ جو سڀ کان وڌيڪ مقبول افسانه نگار آهي ۽ پاڻ وٽ سندس گهڻو شعوري اثر امر جليل، غلام نبي مغل ۽ ٻين شهري موضوعن تي لکندڙ افسانه نگارن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڀارت ۾ سنڌي ڪهاڻيڪارن جا محور ئي شهري سماج آهن.” گل محمد عمراڻي صاحب اهو به ٻڌايو آهي ته ڪرشن چندر مارڪسواد ۽ انسان پرستيءَ جي سياسي فڪر جو وڏو مبلغ هو ۽ هن منٽو جي ٻه سئو افسانن جي مقابلي ۾ پنج سئو کن افسانا تحرير ڪيا، جيڪي هن جي پنجانوي کان وڌيڪ ڪتابن ۾ چاليھ ناولن، ڊارمن، خاڪن، تنقيدي ۽ مزاحيه مضمونن، فيچرس، فلمي ڪهاڻين، رپورتازن، ٻارن جي ادب، سفر نامن، فئنٽسيز ۽ ڊاڪيومينٽريز ۾ سمايل آهن.” انهيءَ کان علاوه وڏن ناميارن اديبن جو ذڪر هيٺ آندو ويو آهي. مذڪوره خط کي پڙهڻ سان جيڪو فني ۽ فڪري جوهر نظر اچي رهيو آهي اُن جي اهميت منفرد نوعيت واري آهي. عمراڻي صاحب جي لکڻين جي فڪري گهرائي ابتدا ۽ ارتقائي اصولن جي روشني ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ جهڙي آهي. توڙي جو سندس خطن ۾ هڪ مختصر نويسي آهي ۽ انهيءَ مختصر نويسيءَ مان سندس علمي ۽ ادبي ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت ۽ سوچ ويچار وارو عمل سڀني خوبين سان اجاگر ٿي آڏو اچي ٿو. جيئن ته هن خط مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪرشن چندر پنهنجي تحريرن ۾ هڪ برک اديب طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، سندس ادبي تخليقن جو ڌاڪو دنيا وارن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. عمراڻي صاحب انهيءَ سان گڏ جن ناميارن اديبن حيات الله انصاري، راجندر سنگھ، بيدي، عصمت چغتائي ۽ خواجه احمد عباس ذڪر ڪري ٿو: “اهي اديب هن سان گڏ آيا، پر هن جي قلم جي جولاني ۽ رواني سان گڏ هلي نه سگهيا ۽ پوئتي رهجي ويا.” جنهن وٽ رومانس ۽ عشق وارا ٻئي پهلو هجن اهو هميشه اڳتي ئي هوندو آهي. هميشه ايئن ئي ٿيو آهي ته جڏهن زماني ۾ اٿل پٿل ٿيندي آهي ته زماني جون سخت کان سخت ڪوسيون ۽ ٿڌيون لهرون هلنديون آهن انهيءَ ۾ ڪي انسان ٿڌا ۽ ماٺا ٿي ويهي رهندا آهن ته ڪي وري پنهنجي فڪري سوچ ويچار سان تن لهرن ڏانهن مُنهن ڪري انهن جي اڀرڻ ۽ ماٺي ٿيڻ تي غور ڪندا آهن. انهيءَ حالت ۾ سموري قوم يا ته اڀري کڙي ٿيندي آهي يا ته ڊپ ۽ خوف ۾ حوصلا وڃائي ويهي رهندي آهي. پهرين يا ٻئين عالمي جنگ يا آزادي واري جنگ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جي ذهنن ۾ جيڪا آنڌ مانڌ مچائي اها سندس ئي لکڻين ۾ موجود آهي. عوام مٿان ڇا گذريو ۽ ڪيئن ٿي گذريو؟ انهيءَ دوران عالمي اٿل سبب ڪيئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي عالمن ۽ اديبن جون گڏجاڻيون، ميٽنگون، بحث مباحثا، ڪانفرنسون ظاهري توڙي لڪ ڇپ ۾ ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته: “ڪرشن چندر رومانس ۽ حسين زندگي جو وڏو عاشق رهيو، پر سندس بهترين ڪهاڻيون ورهاڱي کانپوءِ واري فرقي پرست دوزخي وارتا تي لکيل آهن. “هم وحشي هين” ۾ هڪ هنڌ سڀ المناڪ ڪهاڻيون ڇپيون هيون، هن پنهنجي افسانن ۾ فرقيواريت ۽ ان جي رد عمل ۾ پيدا ٿيل خوني واقعن ۽ حادثن لاءِ سياستدانن، شاهوڪار سرمائيدارن، ڌارمڪ، مذهبي ٺيڪيدارن کي ڏوهاري ڄاڻايو آهي.” شاعر، عالم، اديب اهي ئي سچا ۽ سرها رهندا آهن، جيڪي قوم کي تڪليفون ڏيندڙ ڀلي ڪيڏا به طاقتور ۽ ظالم ڇو نه هجن، پر سندن قلم مان سجاڳي جو سڏ ئي ايندو آهي، جيڪو اکين سان ڏسندا آهن اهوئي لکندا آهن. گل محمد عمراڻي عصمت چغتائي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: “عصمت چغتائي ٻڌائي ٿي ته ان وقت ڪرشن چندر جيڪي به لکيو، اهو جذبات جي لهرن کان بچندي لکيو ۽ ڄاڻي واڻي “آمد” جو گلو گهٽي “آورد” کي لبيڪ چيو. هن اهوئي لکيو جيڪو هن لکڻ چاهيو ٿي ۽ مصلحت وقت جي چوڻ تي لکيو.” گل محمد عمراڻي صاحب جي هن خط مان جيڪا ڳالھ محسوس ٿئي ٿي ته جڏهن انقلاب ايندا آهن ته ڪيترن ئي ذهنن کي ڌوڏي ڇڏيندا آهن، انهن هيبتناڪين سبب ۽ تعجب ۾ وجهندڙ جيڪي عالمي حالتون پيدا ٿي پونديون آهن، سي ئي دنيا جي هر شيءِ کي لوڏينديون آهن ۽ اُهي لرزشون ۽ لهرا دنيا جي تهذيبن، تاريخن، عوامي ذهنن ۾ هُل ۽ هنگامو برپا ڪندا آهن. انهن انقلابن سبب ڪيئي شيرازَ وکرڻ لڳندا آهن. ڪرشن چندر جيڪو لکيو اهو سوچي سمجهي لکيو جيڪا ڳالھ خط نويسيءَ مان محسوس ٿي ته هن جذبات کان هٽي لکيو ۽ اهڙين لکڻين ۾، سندس افسانن جي عنوانن طرف اشارو ڪيو ويو آهي. “جانور”، “دوسري موت”، “امرتسر”، “آزادي سي پهلي اور آزادي ڪي بعد”، “پشاور ايڪسپريس”، “ايڪ طوائف ڪا خط”، “لال باغ” ۽ “جيڪسن” شامل آهن. هن خط ۾ مفيد ڳالهين کي به آڏو رکيو ويو آهي، جيڪي انسانن سان لاڳو آهن ۽ انهيءَ جو هڪ مثال افساني “جانور” جو کنيو ويو آهي ته: “انسان جڏهن انسان جهڙو ڪم ڪري ٿو ته ڪابه حيرت ڪانه ٿي ٿئي، پر جڏهن جانور انسان جهڙو فعل انجام ڏئي ٿو ته هن کي جانور يا وحشي چون ٿا. سک، هندو ۽ مسلمان جي اهڙن بي رحم سلوڪ ۽ قبيح حرڪتن جا مثال هن افساني ۾ موجود آهن. ٽي ڪردار ٽي واقعا، جيڪي ورهاڱي جي فسادن جي وحشي رخ کي ظاهر ڪن ٿا ته ديس راڄ ڪوٽلي، سوڍا سنگھ ۽ انور احمد حميد جو سڀ ڪجھ هن فرقيوار فساد ۾ برباد ٿي چڪو آهي، احمد حميد کي هڪ ڪانگريسي مسلمان ڏيکاريو ويو آهي، جنهن گانڌي جي آشرم ۾ شيوا ڪئي هئي. “اهڙي طرح هندو ۽ سک جي ڪردار کي آڏو آندو ويو آهي. سڀني کان وڌيڪ وري “پشاور ايڪسپريس” افساني کي قرار ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو هن ۾ ورهاڱي بابت آخري لفظ ڏنا ويا آهن ته: “اسين سڀ وحشي آهيون” ۽ ڪرشن چندر بابت ٻڌايو ويو آهي ته: “پاڻ ڪنهن مذهب تعصب کان وانجهيل هو.” اهڙي طرح خطن جو سلسلو جاري آهي ۽ هڪ خط ڏينهن ڇنڇر تاريخ 20 مارچ 2021ع جو اسان جي آڏو آهي، جنهن جو عنوان آهي رسالو “ليل ونهار” مزاحمتي صحافت جو بيباڪ آواز” هن عنوان جي شروعات ۾ ليکڪ لکي ٿو ته: “جديد فارسي ۾ “ليل ونهار” جي معنيٰ رات ۽ ڏينهن آهي ۽ هي هفتيوار اوائلي کاٻي ڌر جو صبح ۽ شام پرچو رهيو آهي. مون ننڍي ڄمار ۾ ان کي پڙهيو، پر سمجھ ۾ ڪونه آيو. ڇاڪاڻ ته 1957ع ۾ جڏهن هي هفتيوار رسالو اصل ۽ ٺيٺ مارڪسوادي  فڪر جو ترجمان هو ته آئون ان وقت ٽئين درجي سنڌي ۾ هئس. “اسان کي گل محمد عمراڻي صاحب جي خطن ۽ مضمونن جي مطالعي مان جيڪا ڳالھ آڏو آئي آهي، سا هي آهي ته سندس ذهن تي ننڍي هوندي کان جيڪي نقش مرتب ٿيا تن جو اڳتي هلي لکت جي صورت ۾ اظهار ڪيو اٿس. انهن ڳالهين جا سبب سندس لکڻين مان ڏسي سگهجن ٿا ته هن پنهنجي همعصر دور جي ڪن عالمن جي ڪم جو مطالعو ڪيو آهي ته ٻئي طرف عالمي ادب جو مطالعو به نظر اچي ٿو ۽ ٽئين طرف وري سندس علمي ۽ ادبي ڪم مان اهو به نظر اچي ٿو، هن ماضيءَ جي ڪن واقعن ۽ تاريخن ۽ ادبي شهپارن ۽ جريدن جو وسيع مطالعو ڪيو آهي، انهيءَ ڪري، سندس تحريرن ۾ ماضيءَ، حال ۽ مستقبل بابت ڪن شين جي حقيقتن ذڪر هيٺ آڻيندو رهي ٿو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي “خانائي”، غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر ملڪ نديم ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ۽ ٻين جي ڪم ادبي ڪم جو اکين ڏٺو شاهد به آهي. عمراڻي صاحب جا خط ۽ مضمون جن ۾ ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ڳالهين جي معلومات ڏنل آهي تن جي اڀياس مان عمراڻي صاحب جو شعوري جذبو جنهن مان، اسان استفادو حاصل ڪري رهيا آهيون، اهو جذبو ۽ نيڪ نيتِيءَ وارو گڻ اسان جي گهڻ رخي ليکڪ اسان کي تحقيقي، تنقيدي، تخليقي ۽ تاريخي معلومات پنهنجي خطن ۽ مضمونن جي ذريعي ڏيڻ گهري آهي. اسان گل محمد عمراڻيءَ جي مضمونن ۽ خطن مان، سندس فني، فڪري احساس ۽ سماج ڏانهن مثبت لاڙو ڏسي سگهون ٿا ۽ ان کانپوءِ، پنهنجي راءِ رکون ٿا ته هن جيڪو علمي ۽ ادبي رستو اختيار ڪيو آهي، انهيءَ ۾ مثبت طريقي ۽ سائنسي انداز سان جيڪو علمي ۽ عملي احساسن جو اظهار ڪيو آهي، تن ۾ فسلفياڻو فڪر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مذڪوره اڀياس ۾ اسان هڪ گهڻ پاڙهو شخصيت جي معلومات تي مبني خطن ۽ مضمونن ۾ ڏنل ڄاڻ کي پڙهي، اسين ڏيهي، پرڏيهي، عالمن ۽ شاعرن جي ڪيل ڪم جي طريقيڪار کان روشناس ٿي رهيا آهيون.