بلاگنئون

ناول قسط پهرين: اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا

منھنجي ڄمڻ وقت منھنجو والد صاحب ڊاڪٽر ھري ونش بچن يو ٽي سي (يونيورسٽي ٽريننگ ڪور) ۾ ھو. اسان جي خاندان جو خيال ھو ته آئون به فوج ۾ ويندس. منھنجي ناناڻي خاندان مان سڀ فوج ۾ ھئا. انھن ڏينھن ۾ جنگ ھلندڙ ھئي، منھنجا مائٽ مذاق ۾ اڪثر مون کي فيلڊ مارشل اميتاڀ چوندا ھئا، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مون کي انجنيئر ٿيڻ جو شوق هو، منھنجي ماءُ پيءُ پنھنجي مرضي ۽ خواھش مون تي نه مڙھي ھئي. آئون ھڪ عام ٻار ھئس، مون کي گذريل ڏھن سالن جون ايتريون ڳالهيون ياد ناھن، جيتريون ننڍپڻ جون ياد آھن. شايد ان ڪري ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ واري زندگي سست ھوندي ھئي ۽ ھر ڳالھ ياد رھجي ويندي ھئي. ھاڻي حالت اھا آھي، جو ڪابه ڳالهه ياد نٿي رهي. مون کي پنھنجو ننڍپڻ چٽو ياد آھي، جتي رھياسين مون کي اھي گھر به ياد آھن، مون کي پنھنجو ڪمرو به ياد آھي، آئون ۽ منھنجو ڀاءُ ڪجھ وقت ھڪ ئي ڪمري ۾ گڏ رھياسين. بعد ۾ مون کي الڳ ڪمرو ڏنو ويو، مون کي پنھنجو پراڻو گرامو فون به ياد آھي، منھنجي امان اھو گرامو فون پنجاب مان پاڻ سان گڏ کڻي آئي ھئي. مون کي ياد آھي، اسان جي گھر جي ڪٻٽن ۾ ڪيترائي رڪارڊ پيل ھوندا ھئا. ھڪ ڌن مون کي ڏاڍي وڻندي ھئي، اڪثر جهونگاريندو رھندو ھئس، پوءِ اھا ڌن مون کي وسري وئي، گھڻن ڏينهن کانپوءِ اڪيلائي ۾ ستار وڄائي رھيو ھئس ته اھا ڌن مون کي ياد اچي وئي. منھنجو پيءُ الھ آباد يونيورسٽي ۾ تحقيق ڪري رھيو ھو، ھو صبح سوير گھر مان ھليو ويندو ھو، مون کي ۽ منھنجي ڀاءُ بنٽي کي امان تيار ڪري اسڪول موڪليندي ھئي، جيڪو شھر کان گھڻو پري ھوندو ھو. ٿوري خوشحالي آئي ته گھر ۾ سائيڪل به اچي وئي ۽ پوءِ اسان سائيڪل تي اسڪول ويندا ھئاسين، ان کان پھرين پنڌ اسڪول ويندا ھئاسين. الھ آباد ۾ تمام گھڻي گرمي ٿيندي ھئي، اسڪول اچڻ وڃڻ دوران ڀاءُ ٿڪجي پوندو هو ته کيس پٺن تي کڻندو ھئس. اسان کي گھر مان اھي ئي ھدايتون ملنديون هيون، جيڪي ھر ٻار کي ننڍپڻ ۾ ملنديون هيون. مثال طور: سچ ڳالھايو، ٻين ٻارن سان نه وڙھجو وغيره. ھڪ دفعي اسڪول ۾ منھنجو جھيڙو ٿي پيو، مون کان وڏن چئن ڄڻن مون کي سخت ڪٽڪو ڏنو، آئون روئيندو گھر آيس. امان ڏٺو ته چيائين ايئن بزدلن وانگر نه رو، وڃ ۽ انھن ڇوڪرن کان وڃي بدلو وٺ، توکي پنھنجي جنگ پاڻ وڙھڻي پوندي. آئون تنھنجي پاران نٿي وڙھي سگھان ۽ پوءِ آئون واپس ويس ۽ انھن ڇوڪرن کان بدلو ورتم. منھنجي ننڍپڻ وارو وقت ڏاڍو سڪون وارو ھو، امان قناعت پسند ھئي، امان ڏاڍي سھڻي ھوندي ھئي ۽ پنھنجو پاڻ کي ٺاھي ھلندي ھئي. سندس تعلق پنجاب جي ھڪ خوشحال گھراڻي سان ھو ۽ سندس تربيت به مغربي انداز سان ٿي. ان ڪري ھوءَ ترقي پسند سوچ جي مالڪ هئي ۽ ھوءَ پنھنجي دور کان گھڻو اڳتي ھئي. امان جو اسان سان رويو به وڏن وارو ھوندو ھو، جھڙو اسان وڏا ھجون. جڏهن اسان ڪا فرمائش ڪندا ھئاسين ته ھوءَ دڙڪا ڏيندي ھئي، غربت ضرور ھئي، پر ايڏي به نه ھئي جو اسان جون فرمائشون پوريون نه ٿي سگھن. مون کي ياد آهي اسڪول ۾ ھڪ ڪلب قائم ٿيو ھو، ان جي ميمبر ٿيڻ لاءِ مون امان کان ٻه رپيا گھريا ھئا، امان جواب ڏنو ته مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي، پر ان ۾ به ڪا رضا سمجھي خاموش ٿي ويس. ان واقعي کانپوءِ مون ۾ به بچت جي عادت پئي. امان ۽ بابا مضبوط انسان ھئا، بابا گھٽ ڳالھائيندو ھو ۽ ان جي موجودگي ۾ سڀ خاموش ھوندا ھئا، ننڍپڻ ۾ بابا کي اڪثر فوجي لباس ۾ ڏسندو ھئس. ھو يو ٽي سي ۾ ھوندو ھو، ان زماني ۾ جنگ جي ڪري عام آفيسرن کي به فوجي ٽريننگ ڏني ويندي هئي. بابا جي باري ۾ چيو ويندو هو ته ھو ڏاڍو ھوشيار آفيسر آھي، بابا ڪاوڙ جي ڪري به مشھور ھوندو ھو. بعد ۾ سندس ڪاوڙ گھٽجي وئي، بابا ارادي جو پڪو ھوندو ھو، جيڪا ڳالھ ڪيائين، اھا پٿر تي ليڪ ھوندي ھئي. امان ٻڌائيندي هئي ته بابا گھڻي ڪاوڙ ڪندو ھو. آئون ۽ منھنجو ڀاءُ ننڍپڻ ۾ سندس سامھون ڪڏهن به نه وياسين. ھو اسان کي ننڍپڻ ۾ مٽي ۾ کيڏڻ تي دڙڪا ڏيندو هو. ڪپڙا ميرا ڪري گھر ايندا ھئاسين ته سزا طور سڄي گھر جي صفائي ڪرڻي پوندي هئي. اونداھي ٿيڻ کان پھرين گھر ۾ پھچڻو ھوندو ھو، اسڪول ۾ رزلٽ سٺي نه ايندي هئي ته بابا گھڻو پريشان ٿي ويندو ھو. پڙھائي ۾ آئون ھوشيار ھوندو ھئس، جڏھن الھ آباد ۾ پڙھندو ھئس ته ٽاپ ٿري ۾ ضرور ايندو ھئس. جڏھن اسان شيروڊ وياسين ته منھنجي پڙھائي تي گھڻو فرق پيو ۽ آئون وچولو شاگرد ٿي ويس، ھتي آئون ٽاپ ٽين کان به ھيٺ چوڏھين پندرهين نمبر تي ھوندو ھئس. مون سينيئر ڪيمبرج ۾ سيڪنڊ ڊويزن، جڏهن ته دھلي يونيورسٽي مان به سيڪنڊ ڊويزن مان بي ايس سي جو امتحان پاس ڪيو. سينٽ ميري ڪانوينٽ اسڪول الھ آباد ۾ اسان سان گڏ ڇوڪريون به پڙھنديون ھيون، بعد ۾ ڇوڪرين کي الڳ ڪيو ويو. پلي گروپ ۽ ڪي جي کانپوءِ مون کي بوائز ھاءِ اسڪول ۾ ڇڏيو ويو، جتان مون ست درجا پاس ڪيا، اٺين ڪلاس ۾ شيروڊ ۾ اٺين درجي ۾ داخل ٿيس، ان کانپوءِ 1959ع ۾ يونيورسٽي جي ڪروڙي مل ڪاليج مان بي ايس سي جي ٽن سالن جي جنرل ڪورس ۾ داخلا ورتم. ان کانپوءِ اڳ ھڪ مھينو چندي ڳڙھ ڪاليج ۾ به پڙھيو ھئس. ان جو سبب اھو ھو ته مون کي پنھنجي پسند جي سينٽ سٽيفينز ڪاليج ۾ داخلا نه ملي سگهي هئي. مون کان ھڪڙي غلطي ٿي، اھا ھيءَ ته سينٽ سٽيفينز ڪاليج ۾ داخلا فارم جمع ڪرائڻ وقت مون ٻئي ڪنھن به ڪاليج ۾ داخلا فارم جمع نه ڪرايو. اھوئي سبب آهي جو مون کي دھلي کان ٻاھر داخلا وٺڻي پئي. اھڙيءَ طرح مون کي ڪروڙي مل ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي. سائنس ۾ داخلا وٺڻ جو سبب اھو ھو ته مون سينيئر ڪيمبرج ۾ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ حسابن ۾ سٺيون مارڪون کنيون ھيون، پر انگريزي ۾ گھٽ مارڪون ھيون. ان زماني ۾ فوج ۽ انتظامي سروسز ۾ سائنس گريجوئيٽ کي فوقيت ڏني ويندي هئي. والدين جي خواھش ھئي ته مون کي انگريزي يا اڪانامڪس ۾ گريجوئيشن ڪرڻ گھرجي. ياد رهي ته منھنجو والد صاحب پي ايڇ ڊي آھي. سٽيفينز ڪاليج ۾ انٽرويو وٺندڙ استادن ۽ پرنسپال مون کي انگريزي ادب ۾ داخلا وٺڻ جو مشورو ڏنو ھو، پر مون سائنس پڙھڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. اسان جي خاندان ۾ ھڪٻئي جي فيصلن جو احترام ڪيو ويندو ھو، ان ڪري مون بي ايس سي ۾ داخلا ورتي، اھا الڳ ڳالھ آھي ته 45 منٽن جي پھرين ليڪچر ۾ مون کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو ھو. ڪاليج ۾ پڙھائي دوران مون ڪيترائي ڊراما پڙھيا، شيڪسپيئر، برنارڊشا ۽ ان دور جي ٻين آمريڪي ۽ برطانوي ڊراما نگارن جا ڪيترائي ڊراما پڙھيم ۽ مون خيالن ۾ ھر ڊرامي جي ڪنھن نه ڪنھن ڪردار ۾ پنھنجو پاڻ کي ڏٺو ھو، خاص طور تي ھيرو جي ڪردار ۾ ڇو ته ھيرو کي مڪالما گھڻا ملندا ھئا. ڇاڪاڻ ته اھو منھنجو پنھنجو خيال ھو ته منھنجي خوابن کي ڪير به سمجھي نٿو سگھي، تنھنڪري انھن تجربن جو ڪنھن سان به ذڪر نه ڪيم. منھنجا ڪلاس فيلو راندين ۾ حصو وٺندا رھندا ھئا ۽ انھن جا والدين به اسڪول ۾ ٿيندڙن مقابلا ڏسڻ ايندا ھئا. منھنجي والد صاحب کي رانديون اصل نه وڻنديون ھيون، البته امان راندين کي گھڻو پسند ڪندي ھئي، ھوءَ پاڻ به ايٿليٽ رھي چڪي ھئي، امان ٽينس ۽ بيڊمنٽن باقاعدگي سان کيڏندي ھئي. آئون به اسڪول ۾ سٺو ايٿليٽ ھوندو ھئس ۽ ڪيترائي انعام ۽ ٽرافيون پڻ کٽي چڪو آھيان، امان اسڪول ۾ منھنجو ھر مقابلو ڏسڻ ايندي ھئي. بابا پنھنجو گھڻو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريندو ھو، سندس عادت ھوندي ھئي ته ماني وقت سڀني گھر ڀاتين کي گڏ ڪندو ھو. اسان جي گھر ۾ رات جي ماني ساڍي اٺين وڳي ٿيندي ھئي. رات جي ماني تي بابا زندگي، ادب، شاعري ۽ مصوري تي ڳالھائيندو ھو. بابا بحث ۽ مباحثي لاءِ حوصلا افزائي ڪندو ھو، اسان ٻارن جي راءِ جو احترام ڪندو ھو، منھنجي خيال ۾ بابا جي ان عادت جي ڪري اسان جي خاندان کي وڏو فائدو ٿيو ۽ ھاڻي آئون به انھيءَ روايت کي قائم رکيو اچان. رات جو سڀ ڀاتي گڏ ماني کائيندا آھيون، منھنجي ھميشه اھا ڪوشش ھوندي آھي ته گھٽ ۾ گھٽ ھڪ وقت ته ماني تي گڏ ھجون. منھنجي مصروف زندگي جي ڪري اڪثر ڪري رات جي ماني تي گڏ ھوندا آھيون. ھاڻي منھنجا ٻار وڏا ٿي ويا آهن ۽ اھي پاڻ ۾ فلم، موسيقي يا ٻئي ڪنھن موضوع تي بحث ڪندا رھندا آھن ۽ آئون خاموشي سان ٻڌندو رھندو آھيان. امان اسان ڀائرن کي ننڍپڻ ۾ رام ۽ لڪشمڻ جي نالن سان سڏيندي ھئي، آئون پنھنجي ڀاءُ اجيناڀ جو خيال رکندو ھئس، ڪنھن ڳالھه تي سزا ملندي ھئي ته ڀاءُ جون ڪيل غلطيون پنھنجي کاتي ۾ ھڻي ڇڏيندو ھئس ۽ اھڙيءَ طرح ڀاءُ کي سزا کان بچائي وٺندو ھئس. اسان ٻنھي ڀائرن ۾ ھم آھنگي ھئي، اسان ھڪٻئي جا سٺا دوست به ھئاسين، اسان جا دوست به گڏيل دوست ھوندا ھئا. اسان جي عادتن ۾ به ڪو گھڻو فرق نه ھو، پر ھو مون کان گھڻو منظم ھوندو ھو. اسان ٻنھي کي رانديڪا ڏنا ويندا ھئا ته شام ٿيندي ئي منھنجو رانديڪو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو ھو، جڏھن ته ادا اھو رانديڪو ڪيترائي سال ھلائيندو ھو. ھاڻي به ھو مون کي ڪو پراڻو خط، ڪتاب يا ڪو يادگار ڏيکاري مون کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي. ادا شين کي گڏ ڪرڻ ۽ انھن جي حفاظت ڪرڻ خوب ڄاڻي ٿو. آئون به شيون گڏ ڪندو آھيان ۽ حفاظت سان سنڀالي رکندو آھيان، پر جڏهن انھن جي ضرورت پوندي آهي ته نه ملي سگھنديون آهن. ننڍپڻ ۾ مون ۾ برداشت ۽ صبر ھوندو ھو، ھڪ دفعي ڀت سان ٽڪرائجڻ جي ڪري مٿو ڦاٽي پيو ۽ ٽانڪا لڳا. ڊاڪٽر کي منھنجي صبر تي حيراني ٿي، آئون ان وقت ٿورو به نه رنو ھئس. ننڍپڻ ۾ ڪابه پريشاني نه ھوندي ھئي، ڇو ته ھر پريشانيءَ کي بابا ۽ امان منھن ڏيندا ھئا. بي ايس سي سيڪنڊ ڊويزن ۾ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ والدين کي منھنجي روزگار جي پريشاني ٿيڻ لڳي، ڇو ته انھن ڏينھن ۾ فرسٽ ڊويزن واري کي نوڪري ڏکي ملندي ھئي. اھو وقت سخت تڪليفن وارو ھو. ھر ماءُ پيءُ جي خواھش ھوندي ھئي ته سندس اولاد فرسٽ ڊويزن کڻي ڪنھن سٺي روزگار سان لڳي. ساڳيو معاملو بابا سان به ھو، ھڪ اسڪالر ھجڻ ناتي بابا جي به خواھش ھئي ته سندس پٽ اعليٰ تعليم حاصل ڪري ڪنھن اھم مقام تي پھچن، جڏھن آئون اھو سڀ ڪجھ نه ڪري سگھيس ته يقينن بابا کي سخت تڪليف پھتي ھوندي. آئون پنھنجي والدين جي توقعات تي پورو نه لھڻ ڪري شرمندو ھئس، منھنجو بابا ھڪ عظيم عوامي ماڻھو ھو، ھو مشھور اداڪار ٿيڻ کان پھريان ھڪ اديب ۽ شاعر پڻ ھو. منھنجي والدين منھنجي تعليمي ڪارڪردگيءَ جو ذڪر ڪڏھن مون سان ته نه ڪيو، پر مون کي خبر آهي ته اھي مايوس ضرور ٿيا ھئا. بابا جي خواھش ھئي ته آئون فوج ۾ ڪنھن سٺي عھدي تي پھچان، ھڪ ميجر جنرل بابا جو دوست ھوندو ھو، بابا کيس منھنجي نوڪري لاءِ چيو ھو ۽ ھن به بابا کي منھنجي نوڪري لاءِ ھا ڪئي ھئي. منھنجي خواھش ھئي ته ايئر فورس ۾ نوڪري ڪيان، پر بابا جي اھا خواھش نه ھئي. مون کي روزگار جي ڳولها جو اھو وقت ياد آھي، صبح سوير اٿي سٺا ڪپڙا پائي انٽرويو ڏيڻ ويندو ھئس، نيٺ ڪلڪتي ۾ نوڪري ملي وئي، پر ڪجھ عرصو گذرڻ کانپوءِ نوڪري کي الوداع ڪري اداڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيم. بابا ۽ امان منھنجي ان قدم تي نه ناراض ٿيا ۽ نه منع ڪيائون. منھنجن والدين جي زندگي ڏاڍي ڊسيپلين واري ھئي، منھنجو اھو فيصلو سندن لاءِ غير يقيني ۽ غير متوقع وارو ھو. بابا رٽائرمينٽ کي ويجھو پھچي چڪو ھو، سندس خواھش ھئي ته سندس اولاد به ڪنھن ڌنڌي سان لڳي وڃي. سچ اھو آھي ته منھنجو نوڪري ڇڏڻ ۽ اداڪاري طرف اچڻ ھڪ وڏو رسڪ ھو. آئون پنھنجي والدين کي سلام پيش ڪيان ٿو، جيڪي منھنجي لاءِ ان وقت سخت پريشان ھئا، پر انھن پريشاني منھنجي اڳيان ظاھر يا محسوس نه ڪرائي، انھن منھنجو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ منھنجي خوابن جي تڪميل ڪرڻ ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪيو.

…(هلندڙ)…

***