بلاگنئون

ناول قسط ٻئين-حصو پهريون: وحـشي

سمنڊ جي ڪناري جي بلڪل ويجهو، جتان ڪو اھو تصور ڪري ته ان جاءِ تان لهرون اٿنديون آھن، اتي ڪارن ٿڙن وارن ويهارو کن چيريءَ جي وڻن جي قطار هئي. هر اپريل ۾ جڏهن نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ وارو هوندو هو ته اهي وڻ سمنڊ جي نيري پاڻيءَ جي مقابلي ۾ چمڪندڙ گلن ۽ گهميل ناسي پنن جو ڏيک ڏيندا هئا. گلن جون بيشمار پنکڙيون برف جي سفيد ذرن وانگر پاڻيءَ تي ڦهلجي وينديون ھيون ۽ لهرون وري انهن ترندڙ پنکڙين کي واپس ڪناري ڏانهن ڌڪي اينديون هيون. سمنڊ جي ڪناري تي چيريءَ جا گل پکڙيا پيا ھوندا ھئا، جيڪو اسان جي هاءِ اسڪول جي راند جي ميدان طور ڪم ايندو ھو. اسڪول جي ٽوپيءَ جي بيج ۽ اسان جي يونيفارم جي بٽڻن تي به چيريءَ جا گل سجايل ھوندا ھئا.

ڀرسان ئي منهنجي هڪ مائٽ جو گهر هو، تنهنڪري منهنجي پيءُ مون لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي چيري جي گلن وارو اسڪول منتخب ڪيو هو. منهنجي سنڀال لاءِ، مون کي ان گهر ۾ ڇڏيو ويو، جيڪو اسڪول جي ايترو ته ويجهو هو، جو صبح جي گهنٽي وڄڻ کانپوءِ جيڪڏهن مان ڊوڙي اسڪول وڃان ته پوءِ به وقت تي پنهنجي ڪلاس ۾ پهچي پئي سگهيس. مان سُست قسم جو شاگرد هئس، پر ان جي باوجود پنهنجي فطرتي حرڪتن جي مهربانيءَ سبب، مان پنهنجي اسڪول جي ساٿين ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.

ڪنهن اجنبي شهر ۾ رهڻ جو ھي منهنجو پهريون تجربو هو. مون کي اها ڳالهه پنهنجي ڳوٺ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي پسند آئي. شايد ان جو سبب اهو به هجي ته هاڻي مسخري ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جو اھو حصو بڻجي ويو ھو، جو هاڻي ٻين سان مسخري ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي ھئي. مان سمجهان ٿو ته ڪٿي ائين ته نه هو، جو پنهنجي ڪٽنب اڳيان ۽ اجنبي ماڻهن اڳيان يا پنهنجي شهر ۾ ۽ ٻي ڪنهن جاءِ تي پنهنجي فنڪاري ڏيکارڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي ھجي؟ اهو ته مسئلو ھوندو آهي ته ڪو ڪيترو به ذهين هجي، پر هڪ اداڪار اڪثر ڪري پنهنجي ڳوٺ جي ناظرين کان ڊڄندو آهي. مان سمجهان ٿو ته دنيا جو سڀ کان وڏو اداڪار به پنهنجي گهر جي ڀاتين اڳيان اداڪاري ڪرڻ وقت گهٻرائجي ويندو آھي، پر مان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سکي ورتو هو ۽ مان ان ۾ ڪافي ڪامياب رھيو هئس. اها ڳالهه اعتبار جوڳي ناھي ته ڪو باصلاحيت اداڪار گهر کان پري ناڪام ٿيو ھجي.

انسانن جو خوف منهنجي سيني ۾ لڇندو رهيو. مون کي اھا پڪ ناهي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ ٿوري يا وڌيڪ شدت سان، پر اھو ضرور آھي ته منهنجي اداڪاري جي صلاحتين ۾ بنا ڪنهن شڪ جي پختگي اچي وئي هئي. مان هر وقت پوري ڪلاس کي شديد ٽهڪن ۾ وجهي ڇڏيندو ھئس ۽ استاد اڪثر اعتراض ڪندي چوندو ھو ته ڪيترو نه ڀلو ٿئي، جو مان ان ڪلاس ۾ ئي نه هجان ها. هو پنهنجي وات تي هٿ رکي کلندو ھو. منهنجي هر لفظ تي، فوجي مشق وارو استاد به بيحد کلندو ھو، جنهن جو عام جملو به هڪ وحشت ۽ دهشت وارو ھوندو ھو.

جڏهن مان ساھي پٽي ۽ ڪنهن حد تائين اعتماد حاصل ڪري ورتم ته مان هيستائين پنهنجي حقيقي سڃاڻپ کي پوريءَ طرح لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهيان، ته بلڪل اوچتو، مون کي پٺيءَ ۾ ڄڻ ته ڪنهن خنجر اچي ھنيو. اڪثر خنجر سان وار ڪرڻ وارن ماڻهن وانگر، ھي حملي آور به بلڪل اٻوجهه هو. ڪلاس جو اهو سڀ کان ڪمزور ڇوڪرو، جنهن جو چهرو ڏکويل نظر ايندو ھو ۽ ڍلي جيڪٽ پاتل ھوندي ھئس، جنهن جون ٻانهون کيس ڪافي ڊگهيون ھيون. پڙهائيءَ ۾ جڏو ھوندو ھو ۽ فوجي مشقن ۽ جسماني تربيت دوران نااھلي سبب کيس ھميشه تماشائي طور چونڊيو ويندو ھو. تعجب جي ڳالهه ناهي، مون کي خبر ئي نه پئي ته مونکي ھن کان خبردار رھڻ جي ضرورت به ھئي.

ان ڏينهن تَڪيچي (ان ڇوڪري جو نالو هو، جيستائين مون کي ياد آهي) فزيڪل ٽريننگ جي دوران بطور تماشائي جي بلڪل ٺيڪ نظر اچي رهيو هو. جڏهن ته اسان باقي سڀ افقي لائين تي پريڊ ڪري رھيا ھئاسين. مان ڄاڻي ٻجهي سنجيدہ چهرو بڻائي، وڏي ڪوشش ڪري، رڙيون ڪندي، لوھي ڏنڊي جي مٿان ٽپو ڏنو، پر اھو ڏنڊو وڃي ھيٺ ڪريو ۽ مان ائين اڳتي اڏامي رھيو ھئس ڄڻ ته مان ڪو وڏو ٽپو ڏنو ھجي ۽ وڃي ڇتڙن ڀر واريءَ تي ڪريس. ھي سڀ ڪجهه پوريءَ طرح اڳواٽ ۾ رٿيل هو، پر هرڪو ڏاڍيان کلڻ لڳو، مان بلڪل ائين ئي چاھيو ھو. مان ڦڪائيءَ مان مرڪندي اٿي بيٺس ۽ پنهنجي پينٽ کي ڇنڊي رھيو ھئس ته تَڪيچي به منهنجي پويان اٿي رھيو ھو. مون کي پٺيءَ تي ھٿ ھڻي، آھستي چيائين، “تو اهو ڄاڻي واڻي ڪيو.”

مان سڄو ڏڪڻ لڳس. شايد مون کي اندازو ٿي ويو هو ته ڪنهن نه ڪنهن کي خبر پئجي ويندي ته مان ڄاڻي واڻي ائين ڪيو آھي، پر تَڪيچيءَ کي ئي خبر پوندي، اھا ڳالهه منهنجي لاءِ آسمان مان کنوڻ ڪرڻ جي برابر ھئي. مون کي ائين لڳو، ڄڻ دوزخ جا ٻرندڙ شعلا ڌرتيءَ کي وڪوڙي ويا ھجن. مان پنهنجي ڊپ کي لڪائڻ کانسواءِ ڪجهه ڪري نه سگهيس.

ايندڙ ڪافي ڏينهن تائين مان پريشاني ۽ خوف ۾ ورتل ھئس. مان ظاھري طور نيچ قسم جي ڀوڳن سان هر ڪنهن کي کلائيندو رهيس، پر منهنجي چپن تي ھر وقت دردناڪ آهون جاري رھنديون ھيون. مان جيڪو ڪجهه ڪندو ھئس، ان جي تَڪيچي کي خبر پئجي ويندي ھئي ۽ مون کي پڪ هئي ته هو جلد ئي هر ڪنهن کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو. اهو سوچي منهنجي پيشانيءَ تي پگهر اچي ويو. مان هڪ چرئي وانگر ڪاوڙ مان پنهنجي ارد گرد غور سان ڏسڻ شروع ڪيو. مان سوچيو، جيڪر ممڪن هجي ته مان روزانو چوويهه ڪلاڪ تَڪيچيءَ تي نظر رکان. صبح، منجهند ۽ رات، ھن کان پري نه ٿيان ته جيئن هو اهو راز فاش نه ڪري. مان افسوس مان گهڻو سوچيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. مان هن سان ھر وقت گڏ رھي کيس سمجهايان ته مان ڄاڻي واڻي ائين نه ڪندو آھيان، اھو سڀ ڪجهه سچ ۾ ٿي ويندو آھي. جيڪڏهن معاملا ٺيڪ ٿي ويا ته مان هن جو پڪو دوست ٿيڻ پسند ڪندس، پر جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ناممڪن ثابت ٿيو ته مون وٽ سندس مرڻ جي دعا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هوندو. بهرحال، کيس مارڻ واري ڳالهه منهنجي ذھن ۾ ڪڏهن به نه آئي هئي. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ بيشمار دفعا اها خواھش ڪئي آهي ته مون کي خوفناڪ موت نصيب ٿئي، پر مان ڪڏهن به ڪنهن کي مارڻ جو نه سوچيو آهي. مان سوچيو ته هڪ خوفناڪ مخالف کي مارڻ سان مان شايد کيس خوشي ڏئي رهيو ھجان.

تَڪيچيءَ جو اعتماد کٽڻ لاءِ مان ھر وقت پنهنجي چهري تي ھڪ ڍونگي عيسائيءَ وانگر خوبصورت مسڪراهٽ آڻيندو ھئس. مان هن سان گڏ هر جاءِ تي گهمڻ لڳس، منهنجون ٻانهون سندس سڪل ڪلهن تي ورايل ھونديون ھيون. مان پنهنجو ڪنڌ هن ڏانهن پيار سان جهڪائيندو ھئس. مان اڪثر کيس پيار ۽ نرميءَ سان سڏيندو هئس ته ھو منهنجي گهر اچي راند ڪري، پر جواب ڏيڻ بدران هو هميشه مون کي رڳو اکيون ڦوٽاري ڏسندو هو.

هڪ ڏينهن اسڪول جي موڪل کانپوءِ… شايد اونهاري جي شروعات هوندي… جو اوچتو برسات شروع ٿي وئي. ٻيا شاگرد پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ تمام گهڻو پريشان ٿي رهيا هئا، پر جيئن ته مان اسڪول جي ڀرسان ئي رهندو هئس ۽ مان تکو تکو گهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جيئن ئي مان ٻاهر وڃڻ لڳس، مان ڏٺو ته تَڪيچي دروازي مان اندر داخل ٿيو. ھو ڏکويل نظر اچي رھيو ھو. مان چيو، “اچ ته هلون. مان توکي پنهنجي ڇٽي ٿو ڏيان.” مان تَڪيچي جو هٿ پڪڙيو ته هو گهٻرائجي ويو ۽ پوءِ ھن سان گڏ مينهن ۾ ٻاھر نڪري ويس. جڏهن اسان گهر پهتاسين ته مان پنهنجي چاچيءَ کي چيو ته ھوءَ اسان جون جيڪٽون سڪائي ۽ پوءِ مان تَڪيچي کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھئس.

ان گهر ۾ پنجاهه ورهين جي منهنجي چاچي ۽ منهنجون ٻه سئوٽون رھنديون ھيون. انهن ٻنهي سئوٽن مان وڏي عمر واري ڇوڪري، قد جي ڊگهي، ڪمزور، ۽ چشمو پائيندي ھئي. ھن جي عمر ٽيهن ورھين جي لڳ ڀڳ ھئي. (شاديءَ کانپوءِ سندس طلاق ٿي وئي ھئي) ۽ سندس ننڍي ڀيڻ قد جي ننڍي ۽ سندس منهن گول ھو. ڄڻ ته ھوءَ تازوئي ھاءِ اسڪول مان فارغ ٿي ھئي. گهر جي ھيٺين منزل تي دڪان ھو. جنهن ۾ ٿوري مقدار ۾ اسٽيشنري ۽ راندين جو سامان وڪري لاءِ رکيل ھو، پر سندن آمدنيءَ جو اصل ذريعو منهنجي مرحوم چاچي جي ٺاهيل پنجن ڇهن عمارتن جي مسواڙ هئي.

تَڪيچي، بيزاريءَ سان منهنجي ڪمري ۾ بيٺو ھو، چيائين، “منهنجي ڪنن ۾ سور آھي.”

“مينهن سبب، انهن ۾ پاڻي پئجي ويو ھوندو.” مان هن جي ڪنن کي جاچيو ۽ ڏٺو ته سندس ڪن وھي رهيا هئا. ڪنن جون پاپڙيون گند سان ڀرجي ويون ھيون. مان حد کان وڌيڪ افسوس ظاهر ڪيو. “ڪن ڪافي خراب ٿي ويا آھن، انهن ۾ ضرور سور ٿيندو ھوندو.” ھڪ عورت وانگر مان نرم لهجي ۾ ھن سان معذرت ڪئي، “مون کي ڏاڍو افسوس آهي ته مان توکي هن برسات ۾ ٻاهر وٺي آيس.” مان ھيٺ وڃي، ڪپهه ۽ شراب کڻي آيس. تَڪيچي منهنجي ھنج ۾ مٿو رکي فرش تي ليٽي پيو ۽ مان وڏي احتياط سان سندس ڪنن کي صاف ڪيو. تَڪيچي کي به منهنجي ان عمل پويان لڪيل منافقت، دوکيبازيءَ جي خبر نه هئي. ائين بلڪل نه هو… جڏهن هو اُتي ليٽيو پيو هو ۽ سندس ڪنڌ منهنجي جهوليءَ ۾ هو، ته هن منهنجي باري ۾ راءِ ڏيندي چيو، “مان شرط لڳائي سگهان ٿو ته ڪيتريون ئي عورتون توتي فدا ٿينديون!” هيءَ سندس هڪ جاھلاڻي نموني، تعريف ڪرڻ جي ڪوشش هئي.

مون کي ان ڳالهه جي خبر ايندڙ وقت ۾ پوڻ واري ھئي ته اها ھڪ شيطاني قسم جي اڳڪٿي هئي، جنهن جو تَڪيچيءَ کي به احساس نه ھو. “ڪو فدا ٿئي،” يا “ڪنهن تي فدا ٿجي.” مون کي انهن لفظن ۾ ناقابل بيان حد تائين بي حيائي، چريائپ ۽ ساڳي جاءِ تي اطمينان محسوس ٿيندو آھي. هڪ دفعو اهي اظهار ظاهر ٿين پوءِ اها جاءِ ڪيتري به سنجيدہ ڇونه ھجي، اداسيءَ جا خاموش گرجا گهر ڊھي پٽ پئجي وينداآھن ۽ اھي بيوقوفي جي تاثر کانسواءِ ڪجهه ناھن ڇڏيندا. “ڪنهن تي فدا ٿيڻ نهايت برو ڪم ھوندو آھي.” جيڪڏهن ڪو شخص ان ڳالهه کي بدلائي وڌيڪ ادبي طريقي سان ائين چئي ته اها حيرت انگيز ڳالهه ٿي ويندي، “ان ۾ ڪهڙي نه بيزاري ھوندي آھي، جو ڪو فدا ٿئي.” ۽ ان سان مايوسيءَ جا گرجا گهر ضروري ناھي ته ڊھي پٽ ٿي وڃن.

تَڪيچيءَ، عورتن جو مون تي فدا ٿيڻ واري بيوقوفاڻي راءِ ان ڪري ڏني، جو مان سندس ڪنن مان وهندڙ گند کي صاف ڪيو ھو. ان وقت ڪجهه به چوڻ جي بدران منهنجو ردِ عمل رڳو لڄي ٿيڻ ۽ کلڻ ھو، پر سچ اھو آھي ته مون کي ان ڳالهه جو ڪجهه اندازو ھو ته ان اڳڪٿيءَ جو ڪهڙو مطلب آهي. بلڪل نه، پر ماحول مطابق جوڙيل غير مهذب اصطلاح مطابق ائين چوڻ ته “فدا ٿجي”، اھو ته جذبن جي پختگيءَ سان دوکو آھي، جيڪو ڪنهن ميوزيڪل ڪاميڊي ڊراما جي ڪنهن اھم ڊائيلاگ جي به لائق نه آھي. حقيقت ۾ مون کي احمقاڻي، خود اطمينانيءَ وارن جذبن بلڪل متاثر ناھي ڪيو، جيڪي ان فقري “اڻپوري ڄاڻ” جي پيداوار ھجن.

مون کي مرد جي ڀيٽ ۾ عورت کي سمجهڻ ھميشه بيحد ڏکيو لڳو آھي. منهنجي ويجهي خاندان ۾ عورتن جو تعداد مردن کان وڌيڪ هو ۽ منهنجي سئوٽن ۾ اڪثر ڇوڪريون هيون. “ڏوهه” ڪرڻ واري به ھڪ نوڪرياڻي هئي. مان سمجهان ٿو ته اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ننڍپڻ ۾ مون سان راند ڪرڻ واريون به ڇوڪريون ھونديون هيون. تنهن هوندي به انهن ڇوڪرين سان گڏ رهڻ ۾ مون کي ائين لڳندو ھو، ڄڻ ته مان ڪنهن سنهڙي برف جي سطح تي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ھجان. مان ڪڏهن به سندن ارادن جو اندازو لڳائي نه سگهيس. مان بي خبر ھئس. ڪڏهن ڪڏهن مون کان لاپرواھيءَ مان ​​​​غلطي ٿي ويندي ھئي، جنهن سان مون کي دردناڪ زخم رسندا ھئا. اهي زخم ماڻهو جي ڏنل رھنڊن وانگر نه ھوندا ھئا. ھي زخم ته گِھرا وڍ ھوندا آھن، جن ۾ اندر ئي اندر خون پيو وھندو آھي ۽ جنهن سان سخت تڪليف ٿيندي آھي. جيڪڏھن ڪنهن شخص کي اھڙا زخم رسيا ته ان جو ٺيڪ ٿيڻ تمام ڏکيو هوندو آھي.

عورتون مون کي صرف ڇڏي ڏيڻ لاءِ دوکو ڏينديون ھيون. ٻين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾، اھي عورتون مون تي ٺٺوليون ڪنديون ھيون ۽ اذيت ڏينديون ھيون، پر اڪيلائي ۾ وڏي پيار سان ڳلي لڳنديون ھيون. عورتون ائين ننڊ ڪنديون آھن، ڄڻ ته مري ويون ھجن. ڪهڙي خبر، عورتون شايد سمهڻ لاءِ جيئنديون ھجن. ننڍپڻ کان وٺي عورتن جي مشاهدي ڪرڻ سان اهي ۽ اھڙا ٻيا ڪيترائي عام مثال سامهون آيا ھئا. ان مان اھوئي سمجهه ۾ اچي ٿو ته جيتوڻيڪ عورتن جو مردن جي ئي نسل سان تعلق نظر اچي ٿو، پر حقيقت ۾ اهي بلڪل الڳ مخلوق آهن. اهي سمجهه کان ٻاھر ۽ خطرناڪ جاندار آھن. اھي ڏسڻ ۾ خوبصورت آھن، انهن هميشه منهنجو خيال ڪيو آھي. گهٽ ۾ گهٽ، منهنجي معاملي ۾ “چاھجي” يا “چاھيو وڃجي” واري اھا ڳالهه مناسب ناھي. شايد اها ان صورتحال جي بهتر نموني وضاحت ڪري ٿي ته منهنجي “سار سنڀال” ڪئي ويندي هئي.

جنهن وقت مان مسخري ڪندو ھئس ته ان وقت عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ فرمائشون ڪنديون ھيون. منهنجي مسخريءَ تي مرد ھروڀرو ڪونه کلندا ھئا. مون کي خبر ھئي ته جيڪڏهن مان مردن کي ڪاميابيءَ سان وندرائي خوش ٿي، پنهنجي ڪردار ۾ اڳتي نڪري ويندو هئس ۽ جنهن سبب منهنجي مزاح بي اثر ٿي ويندي هئي ته پوءِ مان ھميشه وڏي احتياط سان ڪنهن مناسب موڙ تي پنهنجي مزاح کي ختم ڪري ڇڏيندو ھئس. ان جي ابتڙ، عورتن ۾ ڪا سنجيدگي نه ھوندي ھئي، کين فرق نه پوندو ھو ته مان ڪيتري وقت کان مسخري ڪري رھيو آھيان، پر اھي ائين ڪرڻ لاءِ وري وري چونديون ھيون. مان سندن ھر ھر جي مطالبن جو جواب ڏيندي بيزار ٿي ويندو ھئس. اهي واقعي گهڻي وقت تائين کلنديون رھنديون ھيون. ائين چئي سگهجي ٿو ته عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي وڌيڪ خوش رکنديون آهن.

مان اسڪول دوران جن سئوٽن جي گهر ۾ رھندو هئس ته جڏھن به کين وقت ملندو ھو ته منهنجي ڪمري ۾ ھلي اينديون ھيون. جيترا ڀيرا به ھو دروازو کڙڪائينديون ھيون، پر ھر ڀيري سندن دروازي کڙڪائڻ جي آواز تي مون کان ڇرڪ نڪري ويندو ھو ۽ مان ڊپ وچان ٽپ ڏئي اٿندو ھئس.

“پڙهي رھيو آھين ڇا؟”

“نه،” مان ڪتاب بند ڪري، مسڪرائيندي چوندو ھئس. مان ڪو اھڙي احمقاڻو قصو ٻڌائڻ  شروع ڪري ڏيندو ھئس، جيڪو منهنجي سوچ ۾ به نه ھوندو ھو. “اڄ اسڪول ۾ جاگرافي جو استاد، جنهن کي اسان لڌڙو چوندا ھئاسين…”

هڪ ڏينهن شام جي وقت منهنجون سئوٽون منهنجي ڪمري ۾ آيون ۽ گهڻي دير تائين کين کلائڻ کانپوءِ انهن مان هڪ چيو، “يوزو، ھي چشمو پاءِ، ڏسون ته تون ڪيئن ٿو لڳين.”

“ڇو؟”

“ھاڻي گهڻو بحث نه ڪر. پاءِ کڻي. اچي ھي وٺ چشمو.”

اهي ھميشه ان نموني سختيءَ سان ڳالهائينديون ھيون. مسخري آرام سان وڏي ڇوڪريءَ جا چشما پاتا. منهنجون سئوٽون کل ۾ ٻڏي ويون. “تون ته بلڪل هن جهڙو نظر پيو اچين. بلڪل هيرالڊ لوئڊ وانگر.”

آمريڪي فلمي مزاحيه اداڪار، ان وقت جاپان ۾ تمام گهڻو مشهور هو.

مان اٿي بيٺس. “خواتين ۽ حضرات،” مان آجيان ۾ هڪ هٿ مٿي ڪندي چيو، “مون کي هن موقعي تي پنهنجي سڀني جاپاني مداحن جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي…”

مان تقرير ڪندو رھيس ۽ ھو تمام گهڻو کلڻ لڳيون. ان کانپوءِ جڏهن به هيرالڊ لوئڊ جي ڪابه فلم شهر ۾ لڳندي هئي ته مان اھا ڏسڻ ويندو هئس ۽ سندس تاثرن جو مشاھدو ڪندو هئس. سرءَ جي هڪ شام جو، مان بستري تي ليٽي ڪتاب پڙهي رهيو هئس، ته منهنجي سئوٽن مان وڏي، جنهن کي مان ھميشه ادي ڪري سڏيندو هئس، اوچتو پکيءَ وانگر تيزيءَ سان منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ منهنجي بستري تي ڪري پئي. هن ڳوڙها ڳاڙيندي چيو، “يوزو، تون منهنجي مدد ڪندين؟ مون کي خبر آهي ته تون منهنجي ضرور مدد ڪندين. اچ ته هن خوفناڪ گهر مان ڀڄي ھلون. مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪر.”

هوءَ ڪجهه دير تائين اهڙي ڏک مان جذباتي انداز ۾ ڳالهائيندي رهي ۽ پوءِ وري روئڻ لڳي. هي ڪو پهريون ڀيرو نه هو، جو ڪنهن عورت منهنجي اڳيان اهڙو منظر پيش ڪيو هجي ۽ ڀيڻ جي جذباتي ڳالهين مون کي ايترو حيران نه ڪيو. مون سندس اڻوندڙ ۽ اجائي ڳالهه تي بوريت محسوس ڪئي. مان بستري تان لٿس، پنهنجي ميز ڏانهن ويس ۽ هڪ املوڪ ڇلهي ان جو اڌ کيس ڏنو. هن املوڪ کائي روئيندي چيو، “ڇا تو وٽ ڪو سٺو ڪتاب آهي؟ مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ کپي.”

مان پنهنجي بُڪ شيلف مان سوسيڪيءَ جو “I am a cat” سندس حوالي ڪيو.

ھن ڪمري مان ٻاهر نڪرندي چيو، “امولڪ لاءِ مهرباني.” هن جي چهري تي ڦڪي مسڪراهٽ هئي. ڀيڻ ڪا پهرين عورت نه ھئي… پر مان اڪثر محسوس ڪيو آهي ته مون کي ڪنهن سانپي جي گهرين سوچن کان به وڌيڪ، عورت جي انهن جذبن کي سمجهڻ انتهائي پيچيدہ، ڏکيو ۽ خوفناڪ لڳندو آھي، جن جذبن جي سهاري ھوءَ زندگي گذاريندي آھي. ڊگهي ذاتي تجربي مان مون سکيو آھي ته جڏھن ڪا عورت اوچتو بيحد جذباتي ٿي ويندي آھي، ته اھو سندس پنهنجي روح کي راحت ڏيڻ جو طريقو ھوندو آھي.

هن جي ننڍي ڀيڻ سيچان به پنهنجي دوستن کي منهنجي ڪمري ۾ وٺي ايندي هئي ۽ مان پنهنجي معمول مطابق انهن سڀني کي بنا ڪنهن تعصب جي وندرائيندو هئس. جيئن ئي سندس ڪا سهيلي ھلي ويندي ھئي ته سيچان مون کي هن جي باري ۾ اڻوڻندڙ ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. سڀني ڳالهين جو نچوڙ  اھو ھوندو ھو ته “هوءَ هڪ خراب ڇوڪري آهي. تنهنڪري توهان کي هن کان محتاط رهڻ گهرجي.” مان وراڻيندو ھئس، “جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ کيس هتي وٺي اچڻ جي ضرورت ناهي.” سيچان جي مهرباني، جو ھوءَ جن به دوستن کي وٺي ايندي ھئي، اھي سڀ ڇوڪريون ھونديون ھيون.

بهرحال، ان جو اھو ھرگز مطلب ناهي ته تَڪيچي جي راءِ مطابق، “عورتون توهان تي فدا  ٿينديون” ۽ ھن وقت تائين مان ائين محسوس ناهي ڪيو. مان ته صرف اتر اوڀر جاپان جو هيرالڊ لائڊ هئس. ڪجهه سالن لاءِ ته تَڪيچي جي بيوقوفاڻي ڳالهه بلڪل سچ ثابت نه ٿي، پر ڪنهن حد تائين اڻوڻندڙ پيشنگوئي ۾ تبديل ٿي وئي.

تَڪيچي مون کي هڪ ٻيو اهم تحفو ڏنو.

هڪ ڏينهن هو راند ڪرڻ لاءِ منهنجي ڪمري ۾ آيو. هو پنهنجي ھٿن ۾ هڪ چمڪيلي رنگين تصوير لوڏي رهيو هو، جنهن کي هن وڏي فخر مان ڏيکاريندي چيو، “ھيءَ هڪ جِن جي تصوير آهي.”

مان حيران ٿي ويس. ان ئي لمحي منهنجي ڇوٽڪاري جو رستو ھموار ٿي ويو. جنهن کي مان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ محسوس ڪرڻ کانسواءِ رھي نٿي سگهيس. مون کي خبر هئي ته تَڪيچي مون کي ڇا ڏيکاري رهيو هو. مون کي خبر هئي ته اها صرف وَن گاف جي پنهنجي مشهور تصوير ھئي. جڏهن اسان ٻار هئاسين ته جاپان ۾ فرينچ امپريشنسٽ اسڪول تمام گهڻو مشهور هو ۽ اسان جو پهريون تعارف گهڻو ڪري مغربي مصوري جي اهڙن ڪمن سان شروع ٿيو. وَن گاف، گوگان، سِزان ۽ رينوا جون تصويرن تمام گهڻيون مشهور ھيون، ايتري تائين جو ڳوٺ جي اسڪولن جا شاگرد پڻ انهن کان واقف هئا. مان پاڻ ون گاف جي پينٽنگس جون ڪافي رنگين تصويرون ڏٺيون هيون. سندس برش جو ڪم ۽ رنگن جي چمڪ ۽ چٽائيءَ مون کي ڪافي متاثر ڪيو هو، پر مان ڪڏھن به اھو تصور نه ڪيو ھو ته هن جون تصويرون ڪي جنن جون به ٿي سگهن ٿيون.

مان ڪتابن جي الماريءَ مان موڊگلياني ريپروڊڪشن جو هڪ ڪتاب ڪڍيو ۽ تَڪيچي کي ڪجهه اگهاڙيون تصويرون ڏيکاريون، جن جو رنگ ٽامي جهڙو چمڪدار ھو. “هنن بابت ڇا خيال آھي؟ ڇا توهان کي لڳي ٿو ته اهي به جن آهن؟”

“اهي لاجواب آهن.” تَڪيچي جون اکيون حيرت ۽ تعريف ۾ وڏيون ٿي ويون، “هيءَ ته ڪنهن راڪاس وانگر ٿي نظر اچي.”

“ته پوءِ اهي سچ ۾ به جن آھن. ائين نه؟”

“جيڪر مان به جنن جون اهڙيون تصويرون ٺاهيان،” تَڪيچي  چيو.

ھن دنيا ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن کي انسانن کان تمام گهڻو خوف ٿيندو آھي ۽ انهن جو ڊپ ايترو وڌي ويندو آھي، جو هو پنهنجي اکين سان ان کان به وڌيڪ خوفناڪ شڪلون ڏسڻ چاھيندا آهن ۽ ھو جيترو وڌيڪ گهٻرائيندا آھن، اوترو ئي شدت سان چاھيندا آھن ته ھر طوفان… ۽ ان گهٻراهٽ جي ڪري ڊڄي ويندا آھن. اھي مصور جن جي اها ذهنيت ھوندي آھي، جيڪي خود جنن نما ڀيانڪ انسان ھٿان لڳاتا زخمن ۽ خوف جو شڪار ٿي چڪا ھوندا آھن ۽ اھي ڏينهن ڏٺي جو، فطرت جي ھن ماحول ۾ چڱي نموني راڪاس ڏسي چڪا ھوندا آھن، ان ڪري ھو جِنن ۾ يقين ڪرڻ لڳندا آهن، پر ھو ماڻهن کي پنهنجي مسخريءَ جي ڪري پنهنجي ويجهو رکندا آھن. اھي انهن راڪاسن کي پنهنجي اصل روپ ۾ ظاهر ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندا آھن. تَڪيچي سچ پئي چيو ته انهن مصورن راڪاسن جون تصويرون ٺاهڻ جي همت ڪئي هئي. مان سوچيو پئي ته اهي ايندڙ وقت ۾ منهنجا دوست ٿي سگهن ٿا. مان ايترو جذباتي ٿي ويس جو مان ذري گهٽ روئي ڏنو ھو.

…(هلندڙ)….

***