نوجوانن ۾ وڌندڙ جارحيت ۾ ميڊيا جو ڪردار
بلوغت جي شروعات کي نوجوانن اندر جسماني، نفسياتي ۽ سماجي تبديلين جي ڪري طوفاني دور چيو ويندو آھي. ھي دور ننڍپڻ کان جواني ۾ داخل ٿيڻ جو آھي. ڪامياب ۽ ناڪام زندگي جو دارومدار به ھن دور ۾ ٿيل صحيح تربيت ۽ رھنمائي تي ھوندو آھي. تيزي سان بدلجندڙ سماج سان والدين پنھنجي اولاد جي تربيت جي واڳ انٽرنيٽ سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا ۽ ڪيبل تي ھلندڙ مختلف چينلن جي ھٿ ۾ ڏئي ڇڏي آھي. ويهين ۽ ايڪيهين صدي ۾ ميڊيا جن ۾ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ جي وڌندڙ استمعال سماجي ماحول کي ھڪ نئون رخ ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ وڌندڙ عمر جي ٻار لاءِ دنيا اسڪرين تي نظر ايندڙ ڊرامن، انھن جي ڪردارن، موبائل گيمز، ۽ سوشل ميڊيا جي مختلف نيٽ ورڪن تائين محدود ٿي وئي آھي. جديد تحقيق مطابق ٻارن ۽ نوجوانن ۾ موبائل گيمز جي وڌندڙ رجحان ھنن اندر وحشياڻي تشدد جو امڪان به وڌائي ڇڏيو آھي. ھو وحشياڻي تشدد سان ڀريل ھٿرادو ٺاھيل ماحول ۾ وڌي وڏا ٿي رھيا آھن جن ۾ کين تشدد ڏسڻ سکڻ ۽ ڪرڻ جا ڀرپور موقعا فراھم ٿي رهيا آھن. ويجھڙائي ۾ موبائل فون جو وڌندڙ استعمال، عبارتي نياپن جي ڏي وٺ، اِي ميل، چيٽ رومز ھڪ نئين قسم جو سماجي ڄار وڇائي ڇڏيو آھي. ھنن نون سماجي لاڳاپن کان اڳ وڌندڙ ٻار جي حفاطت جا ذميدار گھرڀاتي، مٽ مائٽ ۽ پاڙيسري پڻ ھوندا ھئا، ھاڻ اھا ڳالھ سڀني جي ھٿن مان نڪري وئي آھي. ھن نئين سماجي ڄار ۾ ڦاٿل نوجوانن کي ٿيندڙ نفسياتي ۽ سماجي نقصانن کان بچائڻ والدين لاءِ ھڪ تمام وڏو چئلينج آھي. ھاڻي سندن ٻارن لاءِ گھٽي ۾ موجود ڪنھن بدمعاش جو ھجڻ خطرو نه آھي، بلڪه کين ھٿرادو ٺاھيل ماحول ۾ موجود منفي ۽ جارحيت سان ڀريل ڪردار کان وڌيڪ خطرو آھي. ھن نئين دنيا جنھن کي گلوبل وليج جو نالو ڏنو ويو آھي، تنھن ۾ اڄ جو وڌندڙ نوجوان گھر کان ٻاھر گھٽي ۾ ايترو غير محفوظ ناھي، جيترو پنھنجي گھر اندر موجود ڪمري ۾ ھٿ ۾ پڪڙيل گئجيٽس جي ڪري آھي. انٽرنيٽ ذريعي ترڪي ۾ ٺھندڙ ڊرامي ارتطغرل غازي جنھن ۾ سرعام انسان ٻئي انسان کي قتل ڪندي ڏيکاريو ويو آھي، تنھن کي ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻھن يوٽيوب تي ڏٺو ۽ پسند ڪيو ويو. ويجھڙائي ۾ رليز ٿيندڙ فلم مولا جٽ جيڪا شروع کان آخر تائين صرف قتل عام تي ٺھيل ھئي، تنھن کي پڻ نوجوان ڏسندڙ تمام گھڻو پسند ڪيو. نئين زماني جي ڊوڙ پٺيان روايتون، رسمون ۽ پنھجائپ جھڙا احساس ميسارجي گم ٿي ويا آھن. اڄ جو انسان سماجي نيٽ ورڪ ذريعي جيترو ڳنڍيل آھي، اوتروئي جسماني طور پري آھي. ھن ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ ڊوڙ ۾ اڄ جو انسان احساس، پيار، پنھنجائپ ۽ قرب جھڙن لطيف احساسن کان ڏور آھي. ميڊيا اسان کي نوجوانن ۾ وڌندڙ جارحيت جي واقعن کان آگاھ ڪندي ٿي رھي، جن ۾ لاھور ۾ 2023 جنوري ۾ ڊفينس ھائوسنگ اٿارٽي جي ھڪ نجي اسڪول ۾ پيش ٿيندڙ واقعو اچرج ۽ ڳڻتيءَ جوڳو آھي. ميڊيا تي نشر ٿيندڙ خبر مطابق چار ڇوڪرين جن ۾ ٻه ڀيڻون ۽ سندن ٻن سھيلين پنھنجي ھڪ ڪلاس فيلو کي ڇرين سان چھڪ ڏئي مڪن سان وار ڪري فقط انھي ڪري بيدردي سان سندس مٿان تشدد ڪيو، جو ھن سندن چوڻ تي نشي واپرائڻ کان انڪار ڪيو ھو. 2021 ۾ مينار پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪر فيمس جو پنھنجن ئي سون جي تعداد ۾ مداحن کان (جيڪي سڀ نوجوان ڇوڪرا ھئا) وحشياڻي جنسي ۽ جسماني تشدد جو شڪار ٿيڻ به ھڪ انتھائي افسوسناڪ واقعو آھي. ھڪ چوڏھن سالن جي معصوم ڇوڪري دعا زھرا ڪاظمي جو 2022 ۾ پبجي موبائل گيم ذريعي ظھير نالي نوجوان سان دوستي رکڻ ۽ والدين کي ٻڌائڻ بغير ڪراچي کان پنجاب پھچڻ به ھڪ افسوسناڪ ۽ حيرت ۾ وجھندڙ واقعو آھي. نوجوان اھي غير انساني رويا ڪٿان ٿا سکن ۽ انھن وحشياڻن روين پٺيان ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا؟ نوجوانن ۾ موجود جارحيت وارن روين پٺيان ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا، جن ۾ شروعات ۾ ڇاڪاڻ ته ٻار پنھنجي والدين کي ئي پنھنجو آئيڊيل ٺاھيندو آھي. تنھنڪري ھو ٻين روين سان گڏ ڪاوڙ ڪرڻ ۽ جارحيت وارا رويا اختيار ڪرڻ به پنھنجن والدين کان مشاھدي ذريعي سکندو آھي. عمر وڌڻ سان ٻارن جا آئيڊيل به مٽبا آھن. بلوغت جي دور ۾ خاص طور ڇوڪرن جا ھيرو جسماني طاقتور ڪردار ھوندا آھن. جيڪي ظلم خلاف جارحيت ڏيکاريندا آھن ۽ ماڻھن جي واکاڻ حاصل ڪندا آھن. اھو بلڪل ضروري ناھي ته ھر ٻار ميڊيا ذريعي جارحيت ڏسي سکي ۽ پاڻ به جارحيت ڏيکاري والدين جي ڀرپور توجهه ۽ سندن مثبت ڪردار کين ائين ڪرڻ کان روڪي سگھن ٿا. نوجوانن ۾ ڏوھ ڪرڻ جي عادت ۽ جارحيت ۾ والدين جي تربيت ۾ ڪمي، لاپرواھي، والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ رابطي جي وٿي جو وڏو عمل دخل آھي. بلوغت جي شروعات ۾ جيڪڏھن والدين پنھنجي اولاد جو دوست ٿين ۽ سندن ذھني مونجھارن کي پنھنجي تجربن ۽ ڏاھپ سان حل ڪن ته ھو کين ڪاوڙ ۽ جارحيت جھڙن منفي جذبن کان بچائي سگھن ٿا. وڌندڙ نوجوانن ۾ جارحيت جو محرڪ اسڪرين تي نظر ايندڙ ڪردار به آھن. انھن روين کي سکڻ متعلق ايلبرٽ بينڊيورا پنھنجي سوشل لرننگ ٿيوري ۾ ٻڌايو آھي ته ننڍپڻ کان وٺي جوان ٿيڻ تائين اسين ڪيترائي رويا پنھنجي چوڌاري موجود ماڻھن جي روين جو مشاھدو ڪري يا سندن روين جي نقل ڪري سکندا آھيون جن ۾ ڪاوڙ ڪرڻ يا وحشياڻا رويا اختيار ڪرڻ به شامل آھن. پنھنجي مشاھدي کي بينڊورا تجربي ذريعي به ثابت ڪيو آھي، جنھن ۾ ھن 3 کان 5 سالن جي عمر جي ٻارن کي ٻن جٿن ۾ ورھايو. ھڪ جٿي کي وڊيو ذريعي ڏيکاريو ويو ته ٻارن کي کيڏڻ لاءِ گُڏيون مليون ته ھنن گڏين سان کيڏڻ بجاءِ ھنن مٿان تشدد ڪيو ۽ ٻئي جٿي ۾ شامل ٻارن کي وڊيو ذريعي ڏيکاريو ويو ته ٻارن کي گڏيون (بو بو ڊالز) مليون ته ھنن انھن سان کيڏڻ شروع ڪيو. انھي وڊيو ڏيکارڻ کانپوءِ ٻنھي جٿن جي ٻارن کي جڏھن گڏيون مليون ته جن ٻارن گڏين سان تشدد ٿيندي ڏٺو ھو، انھن گڏين سان تشدد ڪيو ۽ جن ٻارن گڏين سان ٻارن کي کيڏندي ڏٺو ھو، انھن گڏين سان کيڏڻ شروع ڪيو. بينڊيورا تجربي ذريعي ثابت ڪيو ته ٻار رويا مشاھدي ذريعي سکندا آھن. سگمنڊ فرائيڊ جنھن کي جديد نفسيات جو ابو به چيو وڃي ٿو. تنھن مطابق انسان ۾ پيدائش کان وٺي ڪاوڙ جي توانائي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ھوندي آھي. انھي کان اڳ جو اھا ڪاوڙ جي طاقت خطرناڪ حد تائين وڌي ھن کي منتشر يا صحيح ڪمن ۾ استعمال ڪري ختم ڪرڻ گھرجي. سگمنڊ فرائيڊ جي ھن نظرئي کي ھائڊريلڪ ماڊل چيو وڃي ٿو. ھن ماڊل پٽاندر جيڪڏھن ڪنھن ٿانو ۾ مسلسل بغير ڪنھن خارجي رستي جي دٻاءُ ڀريو وڃي ۽ اھو دٻاءُ خطرناڪ حد تائين وڌي وڃي ته پوءِ انساني نفسيات ۾ بگاڙ پيدا ٿي سگھي ٿو. ھر قسم جي جارحيت انھي ڪاوڙ جي طاقت کي ظاھر ۽ خارج ڪري ٿي. ھن ڪاوڙ جي طاقت کي سگمنڊ فرائيڊ مطابق ڪٿارسس جي عمل ذريعي گھٽ يا صحيح طريقي سان استعمال ڪري سگھجي ٿو. ڪٿارسس جو استعمال باقاعدہ جسماني عمل سان ٿي سگھي ٿو. فٽ بال ڏسڻ سان نه بلڪه فٽ بال کيڏڻ سان ڪاوڙ جي طاقت کي خارج ڪري سگھجي ٿو. وڌندڙ نوجوانن کي راندين کيڏڻ طرف مائل ڪري سندن ڪاوڙ جي طاقت کي صحيح استعمال ڪري سگھجي ٿو. اسڪول انتظاميه کي گھرجي ته ھڪ ڏينھن جي بجاءِ روز شاگردن لاءِ راند جو ڪلاس رکن جيئن روزانو نوجوان پنھنجي ڪاوڙ جي طاقت کي مثبت انداز ۾ استعمال ڪن. ڊرامن ۽ فلمن کي رليز ڪرڻ کان اڳ سينسر بورڊ جارحيت وارين فلمن کي ڏسڻ لاءِ عمر جو تعين ڪرڻ ۽ انھي تي سختي سان عمل ڪرڻ ضروري آھي. جيڪڏھن والدين پنھنجي اولاد جي تربيت تي توجهه ڏين، گھٽ ۾ گھٽ ھڪ وقت جي ماني گڏ کائن، سندن ڳالھيون غور سان ٻڌن، سندن دوست ۽ رھنما ٿين ته ھو کين ڪاوڙ ۽ جارحيت کان روڪي سگھن ٿا.
***