نئون

سپريم ڪورٽ پاران منرل واٽرڪمپنين جي پاڻي جي چڪاس جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ منرل واٽر فروخت ڪندڙ ڪمپنين پاران ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي پاڻ مرادي نوٽس واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ چيف جسٽس منرل واٽر ڪمپنين جي پاڻي جي معائني جو حڪم ڏيندي هڪ ڪمپنيءَ جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم به ڏنو. ان ڪمپني جي وڪيل درخواست ڪئي ته فرانزڪ آڊٽ اسان جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڪيو وڃي. وڪيل جي اها درخواست عدالت پاران رد ڪئي وئي. ٻين ڪمپنين آڊٽ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت گهري ورتي. جيڪا به عدالت رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس وڏين منرل واٽر ڪمپنين جي پاڻي جي نمونن جي چڪاس ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته ڪمپنين پاران حڪومت کي پاڻي جي ڪيتري ادائيگي ڪرڻي آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته 20 سالن کان ڪمپنيون صرف منافعو هي ڪمائي رهيون آهن. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته جيڪو قوم اسان کي ڏنو آهي اهو ان کي موٽايو وڃي. هاڻي ڪمپنيون پاڻي جي مناسب قيمت ادا ڪنديون ۽ ريٽ به مناسب رکنديون. چيف جسٽس چيو ته ڪمپنين اربين رپيا ٺاهيا آهن پر ملڪ جي خزاني ۾ تمام گهٽ رقم جمع ڪرائي آهي.