مني لانڊرنگ ڪيس؛ انور مجيد ۽ عبدالغني جي طبعي معائني لاءِ ڪاميٽي قائم

سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي گرفتار ملزمن انور مجيد ۽ عبدالغني جي طبعي معائني لاءِميڊيڪل بورڊ جي قائم ڪرڻ واري ايف آءِ اي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ۽ سرجن جنرل آف پاڪستان جي اڳواڻي ۾ ملزمن جي طبعي معائني لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن موقعي تي ملزمن  انور جيد ۽ عبدالغني جي وڪيل عائشه حامد چيو ته سنڌ جو مقدمو پنجاب ڇو موڪليو پيو وڃي. ڪيس لاڳاپيل عدالت  ۾ هلي رهيو آهي. ڪنهن خاص سببن بنا بورڊ نه ٿو ٺهي سگهي. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سنڌ حڪومت تعاون نه ٿي ڪري  ان ڪري اسان کي بورڊ ٺاهڻو پيو پوي. جنهن جي جواب ۾ سپريم ڪورٽ وڪيل عائشه حامد تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت سان ڳالهائيندي پنهنجو لهجو درست رکنديون ڪيو، معاملو عدالتي آهي ان کي عدالت ۾ رهڻ ڏيوصوبائيت جو رنگ نه ڏيو. ٻڌڻي جي آخر ۾ سپريم ڪورٽ سرجن جنرل آف پاڪستان جي اڳواڻي ۾ ڪاميٽي قائم ڪندي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سيپٽيمبر تي ٿيندي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments