ملڪ اندر تيز برسات ۽ برف ڪرڻ سبب 15 ڄڻا فوت

ڪالهه اربع واري ڏينهن کان ملڪ اندر موسم ۾ اوچتو تبديلي اچي وڃڻ بعد سردي ۾ تمام گهڻو اضافو اچي ويو آهي. برساتن ۽ برف پوڻ سبب رستا بند ٿي ويا آهن، بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ڪيترائي علائقا پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهن. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿڌ ڪالام جي علائقي ۾ پئي جتي موسم مائنس 13 تي پهچي وئي، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ 5 ۽ لاهور ۾ 10 ڊگري جي ٿڌ رهي. جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ موسم هڪ ڊگري رهي. خبرن موجب موسم ۾ آيل تبديلي سبب دير بالا ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ گهرن جي ڇتين ڪرڻ سبب ٻه ٻار ۽ هڪ عورت سميت چار ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. ڪهوٽا جي علائقي ۾ بارش سبب ڇت ڪرڻ سان هڪ ٻار فوت هڪ عورت سميت ٻه ٻار زخمي ٿي پيا. پنجاب جي شهر فاروق آباد ۾ زال مڙس فوت ٿي ويا، جنهن کان علاوه وڌيڪ ٽي ڄڻا فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments