خاص

ترڪيه ۽ شام جي سرحدي علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلو

ترڪيه ۽ شام جي سرحدي علائقي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب هينئر تائين ٽي ماڻهو فوت ۽ 680 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا آهن. ترڪيه جي جنوبي علائقن ۾ ايندڙ زلزلي جي شدت 6.4 رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن جي گهرائي زمين جي سطح کان هيٺ 10 ڪلوميٽر هئي. زلزلو مقامي وقت مطابق 8:04 وڳي آيو، جنهن جا جهٽڪا مصر ۽ لبنان ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا. زلزلي کانپوءِ 26 آفٽر شاڪس به آيا آهن جنهن سبب ڪيترين ئي ٻين عمارتن کي نقصان پهتو آهي.