سفرنامو

اچو ته البانيه گهمون (قسط-10 حصو ٻيون)

ڍولڻ جهڙو ڊيوريس

جيئن ته ڊيوريس شهر ۽ اُن جي آس پاس ڪافي سٺا بيچ آهن جن ۾ Karpen Beach, Lalzi Bay Beach, Kallam Beach, Currila Beach, Robis Mountain Beach ۽ Sfinksi Beach اچي وڃن ٿا. وقت جي تنگي سبب جيئن ته پاڻ فقط هڪڙو بيچ (Sfinksi Beach) ئي گهمي سگهياسين، تنھنڪري اچو ته اُن جو ٿورو گهڻو ذڪرڪريون.

اسفنڪسي بيچ (Sfinksi Beach) ڊيوريس کان تقريبن 3.3 ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي ۽ اُتي پهچڻ لاءِ تقريبن 15 منٽ لڳن ٿا. هن بيچ تي نالي اسفنڪسي جي هونئن ته لفظي معنيٰ گهرو زندگي جي خوشحالي لاءِ، همدردي ۽ تخليقي صلاحيت، ڀروسو، وفاداري، فياضي ۽ پيار، محبت جو هئڻ ضروري آهي، پر هن لفظ جي پويان هڪ وڏي مِٿ (Myth) موجود آهي، اسفنڪسي جنهن کي يوناني ٻولي ۾ Sphinx چئجي ٿو، هڪ اهڙي مخلوق آهي جنهن کي سِر (سسي يا مٿو) انسان جو، بدن (جسم) شينهن جو ۽ ڪن حالتن ۾ باز جا پر به هجن ٿا. هن مِٿ (ديومالائي قصو) جي اصل سرزمين مصر ۾ غزا (Giza) جي پٽي آهي جتي مصر جا اھرام موجود آهن، قديم مصر جي مِٿ موجب اسفنڪس (Sphinx) کي ماڻهو (مرد) يا جانور (مذڪر) جي سسي (مٿو) هجي ٿو ۽ اُن جي چهري تي لباس يا سجاوٽ مصري فرعون جيان هجي ٿي ۽ ڌڙ (جسم) شينهن جو هجي ٿو، ڪن اسفنڪس جي سِسي (مٿو) گهيٽي جو به هجي ٿو، جيڪو فرعونن جي خدا ائمن گاڊ (Amon god) کي ظاهر ڪري ٿو. اسفنڪس جي ڄمڻ جي صحيح تاريخ جي خبر پئجي نه سگهي آهي. هڪ اندازي موجب اُنهن جي وجود جو تصور قبل مسيح کان 2500 سال اڳ جو آهي. مصر جي اھرامن ۾ موجود سڀ کان زياده مشهور اسفنڪس فرعون خافري (pharaoah Khafre) جو مجسمو آهي، جيڪو 20 ميٽر اوچو ۽ 37.5 ميٽر ڊگهو آهي ۽ اُهو 2558 – 2532 قبل مسيه دور جو آهي. آسارين (Assyrian) ۽ پرشين (Persian) مٿ ۾ اسفنڪس جي سسي مرد جي ڌڙ ڍڳي جي ۽ پکي جا پر به هجن ٿا. 5 ۽ 6 صدي قبل مسيحي دور جا پٿر جا ٺهيل هي اسفنڪس گهرن جي ٻاهران کڙا ڪيل آهن جن جو مقصد گهر ڌڻين کي بدروحن کان بچائڻ آهي. ڪٿي ڪٿي هي مجسما ديوارن ۽ دروازن تي به اُڪريل آهن. ايران جي قديم تهذيبي ماڳن سوسا (Susa) ۽ پرسيپالس (Persepols) ۾ ٽين صدي قبل مسيح جي مليل اسفنڪس ۾ وري مرد جو مٿو ٽوپ سان ڍڪيل آهي ۽ اُن تي سڱ به لڳل آهن. 200 سال قبل مسيح ۾ موجود ميسنيئن (Myceneean) ۽ منوئن (Minooon) تهذيب جيڪو ڪنجي جو دور (Brouze Pound) به چوائجي ٿو، اسفنڪس جا ٿانون تي چٽيل نقش مليا آهن. جن ۾ اُنهن کي سونا زيور به پاتل آهن.

      يوناني مٿ ۾ وري اسفنڪس جو حُليو سڀني کان مختلف آهي. ان ۾ اسفنڪس جو سر (مٿو) عورت جو، ڌڙ شينهن جو ۽ پر باز جا لڳل هوندا آهن. 5 ۽ 6 صدي ۾ لڌل اسفنڪس جا پتلا (مجسما) چيڪي مٽي ۽ پٿر جا ٺهيل آهن. يوناني مٿ ۾ اسفنڪس بي رحم هوندي آهي جڏهن ته مٿي ذڪرڪيل مختلف ديو مالائي قصن (مٿ) ۾ اسفنڪس ٻاجهاري ۽ ڀلو چاهيندڙ هوندي آهي. يونائي مٿ واري اسفنڪس هڪ پرولي (ڳجهارت) ڏيندي آهي. جيڪوبه ماڻهن اُها پرولي ڀڃي نه سگهندو آهي، اُن کي ڪچو چٻاڙي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. يوناني مٿ ۾ هڪ مشهور قصو آهي ته ديوي هيرا (Hera) اسفنڪس کي حڪم ڪندي آھي تہ قديم شهر ٿيبس (Thebes) جي ماڻهن کي اُن جي اڳوڻي بادشاهه جي ظلمن جي انتقام طور تنگ ڪرڻ شروع ڪر. اسفنڪس ٿيبس شهر جي ٻاهران جبل جي چوٽي تي وڻ جي ٽاري تي اچي ويهندي آهي، هوءِ اُتان لنگهندڙ هر ماڻهو کي موزز (Muses) کان ٻڌل ڳجهارت ڏيندي آهي، جيڪو به اُن ڳجهارت جو صحيح جواب نه ڏيندو آهي، هوءِ اُن کي ماري ڇڏيندي آهي. اسفنڪس جي ڳجهارت ڪجهه هيئن هوندي آهي: اُھا ڪهڙي مخلوق آهي جيڪا پنهنجي شروعات چئن ٽنگن سان ڪري ٿي، پوءِ ٻن ٽنگن سان ۽ آخر ۾ ٽن ٽنگن سان. ڪي راوي ان ڳجهارت کي هيئن به بيان ڪن ٿا: اُها ڪهڙي مخلوق آهي جنهن کي صبح جو چار ٽنگون، ٻنپهرن جو ٻه ٽنگون ۽ شام جو ٽي ٽنگون هونديون آهن.

اسفنڪس جي ڏنل ڳجهارت نه ڀڃڻ جي ڪري ڪئين ماڻهو مرندا رهيا نيٺ ٿيبس جي بادشاهه اعلان ڪرايو ته جيڪو به اسفنڪس جي ڳجهارت ڀڃندو آئون اُن کي پنهنجو تخت (بادشاهي) حوالي ڪندس تہ جيئن شهر تي آيل آپدا ٽري. ڪورنٿ (Corinth) شهر جي رهواسي اوئيڊيپس (Oedipus) جڏهن بادشاهه جو اِهو اعلان ٻڌو ته هن دعويٰ ڪئي ته آئون اسفنڪس جي اها ڳجهارت حل ڪري سگهان ٿو ۽ پوءِ هو جبل تي چڙهي ويو ۽ اسفنڪس جي ڏنل ڳجهارت ڪجهه هن طرح ڀڳي (حل ڪئي): هن چيو ته انسان جڏهن ننڍڙو ٻار (Baby) ھوندو آهي ته هو چئن ٽنگن (ٻه ٽنگون ٻه هٿ) تي ريڙهيون پائي ٿو ۽ جڏهن وڏو ٿئي ٿو ته ٻن ٽنگن تي هلي ٿو ۽ پڇاڙي يعني پيري ۾ ٽن ٽنگن (ٻه ٽنگون ۽ هڪ لٺ) تي هلي ٿو، ان ڳجهارت جو حل (ٽوڙ) ٻڌندي ئي جبل تي وڻ جي ٽاري تي ويٺل اسفنڪس اچي هيٺ ڪري ۽ مري وئي ۽ اهڙي طرح ٿيبس شهر تي آيل آپدا (مصيبت) ختم ٿي وئي. جيئن يوناني مٿ ۾ اوئيڊيپس اسفنڪس کي ماري ٿيبس شهر تي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏياريو، تيئن سنڌ ۾ به شل ڪو اهڙو هيرو ڪردار جنم وٺي جيڪو مصيبتن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام کي وڏيرن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري، جيڪي سنڌ جا وسيلا ڀڳڙن مٺ تي کپائن ٿا، ڌارين کي هتي رهڻ لاءِ ڪلين چِٽ ڏين ٿا ۽ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪن ٿا.  (بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾….)