سفرنامو

اچو ته البانيه گهمون (قسط-9 حصو پهريون)

 البانيا جي آزاديءَ جو اهڃاڻ، ڪروجا قلعو

سڄي دنيا ۾ هر ماڻهوءَ وٽ سک ۽ خوشي ماڻڻ جا کوڙ سارا ڪارڻ ۽ سامگريون ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ ڌن دولت، رشتا ناتا، دوستيون ياريون، سماج ۾ اهميت ۽ معتبري وغيره اچي وڃن ٿيون، پر منهنجي خيال ۾ ماڻهو جي سڀ کان وڏي خوشي ۽ تسڪين آهي من جي آزادي، يعني سوچڻ جي آزادي يا شخصي آزادي ۽ اها آزادي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن جنهن ڌرتيءَ تي هُو ساهه کڻي ٿو، اها آزاد هجي. جڏهن وطن آزاد هجي ٿو ته ان ۾ ئي آزاد سوچ جا سلا اڀري ۽ نکري سگهن ٿا ۽ سماج نه صرف سک جو ساهه کڻي ٿو بلڪه ترقيءَ جون منزلون بہ طئي ڪري ٿو. ته اڄ پاڻ هلون ٿا البانيا جي تاريخي قلعي ڪروجا کي ڏسڻ، جتي ڪنهن دور ۾ البانيا جي ماڻهن ۾ آزادي جي ھيرو طور سڃاتي ويندڙ سڪندر بيگ بغاوت جو عَلم بلند ڪيو هو ۽ ڌرتيءَ کي دشمنن کان آزاد ڪرائي وطن جو ڳاٽ اوچو ڪيو هو.

         ڪروجا قلعو (Kruja Castle) جنهن کي الباني ٻوليءَ ۾ Kalaja e Krujes چيو وڃي ٿو. اهو البانيا جي تاريخي شهر ڪروجا (الباني ٻوليءَ ۾ Kruje) ۾ واقع آهي. هن قلعي هونئن ته تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪافي اتار چڙاهه ڏٺا، پر ان جي خاص سڃاڻپ ۽ مشهوري البانيا جي قومي هيري سڪندر بيگ جي ڪري آهي. هي قلعو البانيا تي قابض ترڪي جي سلطنت عثمانيه (خلافت عثمانيه انگريزي ۾ Ottoman Empire) جي دور ۾ سڪندر بيگ جي سرواڻي ۾ بغاوت جو ڳڙهه (مرڪز) رهيو. ڪروجا جو تاريخي قلعو البانيا جي گادي واري هنڌ ترانا شهر کان تقريبن 40 ڪلو ميٽر پري آهي. اوڏانهن وڃڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ته آهي ئي پر مختلف ٽوئرزم ڪمپنين جا قلعي گهمائڻ لاءِ الڳ الڳ پيڪيج به دستياب آهن.

         هاڻ اچو ته ڇڪيون پنڌ کي ۽ هلون ترانا شهر کان ڪروجا قلعي ڏانهن. پنڌ ڇڪڻ، ٽرانسپورٽ ۾ جدت اچڻ کانپوءِ بس هاڻ ته محاورو ئي رهجي ويو آهي. سو پنهنجو پنڌ ڇڪيندا ڪار جا ڦيٿا، نڪو گوڏن ۾ سور ۽ نہ ئي سفر جي ٿڪاوٽ. پنهون کي پسڻ لاءِ سسئي جيان پيرين پنڌ جاڳڻ ۽ پير پٿون ڪرڻ جي بجاءِ پاڻ کي ماڳ تي پهچائڻ لاءِ رستن تي تيز ڊوڙندا ڪار جا ڦيٿا. ويچاري سسئي تہ پنھون جا ڏس پڇائي پڇائي اڄاڻ ۽ اڻانگن رستن ۾ گس ڀلجي رُلي وئي ۽ ماڳ نہ پھتي، پر پاڻ کي ماڳ پھچائڻ ۾ مدد ڪندو گوگل مئپ، جيڪو ڪڏھن بہ دوکو نہ ڪندو.

         صبح جو جهڙالو پهر آهي، شاعرن واري ٻوليءَ ۾ عاشقاڻو موسم آهي، سو پنهنجي به دل عاشقانه آهي. چوندا آهن ته سياري ۾ اُٺ به مست ٿيندا آهن ۽ پاڻ ته وري انسان به آهيون ۽ عاشقانه طبيعت سان گڏ مستانه مزاج به آهيون. سياري جي مڌ مست ٿڌڙي هوا جسم کي محبوبه جيان چمي (ڇھي) اندر ٺاريو ڇڏي. شهري زندگي روڊن تي روان دوان آهي. روڊن جي ٻنهي پاسن نئين ۽ پراڻي دور جون آرڪيٽيڪٽ ڊزائين جون عمارتون ايئن باسن ٿيون ته ڄڻ اُهي به ننڊ مان هاڻي سجاڳ ٿي اٿيون هجن ۽ روڊن تي پاسن کان هلندڙ ماڻهن جيان چهل پهل ڪنديون گذرنديون هجن. سڄي البانيا ۾ گهڻ ماڙ عمارتون نه هئڻ جي برابر آهن. ان جو هڪڙو سبب ملڪ جي وسيع ايراضي بنسبت گهٽ آبادي هئڻ آهي. البانيا جي ڪل ايراضي 28748 ڪلو ميٽر اسڪوائر آهي جڏهن ته ان جي ڪل آبادي 2011 ۾ ڪيل مردم شماري موجب 2821977 ۽ 2020 جي مردم شماري موجب 2845955 آهي يعني 10 سالن جي عرصي ۾ آبادي فقط 25000 جي لڳ ڀڳ وڌي آهي. پاڻ وانگي نه جو ڪُت خلقت ويائي پئي آهي. اڃان به پاڻ مڙئون نٿا ۽ ٻار پيدا ڪرڻ جو ڪانٽو سٺ تي رکيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو پنھنجي ملڪ ۾ شهرن جو ڊرينيج سسٽم، پاڻي سپلاءِ جو سسٽم، بجلي، گئس ۽ ٻيون بنيادي سهولتون وڌندڙ آباديءَ جو پورائو ڪري نٿيون سگهن. نتيجن شهرن ۾ گٽر سدائين اٿليل ملندا، پاڻي، گئس ۽ بجليءَ جو عيد جي چنڊ جيان ديدار نصيب ٿئي ٿو ۽ وري جڏهن بارش پوي ٿي ته سارو ملڪ گندگي جي درياهه جو ڏيکاءُ ڏئي ٿو. چوڏس گندگي ڦهلجيو وڃي ۽ وبائي بيماريون منهن ڪڍن ٿيون. مٿان وري ملڪ ۾ مهانگائي به ايڏي وڌي وئي آهي جو الله ڏي ۽ ٻانهون سهي. ان سڄي ناقص نظام ۾ ڪافي حد تائين ڏوهه ته مختلف وقتن ۾ آيل حڪومتن جو آهي، جن ڪرپشن ڪئي ۽ پنھنجو ڀڀ ته ڀريو پر انفرااسٽرڪچر نه ٺاهيو جو ماڻهو فضيلت سان عزت ڀري زندگي گذاري سگهن ۽ ڪجهه ڏوهه عوام جو به آهي جيڪي نه ته صحيح نمائندا چونڊين ٿا ۽ نه ئي منجهن سماجي شعور (Civic Sense) آهي تہ پنھنجي گھر، پاڙي ۽ شھر کي ڪيئن صاف سٿرو رکجي ۽ نہ فقط پاڻ فضيلت سان زندگي گذارجي بلڪ ٻين جو جيئڻ بہ سھل بنائجي.

          ھن وقت ترانا جي روڊن رستن ۽ بس اسٽاپن تي ماڻهن جي ڪافي چهل پهل نظر اچي پئي، صبح جو ٽائم هئڻ سبب ماڻهو آفيسن ۽ ڪاروباري ڪمن ڪارين لاءِ ٻاهر نڪتل آهن. شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٿيلها کڻيو بسن جي انتظار لاءِ بيٺل آهن يا پنهنجين سوارين ۾ درسگاهن ڏي وڃي رهيون آهن. رستي هلندي پاڻ واري جنس (مرد) جي گهماگهمي سان گڏ حسين جوانڙين جو ديدار پنهنجي عروج تي آهي. هِتي جا مرد ته سهڻا ۽ سڊول آهن ئي آهن، پر هتي جي عورتن جي سونهن ۽ سوڀيا جو ڪو جواب ئي ناهي. پنھنجي سنڌي ٻولي جو هڪڙو لوڪ گيت آهي:

جهڙي ڳوري منڊم تهڙي پاولي….. جهڙو سنهڙو ۽ سڊول جسم تهڙو ئي وري سندن صنوبر جي وڻ جهڙو ڊگهو قد. وري چهري جي رنگت جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ ڄڻ رات جي وقت آسمان ۾ تارن جي جهرمٽ (ڪهڪشان) جا جلوا. مونکي هيلتائين ڏٺل ملڪن ۾ سونهن جي حوالي کان وڌ ۾ وڌ آذربائيجان متاثر ڪيو آهي. پر بابا هِتي جو جوڀن جلوي جو مظهر ئي ڪجهه ٻيو آهي. هر چهرو ٻئي نظر ايندڙ چهري کان سهڻو. ڪنهن کي ساراهجي ڪنهن کي نه؟ جيڪڏهن هتي جي سندرين جي سونهن جي مقابلي ۾ پاڻ کي جج مقرر ڪيو وڃي ته پاڻ نمبر ون جو فيصلو قطعي ڪري نه سگهنداسين. ڇو جو لطيف سائين جي چواڻي:

جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

ڪنهن مان اک ڪڍي، ڪنهن ڏي نهارجي!؟ سو سائين منهنجا! هتي ته سونهن جا اصل مَٽ ڀريا پيا آهن. پر اُنهي جي باوجود به، جي ڪو مَت جو موڙهو مون کان پڇي وٺي: ”پوءِ به جي سونهن پرين مان ڪنهن کي چونڊڻو پوي ته تون ڪنهن کي چونڊيندين؟“ تہ منهنجو بس هڪڙو ئي جواب هوندو، ”تون فطرت جي سندرتا سان ڀرپور وهندڙ آبشار جي رقص ڪندڙ ڌارائن مان لطف اندوز ٿيڻ چاھيندين يا اٿاھ سمنڊ مان اُٿندڙ لھرن جي موج مستي جي چونڊ ڪندين؟ تون من چلي ندي جي چلولاين کي پسڻ پسند  ڪندين يا ڦهليل سرسبز وادين سان اکيون ٿڌيون ڪندين؟ جيئن فطرت جا انيڪ رنگ آھن ۽ ھرڪو رنگ نرالو ۽ پاڻ ڏي ڇڪيندڙ آهي، تيئن سندرين جا سڀ رنگ ۽ سانگ به سهڻا ۽ من موهڻا آهن. سو پاڻ کان سندرين جي سونھن جي معاملي ۾ نمبر ون يا ٽو چونڊڻ وارو فيصلو ٿي ڪون سگھندو. سھڻن جي سونھن جي ھر ناز و انداز کان متاثر ٿيندي شايد تڏھن تہ اسانجي سرموڙ شاعر سھڻي لطيف بہ چئي ڏنو تہ،

پريم (ساجن) تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

         خير ڇڏيون ٿا سونهن پرين جي ذڪر کي في الحال اتي ئي. هونئن به سونهن ۽ سوڀيا مان ڍئو ٿيئڻو ئي ڪونهي. هاڻ پاڻ ترانا شهر جي وسندين کان ٻاهر نڪري آيا آهيون. مون توهان کي شروع ۾ ٻڌايو آھي ته ترانا کان ڪروجا جو قلعو سڌو وڃجي ته تقريبن چاليهه ڪلوميٽر آهي، پر پاڻ آهيون بادلن جيان آواره گرد. ڀلا بادلن به ڪڏهن سڌائي ۾ سفر ڪيو آهي يا شارٽ ڪٽ ورتو آھي؟ پاڻ به آهيون انهن جيان سيلاني، سو گهمندا ڦرندا البانيا جو جهان پسندا هلنداسين. انهي ڪري پنهنجي سفر جو رخ مختلف پاسن ڏي مڙڻ سبب مفاصلو 40 ڪلوميٽرن کان وڌي ئي ويندو ۽ اُن جي پاڻ کي پرواهه به ناهي، ڇو جو پاڻ هتي آيا ئي آهيون گهمڻ ڦرڻ. هاڻ پنهنجي ٻنهي پاسي سر سبز جبل، واديون ۽ مختلف فصلن جا کيت آهن. روڊن جي پاسن کان وڻن جون ڊگهيون قطارون آهن. آهي ته جهڙالي موسم پر ڪيڏي مهل سج ڪني ڪڍي فطرت ۾ سونهري رنگ وکيريو ڇڏي. چار ئي ڏسائون ساوڪ ئي ساوڪ ڦهليل آھي. فطرت جي سونھن ۽ سرھاڻ سان ڀريل ھنن رنگ برنگي منظرن کي پسي چئي سگهجي ٿو ته، جي بادلن جو اڇو رنگ امن جي نشاني آهي ته کيتن جو سائو رنگ وري خوشحالي جي علامت آهي، جڏھن تہ سج جو سونهري رنگ بلاشڪ روشن آئيندي جي ضمانت آهي. پاڻ وٽ نه ته امن آهي جو ماڻهو گهرن توڙي رستن تي پاڻ کي محفوظ سمجهن ۽ نه ئي خوشحالي آهي جو ماڻهو فضيلت سان پيٽ گذر ڪري سگهن. اهڙين حالتن ۾ ڀلا روشن آئيندو ڪهڙو هوندو؟

          ڪشادي روڊ جي ٻنهي پاسن کان لاتعداد وڻ ٽڻ ڏسي سوچيان ٿو، لڳي ٿو تہ هتي پاڻ وارا وڏيرا ۽ ٻيلي کاتي وارا ڪامورا ڪونهي پهتا، نت هنن جيڪو پنهنجن ٻيلن ۾ وڻن جي واڍي ڪري برو حال ڪيو آهي، هِتي به اهڙو حشر نشر ڪن ها جو الباني نسلن تائين ياد ڪن ها.

بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾.