خاص

شهيد بينظيرڀٽو جي 15 هين ورسي ڳڙهي خدابخش ۾ جلسي جون تياريون مڪمل

شهيد بينظير ڀٽو جي ڳڙهي خدا بخش ۾ اڄ 15 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، جلسي جون تياريون مڪمل، جلسي لاءِ پنڊال سجايو ويو، سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي آمد جاري آهي. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري ۽ شهيد بينظير جي ڀيڻ صنم ڀٽو نئون ديرو هائوس پهتل آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته اڄ 15 هين يومِ شهادت تي شهيد بينظير ڀٽو کي  ڀيٽا پيش ڪري دهشتگردي، معاشي ۽ پرڏيهي معاملن بابت ڳالهائيندس.