فريال ٽالپر 9 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي
نيب پاران سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي گرفتاري بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ نيب طرفان سندس 14 ڏينهن جو رمانڊ گهريو ويو. نيب پاران عدالت کي اهو به ٻڌايو ويو ته هاءِ ڪورٽ پاران فريال ٽالپر جي ضمانت رد ٿيڻ بعد نيب فريال ٽالپر کي ڪالهه گرفتار ڪيو ۽ سندس ئي رهائشگاهه تي حراست هيٺ رکيو ويو آهي، جتي ٻه عورت اهلڪار به موجود آهن. جڏهن ته ڪوڙن اڪائونٽن ڪيسن ۾ فريال ٽالپر جو مرڪزي ڪردار آهي. نيب پاران عدالت کي اهو به ٻڌايو ويو ته فريال ٽالپر زرداري گروپ جي ڊائريڪٽر آهي ۽ سندس ئي صحيحن سان زرداري گروپ مان 30 ملين جي رقم اويس مظهر جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي هئي ۽ فريال ٽالپر ٻين ملزمن سان گڏجي مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهي آهي. جنهن بعد عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي فريال ٽالپر جو 9 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪري ورتو.