خاصنئون

 سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار شاعر ۽ ڊراما نگار نور گهلو اڄ صبح پنهنجي گهر ۾ انتقال ڪري ويو

نور گهلو دادو شهر جي محلي جڳت آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ به دادو مان پاس ڪري گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ استاد جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. تعليم سان گڏ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون جنهن ۾ هن معاشري جي براين ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. ان کان علاوه هن ڪيترائي ڊراما، مضمون ۽ مقالا لکيا. هو هڪ سچو ۽ کرو انسان هيو، معاشري ۾ سڌار آڻڻ جي لاءِ هن پنهنجي قلم جو ايمانداري سان استعمال ڪيو.