خاصڪهاڻيوننئون پيءُ جي ڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه جُون 11, 2024 Zahida Abro ڪهاڻي (حصو ٻيون) ڪاش تون شارلوٽي کي رقص ڪندو ڏسين. جڏهن هوءَ رقص ڪندي آهي ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ سموري ڪائنات رقص ڪندي هجي. ڄڻ هن جي زندگي رڳو رقص ڪرڻ ئي هجي. هوءَ رقص ڪرڻ مهل سموري دنيا کي وساري وهندي آهي. ها! هن جو جسم ڪيترو نه اڀريل، هلڪو ۽ خوبصورت آهي.“ ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي مون کي هن جي ٽهڪن سان عشق آهي. هن جا ٽهڪ منهنجي لا بلڪل ايئن آهن جيئن ڪنهن مسيحا جا مردي کي چيل لفظ: ”اٿي جيئرو ٿي پئو.“ سچ ۾ هن جا ٽهڪ ٻڌي مان جيئرو ٿي پوندو آهيان. مون کي اڄ به چڱي نموني ياد آهي هڪ ڀيرو اسين ڪيمپس تي هئاسين جو اوچتو ئي اوچتو تيز برسات شروع ٿئي وئي هئي مان ۽ تنهنجي ماءُ سينٽرل لائيبريري کان فيڪلٽي ڏانهن ڀڄڻ لڳاسين. ان ڏينهن هن کي اڇا ريشمي ڪپڙا پهريل هئا، جيڪي تيز برسات ۾ پُسي ويا ۽ هن جي جسم سان چنبڙي پيا. ڇوڪرا هن کي عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳا. ”سڀ توکي عجيب نظرن سان ڏسي رهيا آهن.“ مون کيس چيو. ”مون کي انهن جي پرواهه نه آهي، مون کي خبر آهي ته مان ڪير آهيان.“ هن جي اهڙي جواب تي مون شين کي هڪ الڳ رخ سان ڏسڻ شروع ڪيو. هوريان هوريان هن سڀني دقيانوسي مساجنسٽ خيالن کي منهنجي ذهن مان تڙي ڪڍيو. اهو اسان جو يونيورسٽيءَ ۾ آخري سال هو، اسان پنجن ڄڻن جو گروپ سنڌ جي لوڪ داستانن تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو هو، امبر ۽ رخسار (تنهنجي ماءُ ۽ منهنجي ديوي جي) به اسان سان گڏ ڪم ڪري رهيون هيون، خميس جي هڪ خوشگوار ڏينهن مان هاسٽل کان نڪري آرٽس فيڪلٽيءَ ڏانهن ويس. مان جيئن ئي فيڪلٽيءَ اندر باغ ۾ پهتس ته امبر کي اوڇنگارون هڻندي روئندو ڏٺم، رخسار کيس دلاسا ڏئي رهي هئي. ”ڇا ٿيو، خير ته آهي؟“ هنن وٽ پهچي مون حيرت مان سوال ڪيو، هنن ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ويران نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳيون، مان هنن سان گڏ ڇٻر تي ويهي رهيس، امبر جي خوبصورت اکين مان لڙڪ نڪري سندس ڪشميري صوف جيان ڳاڙهن ڳلن تي ڪري برف جيان ڄمندا ٿي ويا، هن هڪ اونهو سڏڪو ڀريو، مون حيرت ڀريل نظرن سان رخسار ڏانهن ڏٺو. ”تون سنڌ جي جنهن تهذيب ۽ تمدن جي ڳالهه ڪندو آهين، اها مري کپي دفن ٿي چڪي آهي.“ امبر مون کي ڏوراپو ڏيندي چيو ۽ وري سڏڪا ڀرڻ لڳي. ”ڪجهه ٻڌايو ته ٿيو ڇا آهي؟“منهنجو تجسس وڌي ويو ۽ حيرانيءَ مان ٻنهيءَ کي ڏسندي چيم. ”ٻڌي سگهندين؟“ امبر وري ڏوراپو ڏنو ۽ پوءِ پاسي کان رکيل چمڙي جي ڪاري پرس مان اينڊروئيڊ موبائل ڪڍي هڪ ڪلپ ٻڌرايائين. ڇوڪريءَ (امبر) جو آواز: هيلو. مرد جو آواز: ها امبر، مان آفتاب احمد پيو ڳالهايان. امبر: او سر اوهان…. ڪهڙا حال آهن. آفتاب: سڀ ٺيڪ… هڪ پل جي خاموشي… امبر: جي سر، چئو ڪيئن فون ڪيو اٿئو؟ آفتاب: امبر مون کي ڪنهن دوست جو فون آيو آهي، جيڪو اوهان جي ڀاءُ جو دوست پڻ آهي. امبر: جي سر… آفتاب: اوهان کي منهنجي پيپر ۾ مارڪون گهرجن… امبر: سر اصل ۾ ڪجهه نجي مسئلن جي ڪري پيپر جي ٺيڪ تياري نه ڪري سگهيس، ان ڪري…. آفتاب ڳالهه ڪٽيندي: ڪا ڳالهه نه آهي… ڏسو مس امبر ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي قيمت ته ڏيڻي پوندي آهي نه..!! امبر (حيرت مان): جي سر…!! آفتاب: منهنجي چوڻ جو مقصد… وڏو ساهه…. آفتاب: اوهان جيتريون مارڪون چونديون ايتريون ملنديون، پر اوهان کي به منهنجي لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. امبر (حيرانيءَ مان): ڇا ڪرڻو پوندو سر…!! آفتاب (هٻڪندي): منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته.. ڪجهه سيڪنڊن جي خاموشي.. آفتاب (هٻڪندي): دادو کان اڳيان منهنجو فارم هائوس آهي، جيڪڏهن… او…..ها…..ن….. هڪ رات مون سان اُتي گذاريو ته هر پيپر ۾ پوزيشن جي ذميواري منهنجي هوندي…. فون ڪٽجڻ جو آواز… هي گفتگو ٻڌي منهنجي دماغ مان ٺڪاءُ نڪتا هئا، لوندڙين وٽان پگهر وهڻ لڳو، مون ويران نظرن سان امبر کي ڏٺو، هوءَ سڏڪا ڀري رهي هئي. ندامت جي احساس ۾ مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. سر آفتاب 33 سالن جو ڳڀرو جوان مڙس، سنڌ جي وچولي طبقي سان تعلق هئس، ان سان گڏ کاٻي ڌر جي هڪ سياسي تنظيم، جيڪا سنڌ ۾ طبقاتي فرق ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رھي هئي جو ميمبر پڻ هو، هر وقت ڪلاس ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪندڙ ۽ ڪرپشن خلاف سخت موقف رکندڙ. هن جي اها ڳالهه ٻولهه ٻڌي مان وائڙو ٿي ويس، ڪجهه گهڙيون امبر وارن سان ويهي اٿيس ۽ فيڪلٽيءَ جي در کان ٻاهر نڪري ناسي جينز جي کيسي مان موبائل ڪڍي فون ملائي قومپرست دوستن کي گڏ ڪيم. اسان ڪامرس ڊپارٽمينٽ جي پاسي واري ڪينٽين تي اچي ويٺاسين. سنگت سان احوال ٿيو. پهرئين ته اهو سوال اٿيو ته ڇا اسان کي هڪ پنجابي ڇوڪريءَ جي مدد ڪرڻ گهرجي. ”ها ضرور ڪرڻ گهرجي؟“ مون چيو، سڀني دوستن مون کي حيرت مان ڏٺو: ”اسان کي هر مظلوم جي مدد ڪرڻ گهرجي.“ سڀني دوستن امبر جي مدد تي راضپو ڏيکاريو. اسان جو خيال هو ته سر آفتاب هڪدم امبر کان معافي گهرندو. اسان فيڪلٽيءَ ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرايو، اڪثر شاگردن اهو سمجهيو هو ته وري قومپرستن جو سگريٽ پاڻي کٽو آهي. سندن ذهنن ۾ اهو خيال به آيو هوندو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جا هي ٺيڪيدار ئي اصل ۾ هن قوم جا دشمن آهن. سنڌ جي قومي تحريڪ خلاف ايترو ته زهر ۽ ڪوڙ پکيڙيو ويو آهي جو هاڻي وچولو طبقو قومپرستن کي قبولڻ کان ئي انڪاري ٿي پيو آهي. اسان ڇوڪرا، ڇوڪريون گڏ ٿي سر آفتاب خلاف نعرا هڻڻ لڳاسين، رش وڌڻ لڳي. غير جانبدار شاگرد ۽ استاد فيڪلٽيءَ جي ونگن مان جهاتي پائي اسان کي ڏسڻ لڳا. ان احتجاج ۾ رخسار منهنجي پاسي کان بيهي نعرا هڻي رهي هئي، هوءَ هڪ سماج وادي تنظيم جي ميمبر پڻ هئي. سج جي تپش پڻ وڌڻ لڳي. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اسان کي ڊين جي آفيس طرفان اهو نياپو مليو ته ڪجهه شاگرد اڳواڻ سندس آفيس اچن. مون سان ۽ امبر سان گڏ ٽي دوست ٻيا آفيس هليا جن ۾ رخسار به هئي. 58 سالن جو ڊين صحتمند شخص هو، اڌ مٿو گنجو ۽ پيٽ وڌيل، اسان سندس ايئرڪنڊيشنڊ آفيس ۾ ويٺاسين، هن ڪڙڪ لهجي ۾ ڳالهايو: ”وري ڪهڙي کوٽ کٽي اُٿئو.“ هڪ پل جي ساهي کانپوءِ ساڳي نوع ۾ چيائين: ”وري ڪنهن جي سالگرهه يا ورسي لاءِ بسون گهرجن، ڇو يونيورسٽيءَ کي برباد ڪرڻ جي پٺيان پيا آهيو، اوهان جي کوکلن نعرن هن مادرِ عملي جي پاڙن کي ائين کوکلو ڪري ڇڏيو آهي جيئن ڪاٺ کي اڏوهي ڪندي آهي، پوءِ وري رڙيون ڪندا آهيو ته ڦلاڻي اسان جي تعليم برباد ڪئي آهي..“اهو ٻڌي امبر اردوءَ ۾ ڳالهايو ته پوڙهي ڊين جا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ اکيون ٻاهر اچي ويس. ”سر منهنجي فيملي لاهور ۾ آهي ۽ آئون هتي هاسٽلر آهيان،“ امبر چيو. ان کانپوءِ هن سندس اينڊروئيڊ موبائل ڪڍي ڊين کي آڊيو ڪلپ ٻڌرائي ته هو پاڻي پاڻي ٿي ويو ۽ ڳيت ڏئي چيائين: ”اوهان گهٻرايو نه آئون اوهان سان گڏ آهيان، هن ٽيچر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.“ اسان آفيس کان نڪري وري باغ ۾ دوستن سان اچي بيٺاسين. ڏھن منٽن ۾ قانون لاڳو ڪرڻ وارن فيڪلٽي تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙ شاگردن تي لٺبازي شروع ٿي وئي. مان ٻن سپاھين جي هٿ چڙهي ويو هئس ٻنهي مون کي دل تي ڪٽيو، شاگرد ڇڙوڇڙ ٿي ويا، مونکي جيئن ئي مٿي تي ڏنڊو لڳو ته اکين آڏو اوندهه اچي وئي ۽ ڦهڪو ڪري زمين تي ڪريو ھئس. ”جيڪڏهن هن کي ڪجهه به ٿيو ته مان پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪري سگهنديس.“ اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ٻاهران بيهي رخسار جي ڪلهي تي هٿ رکي امبر روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو هو. ”فڪر نه ڪر،“ رخسار پنهنجو ڏک لڪائيندي کيس دلاسو ڏنو هو، هوءَ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي. اينٿروپالاجي شعبي جا ٻيا به ڪيترائي شاگرد فڪرمندي ۾ ورانڊي ۾ بيٺل هئا. مان اندر اڇي چادر واري بيڊ تي اڌ مئو پيو هئس، ڊاڪٽر ۽ ٻن نرسن مٿي مان وهندڙ رت بيهارڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. اڌ ڪلاڪ جي جستجو کانپوءِ ڊاڪٽر ڪامياب ٿيو ۽ مون کي ٽاڪا هڻي ٻاهر هليو ويو. امبر، رخسار ۽ ٻيا ڪلاس وارا ڪمري ۾ آيا. امبر ۽ رخسار بيڊ مٿان بيٺيون ھيون. مون ساهه منجهندو محسوس ڪيو. امبر منهنجو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي لڙڪ ڳاڙيندي چيو: ”سچ اوهان سنڌي جنهن سان دوستي رکو، ان لاءِ مري مات ٿيڻ به ڄاڻو.“ منهنجي منهن تي بي جان هيڊي مرڪ اچي وئي، هڏ هڏ سور ۾ ٿي پچريو. ”امبر،“ خشڪ چپن تي گلابي زبان ڦيريندي جهيڻي لهجي ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئم: ”منهنجو هڪ ڪم ڪندئين…!!“ ۽ وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳو ھئس. ”ها چئو…..“هن بنا سوچي ئي جواب ڏنو. ”جڏهن به سنڌ..“ مون چچريل لھجي ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، جملو پورو نه ڪري سگهيو ھئس، هڪ پل جي خاموشيءَ کانپوءِ وري چيو ھئم: ”جڏهن به سنڌ جي حقن خلاف ڪا ڳالهه ٿي ته پنجاب جي وادين ۾ اسان سنڌين جي حقن لاءِ آواز ضرور اٿارجان..“ لفظ اٽڪي اٽڪي نڪتا هئا. امبر ها ۾ ڪنڌ لوڏيو هو ۽ پوءِ ڪيتري دير تائين روئندي رهي هئي. ڪجهه ڏينهن ۾ احتجاج ڪندڙ سياسي تنظيمن جي شاگردن جا اڳواڻ اسٽيگس جي وڏي هال ۾ گڏ ٿيا. مان ۽ رخسار به هال ۾ هئاسين اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شاگردن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻي ان معاملي کي اتي ئي ختم ڪجي. اهو ٻڌي رخسار احتجاج ۾ اٿي بيهي رڙ ڪئي هئي: ”اوهان سڀئي هڪ ڇوڪريءَ جي عزت ۽ خود اعتماديءَ جو گهڻي ۾ سودو ڪري آيا آهيو!“ ”ادي اوهين جذباتي نه ٿيو هي مادري علمي جي ريپوٽيشن جو سوال آهي جيڪڏهن مادري علمي جي حوالي سان اهڙيون خبرون نياڻين جي گهروارن تائين پهتيون ته اهي پنهنجي نياڻين کي هن مادري علميءَ ڏانهن ڇڏيندا ئي نه. ان جو اسان جي سماج تي ناڪاري اثر پوندو، اوهان کي ته سنڌ جي تعليم جي حال جي خبر آهي.“ هن جي سماج وادي تنظيم جي اڳواڻ اسٽيج تان کيس جواب ڏنو. ”جيڪڏهن ڏوهه خلاف آواز اٿارڻ تي اوهان جي سماج تي ناڪاري اثر ٿا پون ته پوءِ لعنت هجي اهڙي منافق سماج تي، جيتري تائين امبر کي انصاف نٿو ملي مان ڊين جي آفيس ٻاهران بک هڙتال تي ويهنديس.“ رخسار ڪاوڙ ۾ چيس. اهو ساڍن چئن فوٽن جو سماج وادي اڳواڻ وڦلڻ لڳو ۽ نيٺ چيائين: ”ادي اوهان کي پارٽي جي ڊسيپلين موجب هلڻو پوندو نه ته..” …(هلندڙ)… Post Views: 168