ملهار جي نظر جيستائين وئي ٿي، اوستائين فقط پاڻي ئي پاڻي هو. هُن جي سڄي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو هو. اهوئي سمنڊ جيڪو سدائين سنڌوءَ جي ڇولين سان پيو ڌڪبو هو، اڄ ڪنهن چور وانگر اُن ملهار جي زمين چورائي ورتي هئي. سمنڊ کي هو چور سمجهندو هو، بلڪه وڏو ڌاڙيل هو، جنهن سندس آباد زمين تي ڌاڙو هنيو هو. لوڻياٺي ٿي ويل زمين هاڻ ڪنهن ڪم جي ڪونه رهي هئي. کيس ياد هو ته هو جڏهن ننڍي هوندي پيءُ سان گڏ پنهنجي ٻنيءَ تي ايندو هو ته سنڌو درياهه جون ڇوليون ڪيئن نه سمنڊ کي پيون سندس زمين تي قبضو ڪرڻ کان روڪينديون هيون۔ سمنڊ جو پاڻي مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پوندو هو، پر درياهه جو وهڪرو ايترو ته تيز هوندو هو جو ٻئي پاڻي ٻکين پئجي ويندا هئا، پر سمنڊ کي سدائين ھار نصيب ٿيندي هئي، پر پوءِ آهستي آهستي درياهه ڄڻ هن جي پيءُ وانگر پوڙهو ٿي ويو. مٺي پاڻيءَ جو سفر پورو ٿيو ۽ سمنڊ کي وارو ملي ويو، هن درياهه کان سڀئي پلاند ڪيا. هاڻ درياهه جي پيٽ ۾ به سمنڊ جو پاڻي وهي رهيو هو. هن پٻن ڀر ويهي ان لوڻياٺي مٽي گاڏڙ واريءَ کي هٿ ۾کڻي ڏٺو، هٿ مان پهرين پاڻي پوءِ آلي واري وهي وئي. هو جنهن جاءِ تي بيٺل هو، اتي ڪجهه سال اڳ تائين هن جي ٻنيءَ تي سارين جو فصل ۽ زيتون جو باغ هو، پر سڀ ڪجهه سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي لوڻ ٿي ويو. هاڻ هو مڇي وڪڻندو هو. سندس پيءُ پايل زمين کي وري آباد ٿيندي نه ڏسي سگهيو ۽ هن جي اکين مان سمنڊ جي پاڻي جهڙا کارا لڙڪ پنهنجي ٻنيءَ لاءِ وهيا هئا، پر هڪ ڏينهن نيٺ هن اکيون سدائين لاءِ پوري ڇڏيون. ملهار گهڻي دير تائين گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ کي ڏسندو رهيو. سندس ڪنن تائين پهچندڙ سمنڊ جو گوڙ ڄڻ اهو چئي رهيو هجي ته هن ئي سندس زمين کي ميساريو آهي. ڪجهه ڏينهن کان هن اخبارن ۾ اهي خبرون به پڙهيون پئي ته سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ لاءِ جج به ميدان ۾ لهي پيا آهن ۽ ان جي اڏاوت لاءِ پئسا پيا گڏ ڪن. جيڪي بئنڪ ۾ به جمع ڪرائي سگهجن ٿا. درياهه جي سُڪي وڃڻ جو ڏک رڳو اهو ماڻهو ڄاڻي سگهي ٿو جنهن ان کي مستيءَ ۾ وهندي ڏٺو هجي. ڪنهن زماني ۾ سندس تر ۾ سريل، گيدوڙا، ٻير، نم، مڪئي، مڱ، ڳنڍير، نانگ ول ۽ ابت ڏنگڻي نظر پيا ايندا هئا. اڄ هتي رڳو رڃ پئي وسي اهو منظر پَسي سندس دل جو بندر ڦِٽي ويس.