ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: پوپري

ملهار جي نظر جيستائين وئي ٿي، اوستائين فقط پاڻي ئي پاڻي هو. هُن جي سڄي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو هو. اهوئي سمنڊ جيڪو سدائين سنڌوءَ جي ڇولين سان پيو ڌڪبو هو، اڄ ڪنهن چور وانگر اُن ملهار جي زمين چورائي ورتي هئي. سمنڊ کي هو چور سمجهندو هو، بلڪه وڏو ڌاڙيل هو، جنهن سندس آباد زمين تي ڌاڙو هنيو هو. لوڻياٺي ٿي ويل زمين هاڻ ڪنهن ڪم جي ڪونه رهي هئي. کيس ياد هو ته هو جڏهن ننڍي هوندي پيءُ سان گڏ پنهنجي ٻنيءَ تي ايندو هو ته سنڌو درياهه جون ڇوليون ڪيئن نه سمنڊ کي پيون سندس زمين تي قبضو ڪرڻ کان روڪينديون هيون۔ سمنڊ جو پاڻي مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پوندو هو، پر درياهه جو وهڪرو ايترو ته تيز هوندو هو جو ٻئي پاڻي ٻکين پئجي ويندا هئا، پر سمنڊ کي سدائين ھار نصيب ٿيندي هئي، پر پوءِ آهستي آهستي درياهه ڄڻ هن جي پيءُ وانگر پوڙهو ٿي ويو. مٺي پاڻيءَ جو سفر پورو ٿيو ۽ سمنڊ کي وارو ملي ويو، هن درياهه کان سڀئي پلاند ڪيا. هاڻ درياهه جي پيٽ ۾ به سمنڊ جو پاڻي وهي رهيو هو. هن پٻن ڀر ويهي ان لوڻياٺي مٽي گاڏڙ واريءَ کي هٿ ۾کڻي ڏٺو، هٿ مان پهرين پاڻي پوءِ آلي واري وهي وئي. هو جنهن جاءِ تي بيٺل هو، اتي ڪجهه سال اڳ تائين هن جي ٻنيءَ تي سارين جو فصل ۽ زيتون جو باغ هو، پر سڀ ڪجهه سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي لوڻ ٿي ويو. هاڻ هو مڇي وڪڻندو هو. سندس پيءُ پايل زمين کي وري آباد ٿيندي نه ڏسي سگهيو ۽ هن جي اکين مان سمنڊ جي پاڻي جهڙا کارا لڙڪ پنهنجي ٻنيءَ لاءِ وهيا هئا، پر هڪ ڏينهن نيٺ هن اکيون سدائين لاءِ پوري ڇڏيون. ملهار گهڻي دير تائين گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ کي ڏسندو رهيو. سندس ڪنن تائين پهچندڙ سمنڊ جو گوڙ ڄڻ اهو چئي رهيو هجي ته هن ئي سندس زمين کي ميساريو آهي. ڪجهه ڏينهن کان هن اخبارن ۾ اهي خبرون به پڙهيون پئي ته سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ لاءِ جج به ميدان ۾ لهي پيا آهن ۽ ان جي اڏاوت لاءِ پئسا پيا گڏ ڪن. جيڪي بئنڪ ۾ به جمع ڪرائي سگهجن ٿا. درياهه جي سُڪي وڃڻ جو ڏک رڳو اهو ماڻهو ڄاڻي سگهي ٿو جنهن ان کي مستيءَ ۾ وهندي ڏٺو هجي. ڪنهن زماني ۾ سندس تر ۾ سريل، گيدوڙا، ٻير، نم، مڪئي، مڱ، ڳنڍير، نانگ ول ۽ ابت ڏنگڻي نظر پيا ايندا هئا. اڄ هتي رڳو رڃ پئي وسي اهو منظر پَسي سندس دل جو بندر ڦِٽي ويس.
ننڍي هوندي جڏهن سندس پيءُ کيس پهريون ڀيرو روپان ۾ ويهاريو هو ته هن کي درياهه جي پاڻيءَ کان ڊپ لڳو هو، پر جڏهن هو وڏي ٻيڙيءَ ۾ ويٺو ته کيس لڳو ماءُ جي هنج ۾ ويٺو هجي ۽ ڊپ لهي ويس. ملهار جو پيءُ جڏهن فصل ڪاهيندو هو ته سندس چپن تي پاڻمرادو گيت جون سٽون تري اينديون هيون. ‘هر، هرين تو هلي، چلي، او ڀاءُ هلي ملي.’ پر هاڻ نه اهو هر رهيو ۽ نه هر جو هٿيو جهلڻ وارا اهي سگها هٿ هئا. سندس پيءُ مڇيءَ جي شڪار وقت جڏهن پُساڻ پهريل هوندو هو ۽ کيس هنج کڻندو هو ته هن جو ننڍڙو وجود به درياهه جي مٺي پاڻيءَ سان آلو ٿي ويندو هو.
هن جي نظر هڪ ڀڳل هوڙي تي پئي، جيڪو ڪئين ورهين کان پاڻيءَ ۾ بيٺي بيٺي ڳري رهيو هو، ان جا پاسا پاڻي پائي ويو هو. جنهن مهاڻي جو اهو هوڙو هو، اهو ڪئين ورهيه اڳ هي جوءِ ڇڏي ويو هو. ڪئين ٻيڙيون هيون جيڪي درياهه ڪناري يتيم ٻارن جيان بيٺل هيون. هو پٻن تي زور ڏئي اُٿيو ۽ گهر موٽي ويو.
ملهار کٽ تي آهلجي پيو، سندس منهن تي نراسائي هئي، هڪ اکٽ مايوسي سندس وجود کي گهيري وئي هئي. هو گهر جي دالان ۾ کٽ جي اِيس تي مٿو رکي ليٽيل هو ته ماني پچائڻ ۾ رڌل سندس ماءُ صفوران کيس سڏيو.
“ملهار، او ملهار پٽ!”
هن جي ڪنن تي پيل ماءُ جي اوچتي سڏ کيس خيالن مان موٽائي ڇڏيو.
“جي امان.” هن ورندي ڏني.
“ڇا ٿيو آئي، ڪيڙي ڳڻتي هڻي ڳڀي وڌو اٿئي، تون چاڪ ته آئين؟” سندس ماءُ پڇيو.
“ها امان چاڪ آئيان، مون کي ڇا ٿيندو.” هو اٿيو ۽ کٽ تي ويهندي جواب ڏنائين.
“تون وري ٻني واري پاسي ويو هئين ڪ؟”
ملهار ڪجهه ڪونه ڪڇيو بس ڪنڌ ڌوڻي ها ڪيائين.
“تون ايڏان ويندو آئين، تو جي منهن جو پنو ئي لئي ويندو آهي. نيٺ تون سمونڊ کان پانجي ٻني ڪيئن ورائي سگھندين، کارو ڪوذو ڪري ويو آهي. درياءَ شاهه دادلو ته ويو سُڪي، هاڻ سمونڊ کي وارو مليو آئي ته اهو پانجي مرضي وارو آئي ۽ رڳو پانجي ٻني ته ڇا سريال ماڙهن جي ٻني به پائي ويو آئي، تون ڳڻتي نه ڪر، هڪ ڏينهن وري درياءَ باشا وهي ايندو ته پانجي ٻني به آباد ٿيندي.” سندس ماءُ دانگيءَ ۾ ماني وجهندي چيو.
“امان توکي خبر آئي، جي سمونڊ ڪو ماڙهو هجي ها ته آئون ان کي ڪڏهڪو قتل ڪري ڇڏيان ها، پر ان کاري کي ڇا ڪريان، پاڻي ئي پاڻي آئي ۽ پاڻي ته لٺ سان به ٻه اڌ ڪين ٿيندو. امان کاري جي درياءَ جي پيٽ ۾ وِير پئي ڀرجي. کاري هڻي مُنجو پتو پاڻي ڪري ڇڏيو آهي.”
“چڱو ڇڏ ائي ڳاليون ۽ ماني کاءُ.” سندس ماءُ ماني هن جي آڏو اچي رکي.
“آئون ڪونه کيندس بک ڪونهي.” هن ماني کائڻ کان نهڪر ڪئي.
“ڀلا مانيءَ سان ڪيڙو ضد، ايئن نه ڪر، ماني کاءُ ۽ تون شار وڃڻ جو سيجو ڪر. مون کي ڪجهه سمرو کپي ۽ پوپري جون ڪجهه چيزون به آهن، اهي به وٺي اچ.” ماءُ جي زور ڀرڻ تي هن ماني کائڻ شروع ڪئي.
پوپري اڃا مس ساماڻي هئي، جوانيءَ جي چانئٺ تي هن جا پير اجهو هاڻ پيا هئا. سانوري رنگ واري پوپريءَ جون اکيون جنهن به ڏٺيون ٿي، ڄڻ اهو انهن جو قيدي ٿي ويو. سندس مٿئين چَپ تي تِر هن جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. هوءَ وچان سينڌ ڪڍندي هئي ۽ ساڄي پاسي وارن جي چَڳ سدائين لڙڪيل رهندي هئي. ماڻهن پاڻيءَ ۾ ترندڙ پوپريءَ کي ته ڪونه ڏٺو هو، پر جن به پوپريءَ کي ڏٺو کين لڳو اها هن کان وڌيڪ ملوڪ نٿي ٿي سگهي. سندس ڇاتين جا اُڀار رئي سان ڍڪيل هوندا هئا، پر ايئن ٿي لڳو اهي بريزر جي قيد مان سدائين آجو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هجن. هوءَ پرچيءَ تي لکيل سامان ملهار ڏانهن کڻي آئي.
“ادا هي سمرو اٿئي مُنجو، ان مان ڪابه شيءِ وساري متان اچين، جي وساري آئين ته انن ئي پيرن تي واپس موڪليندي سنئينِ. هي سمرو ڳنهي اچجان. مُنجو آجموتو آئي، ڪا نه ڪا چيز تون رائي ايندو آئين.” پوپري حجت ۾ چيو.
“ها ها، خبر آئي مون کي، شار وڃي دڪان واري کي پهرين پرچي تو جي ڏيندو آئيان ته ٻيلي پهرين هي سمرو ڪڍ پوءِ ٻيو.” ملهار مانيءَ جو گرهه وات ۾ وجهندي چيو.
پوپريءَ جي مُک تي مرڪ اڀري آئي ۽ هن جا سنهڙا چپ ويتر حسين ٿي ويا.
“چڱو آئون هلان تو، شام تائين ورندس.” هن جهڙي تهڙي ماني کاڌي.
ملهار گهران موڪلائي شهر ڏانهن نڪري ويو. پوپريءَ کي پنهنجي جيڏل حميده ڏانهن ڀيرو ڀڃڻو هو. هوءَ هوڏانهن هلي وئي، ڪجهه گهڙيون هن سان ويٺي، حميده جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شادي ٿيڻي هئي، سو هوءَ ساڻس ملڻ لاءِ تڪڙي تڪڙي ويندي هئي. هوءَ حميده سان ملي جڏهن گهر ڏانهن واپس پئي وري ته رستي ۾ شاهنواز ٽڪرائجي ويو. هن کي سڄو ڳوٺ شاهو جي نالي سان سڃاڻيندو هو، شهر ۾ ڪاروبار هجڻ ڪري پئسي پنجڙ وارو ماڻهو هو. شاهو پنهنجن سنگتين سان سندس راهه تڪي رهيو هو. هو سدائين پنهنجا ڪارا شهپر وٽيندو رهندو هو ۽ انهن جا وار ڏندن ۾ چٻاڙڻ جي به عادت هئس. گهنگهرو وارن ۽ بت ۾ سگهو شاهو سڄي تر ۾ ٽرڙي نوجوان طور مشهور هو. پوپري جيئن گس تان گذري هن جي ڀرسان پهتي ته شاهو هن جو گس روڪي ورتو،
“ڪيڏان تي وڃين، ڪجهه نظر اسان ڏان به ڪر، ڪڏهين کان تُنجو گس جهليو بيٺو آئيان، اوسيئڙو ڪري ڪري پٿر تي ويو آئيان ۽ تون ايئن هلي تي وڃين.” شاهو پوپريءَ جي بُت جو ايڪسري ڪندي چيو.
“صفا ڪو نرڄو آئين، خبر به اٿئي ته مون کي تون هڪ اک نٿو ڀانئين پوءِ به ائي ٽرڙپايون ڇڏين نٿو. ايڏو جي مڙس ماڙهو آئين ته مُنجي دل بنا زور کٽي ڏيکار.” پوپري منهن ڦٽائيندي چيس.
“تون ته مون کي وڻين تي، ڇا ڪريان، سڄي تر ۾ شاهو کي پوپري جيڙي ڪا ٻي نظر ئي نتي اچي، جنهن تي نظر رکان. اونئن به تو جهڙي پوپري ٻي هتي ڪا آئي به ڪونه.” شاهو هن جي ويجهو ايندي چيو.
“ڏس مُنجو رستو ڇڏ، ادا ملهار کي خبر پئي نه، تُنجي کل لائي ڇڏيندو.”
“هاهاهاها…. ملهار ۽ مُنجي کل لائيندو.” سندس ٽهڪ ۾ دوستن جا ٽهڪ به گڏجي ويا.
“هاڻ بس ڪر نه ته ڏگري لاهيندي سنئين.” پوپري شاهوءَ کي پاسي تي ڌڪيندي گهر هلي وئي، شاهو هن کي ڏسندو رهيو،
“شاهو اڄ به شڪار نڪري ويو، هر ڀيري توکان بچي ويندي آئي، لڳي تو ته هي مڇي تُنجي ور ڪونه چڙندي.” هڪ دوست چيو.
“ڪيڙيون تو ڳاليون پڇين هي ته اصل گيهه اٿئي گيهه. سڄو ملڪ هڻي پٽ اٿلائي وڌم پر ايڙو داڻو ڪٿي ڪوني. ڀلا گهڻا ڏينهن وٺ نه ڏيندي. نيٺ ته مُنجي ڄار ۾ ڦاسندي، درياءَ ۾ ڄار وجهڻ کان پوءِ مڇي جو منهن ڄار ڏان هوندو آئي.” هن پنهنجا شهپر وٽيندي چيو.
شام ٿي ته ملهار شهر مان موٽي آيو، پوپريءَ جو سامان پوپري حوالي ڪيائين. هوءَ پنهنجو سامان ڏسندي خوشيءَ ۾ ٻهڪي پئي. هوءَ سامان کڻي ڪوٺيءَ ۾ هلي وئي ۽ هڪ هڪ ڪري ڏٺائين. ڪجهه ڏينهن کان حميده جي ڪاڄ جون تياريون شروع هيون. هوءَ شام ڌاري ڳيچن جي سڏ تي روز ويندي هئي ۽ رات جي پهر ۾ موٽي ايندي هئي. ڳوٺ جون ڪئين پوڙهيون ۽ جوان ڳيچاريون اڱڻ ۾ ويهي ڳيچ ڳائينديون هيون، جن مان هڪ ڳيچ هي به هو:
هنج سوناري گهڙيو، سر به سون جو هنجڙو
جهڙيون لاڏي من ۾، هنج سوناري گهڙيو
ان رات جڏهن هوءَ حميده جي گهران موٽي پئي آئي ته شاهو هن جو گس جهليو بيٺو هو ۽ سندس ٻه سنگتي به گڏ هئا. هن کيس ڏٺو ۽ چپ ڪري اتان وڃڻ لڳي، پر شاهو هن جو اڳ جهلي بيهي رهيو.
“اڄ تون نه ويندينءَ.” هن سندس هٿ جهليندي چيو. شاهو جي اکين ۾ وحشت کي هن محسوس ڪري ورتو هو.
“شاهو ڇڏ مون کي، وڃڻ ڏي نه ته آئون رڙيون ڪري سڄي ڳوٺ کي گڏ ڪنديس.” هن ڪاوڙ ۾ چيو.
“ته تون رڙيون ڪندينءَ.” شاهو هن جي وات تي هٿ ڏنو، سندس ٻن سنگتين به کيس سوگهو ڪيو. کيس زوري اتان کنڀي پنهنجي هڪ ڀڙڀانگ اڏي تي وٺي ويو. جتي پهرين هن پاڻ پوپريءَ جي بت تي بکايل بگهڙ وانگر رانبوٽا هنيا، هن جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون، ڇِڙيون، مزاحمت ۽ هٿ جوڙ به ڪم نه آئي. تنهن کان پوءِ سندس دوست واري واري سان پنهنجو وارو وڄائيندا رهيا ۽ پوپريءَ جي جوانيءَ کي نپوڙي ناس ڪري ڇڏيائون. ڪجهه ڏينهن تائين اهو سلسلو هلندو رهيو، سندس ماءُ ۽ ڀاءُ ملهار کيس ڳوليندا رهيا، پر هن جو ڪو پتو نه پيو، نيٺ پوپري ڏتڙيل حالت ۾ ڳوٺ جي پراڻي کوهه جي پريان لڌي. ڳوٺاڻن جي ڏسڻ شرط جيئن ملهار وارن کي ڄاڻ مليو ته هو پوپريءَ کي کڻي گهر پهتو. هن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ۽ وار وکريل هئا. سندس چپن ۽ ڪنڌ تي رانبوٽن ۽ چَڪن جا نشان هئا. هن جي اکين جي چمڪ غائب ٿي وئي هئي، ملهار ۽ سندس ماءُ جي اکين جا بند ڀڄي پيا ۽ سندن اکيون آليون ٿي ويون، پوپريءَ جي ماءُ کيس سهارو ڏئي پاڻي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي، هن ٻه ڍڪ پاڻيءَ جا پيتا.
ملهار کٽ تي سندس سيرانديءَ کان اچي ويٺو، هن کان لفظ ڪونه پئي اُڪليا، پر هن پنهنجي سڄي سگهه لفظ اچارڻ لاءِ گڏ ڪئي ۽ پوپريءَ جي مٿي تي هٿ رکندي پڇيائين:
“پوپي ڪير؟”
پوپريءَ جي چپن ۾ چُرپُر ٿي، ڄڻ هوءَ گهڻي ڪوشش ڪندي هجي، پر سندس زبان ساٿ نه پئي ڏنو. هن جا لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا، اکين جي ڪنارن کان وري لڙڪن جا ٻه ليڪا ظاهر ٿيا.
“ها پوپي چئو امان چئو، لُٽي ڪير؟” سندس ماءُ وري همت ٻڌرائي.
“ش…..ش…. شا… شاهو….” هن ڪنجهندي ڪنجهندي سندس نالو ورتو ۽ ملهار تي ڄڻ ڪا وڏي ڇپ ڪري پئي هئي، جنهن جي هيٺيان هن جو وجود دٻجي ويو هو يا سمونڊ جي ڪا وڏي وير سندس وجود تان وري وئي هجي. ملهار کي سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته هو ڇا ڪري، سندس ڀيڻ جي حالت به هن کان ڏٺي ڪانه پئي ٿي. کيس اسپتال پهچائڻ به ضروري هو.
“ائي گهوڙا بگداد ٿي ويو.” سندس ماءُ ڇاتي پٽيندي چيو.
ملهار پنهنجون اکيون اُگهيون ۽ ماءُ کي چيائين؛
“امان پوپي کي اسپتال وٺي هلڻو پوندو، نه ته ڪڻس حالت خراب ٿي ويندي.”
“هل پُٽ، دير نه ڪر.” صفوران چيو.
ٻئي پوپريءَ کي شهر واري اسپتال وٺي ويا، جتي کيس علاج لاءِ داخل ڪيو ويو. ڏينهن گذرندا ويا ۽ هن جي طبيعت ۾ سڌارو ايندو ويو، پر کيس اهو خوف اڏوهي بڻجي کائي رهيو هو ته هوءَ هاڻ ساڳي پوپري نه رهي آهي. هن ڪئين ڀيرا پاڻ کي مارڻ جو به سوچيو هو، پر اڃا همت نه ساري سگهي هئي. پوپري ڪجهه چاڪ ٿي ته ملهار کيس گهر وٺي آيو، پر کيس شاهو نه وسريو هو ۽ هن اهو طئي ڪيو هو ته هن کان پلاند ضرور ڪندو. ان ڪري هن ان خلاف قانوني ويڙهه وڙهڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن هو شاهو خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ويو ته اها به داخل نه ٿي سگهي ۽ هن وڪيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کانپوءِ عدالتي حڪم تي ايف آءِ آر داخل ٿي. ڪيس هلڻ شروع ٿيو، شاهو گرفتار ٿي ويو ۽ ٽرائل به شروع ٿي ويو، جنهن ۾ سموريون شاهديون شاهو خلاف ويون. هيٺئين ڪورٽ مان شاهو کي سزا اچي وئي، جنهن کانپوءِ هن مٿئين ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پوپري ان واقعي کانپوءِ جيئن ماٺ ٿي ته وري پهرن جا پهر پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ويٺي هوندي هئي، رات جو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿندي هئي. هن کي پاڻ کان نفرت ٿي پئي هئي. هر وقت شاهوءَ جو وجود هن کي ڪنهن ڄور جيان چنبڙيل محسوس ٿيندو هو، پر سندس بت جي چمڙي ڪو وڳو ته نه هئي، جنهن کي لاهي هوءَ اڇلائي ڇڏي ها. سدائين ڪجل ڀريل اکيون هاڻ رڻ جيان رُکيون ٿي ويون هيون.
ان ڏينهن پوپري جڏهن اُٻاڻڪي ٿي، پنهنجن خيالن ۾ ويٺي هئي ته ملهار کيس ڪئين ڀيرا نالو وٺي سڏ ڪيائين، پر هن جي ڪنن تائين ڄڻ ملهار جو آواز ئي ڪونه پهتو،
“پوپي…..” هن سندس مٿي تي هٿ رکندي کيس سڏيو.
“هون….” هوءَ ڇِرڪي پئي.
“ڇا ٿيو پوپي؟ شار پيو وڃان، سمري جي پرچي نه ڏيندينءَ؟” ملهار پڇيس.
ملهار جو ايئن چوڻ ۽ هوءَ سندس سيني سان لڳي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. هن جا سڀ هار سينگار ختم ٿي چڪا هئا. ملهار به پنهنجو روئڻ روڪي نه سگهيو ۽ پوءِ پوپريءَ جو منهن پنهنجي هٿن ۾ جهلي، سندس لڙڪ اُگهيا.
“بس بس. هاڻ بس ڪر، آئون جو آئيان توسان، تون ڳڻتي ڪو ٿي ڪرئين، جنهن توسان ڪئي آهي، ان کي قانون ضرور سزا ڏيندو.” هن کيس آٿت ڏيندي چيو.
ڳوٺ ۾ مائين ۽ مردن جا وات کوهن جهڙا هئا، هر ڪنهن جي وات ۾ ساڳي وائي هئي، پوپريءَ سان جيڪو ٿيو هو، ان کانپوءِ جنهن جي وات تائين جيڪا ڳالهه پهتي ان وڌيڪ لوڻ مرچ هڻي ڳالهه کي ٻئي ڪن تائين پهچايو پئي. ايئن ڳالهين جا ڳيرا سڄي تر ۾ اڏامندا ماڻهن جي ڪنن جي وڻن تائين وڃي پهتا.
ٻپهريءَ جو ماسي ڦاپي اُڊڪ ٺاهي رهي هئي. هن چلهه تي ديڳڙي چاڙهي مکڻ ڪوسو ڪيو ۽ سڙيل لسيءَ ۾ ڳڙ ملائڻ لڳي. تڏهن هن پوپريءَ جو قصو سڀائيءَ سان چوريو.
“تو هي پوپري واري ڳال ٻڌي هوندي، تون ڪو سمجهين ٿي ڪيڙو ماملو آئي؟” ڦاپي ديڳڙيءَ ۾ ڏوئي هلائيندي نيٺ ڦاٽي پئي.
“لِئي آهي ته مئو صفا اروکڙو، پر چون ٿا ظلمي ايڏو آهي جو سسي کان سٿڻ پيو لاهي، پر هاڻ خدا کي خبر سچ ڪيڙو آهي. اهو مئو شاهو ته جيئري پٽي ماهه ڪوري ويو. وڏو ڪو کنچرو آهي. پوپري ته اڃا مس هاڻ ساماڻي آهي. هاڻ الائي ڇا ٿيندو.” سڀائي وراڻيو.
“ٻڌو آهي ته پوپري پاڻ به لامارا پئي ڏيندي هئي، ان ڪري ته شاهو وڃي هٿ وڌاس.” ڦاپي رازداريءَ سان آواز جهيڻو ڪندي ڳالهه ڪئي.
“لِئي اهڙي ڳال اسان ته ڪين ٻڌي. تون به هاڻي ڇيڻا ڀوري نه ڪر.” سڀائي چيس.
“مون کي ڪيڙو لاچار پرايون پٿيون پٽيان پر پوپريءَ جو ته ليڙو لهي ويو. رب سڀني کي خواريءَ کان بچائي.” ڦاپي ڪنن جي پاپڙين کي آڱريون هڻندي چيو.
“اهو شاهو ٽوپ جي پاڙ پانڊي جو ٻج، ان کي سڄو تر سڃاڻي. ان جي پيءُ کي به سڃاڻان وڏو گُهوگهٽِ هو. الاسون پوپري جي ساک جي شاهدي آئون اکيون پوري ڏيان ٿي.” سڀائي پنجئي آڱريون اکين تي رکندي قسم کنيو.
“نه ڙي لِئي پاڻ کي قبر ڪاري ڪرائڻي ڪونهي. مون ته مڙئي ڳال پئي ڪِي. ڀلا تو واري ڇوڪري ڇا پئي ڪري.” ڦاپي ڳالهه مٽائيندي چيو.
“ٻڙي، سڄو ڏينهن انبن تي ويهي ليلا پئي ڪُڇي.”
ڪجهه وقت کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ شروع ٿيو. ڪورٽ جي ڊبل بئنچ ڪيس جي شنوائي شروع ڪئي. هڪ جج جنهن جون مڇون اڇيون هيون، کيس چوڪور ڪنڊن وارو چشمو پاتل هئس ۽ سندس وار ڪارا هئا، کيس آڏي سينڌ هئي. ٻيو جج کانئس بُت ۾ ڪجهه سَگهو هو ۽ کيس هلڪي اڇي ڪاري ڏاڙهي به هئي. سندس وار کُسيل هو.
ڪيس هليو ۽ شاهو جيئن ڪٽهڙي ۾ پيش ٿيو ته جج کانئس سوال ڪرڻ شروع ڪيا. ملهار ۽ سندس ماءُ ڪورٽ جي ڪمري ۾ موجود هئا.
“ته هي ڏاڍائيءَ جو معاملو آهي.” جج فائل ڏسندي چيو.
ملهار جي وڪيل هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
جج وري شاهو سان مخاطب ٿيو،“اپيل ۾آيا آهيو، هيٺئين ڪورٽ مان سزا کاڌل آهيو.”
شاهو جي وڪيل ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جج کيس روڪي ڇڏيو.
“توهان ڊيم فنڊ ۾ ڪيترا پئسا جمع ڪرائي سگهو ٿا؟” جج شاهو کان پڇيو.
“جي صاحب؟” شاهو اڻڄاڻائيءَ مان پڇيو.
“ڏسو جيڪڏهن توهين فيصلو جلدي ڪرائڻ چاهيو ٿا ته ملڪي ترقيءَ لاءِ جيڪو ڊيم اڏيو پيو وڃي، ان ۾ ڪجهه پئسا جمع ڪرايو ۽ پنهنجن ايندڙ نسلن لاءِ پاڻيءَ جي مسئلي کي حل ڪريو. ٻي صورت ۾ هي ڪيس اڃا به وڌيڪ ڊگهو ٿي ويندو.” جج رُکي لهجي ۾ چيو.
“ماءِ لارڊ…..” پوپريءَ جو وڪيل جج کي مخاطب ٿيو.
جج کيس چُپ رهڻ جو اشارو ڪيو، ”ها ته مون پڇيو ته ڊيم فنڊ لاءِ ڪيترا لک ڏئي سگهين ٿو؟“ هن شاهو سان ڳالهايو.
“جج صاجب جيترا چوندا اوترا ڏيندس.” هن خوشي خوشي چيو.
“ته ٺيڪ آهي، 10 لک ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. ڪيس ڊسمسڊ، نيڪسٽ ڪيس.” جج وڏي رُعب سان چيو.
اها ڳالهه ٻڌي پوپريءَ جو وڪيل جج آڏو ٻاڏائيندو رهيو، پر هن جي جج هڪ به نه ٻڌي. ملهار ۽ سندس ماءُ جي منهن تي ويتر مايوسي ڇانئجي وئي ۽ شاهوءَ جي منهن تي هڪ فاتحاڻي مرڪ نظر اچڻ لڳي.
ملهار وارا عدالتي ڪمري مان نڪري ڪورٽ جي احاطي ۾ آيا ۽ وڪيل سان ڳالهائڻ لڳا پر وڪيل جي بيوسي ڏسي اهي وڌيڪ ڪجهه ڪونه چئي سگهيا. ملهار صفوران کي سهارو ڏئي بئنچ تي ويهاري ڇڏيو. اهي ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي ويٺا رهيا. جڏهن سندس ماءُ کي خبر پئي ته جج جي گاڏي ڪورٽ جي پوئين پاسي کان گذرڻ واري آهي ته هوءَ تڪڙيون وکون کڻندي ان پاسي وئي. جج پنهنجي چئمبر مان نڪري ٻاهر گاڏي ڏانهن وڌيو. جيئن سندس ڊرائيور در کوليو ته ملهار جي ماءُ هن ڏانهن وڌي، هوءَ ڏند ڪرٽي رهي هئي، سندس مٺيون ڀيڪوڙيل هيون. هن پنهنجي سڄي سگهه گڏ ڪري هڪ ٿڪ اڇلائي۔ صدين جي ڪاوڙ سان ڀريل ٿُڪ جج جي منهن تي وڃي لڳي.
***