ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان عالمي دهشتگرديءَ جي لسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ٻيو ملڪ

            گلوبل ٽيررزم انڊيڪس (GTI) 2025 مطابق پاڪستان دهشتگرديءَ جي مقابلي ڪرڻ وارن ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي ۽ دهشتگرديءَ جي ڪري پاڪستان ۾ صورتحال تمام گهڻي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ان لسٽ ۾ اچڻ يقينن پاڪستان جي لاءِ ڪا ڪاميابي حاصل ڪرڻ واري ڳالهه نه آهي. پاڪستان کان مٿي هن وقت اولهه آفريقا جو هڪڙو ملڪ برڪينا فاسو ۽ پاڪستان کانپوءِ ٽئين نمبر تي شام آهي. جڏهن کان وٺي افغانستان ۾ طالبان حڪومت آئي آهي پاڪستان سک جو ساهه نه کنيو آهي. پاڪستان هميشه افغانستان سان پنهنجا بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ ۽ اسلامي برادر ملڪ هجڻ جي ناتي ان مان تمام گهڻيون اميدون وابسته ڪري ويٺو هو، پر طالبان جي حڪومت جي باوجود ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) هن وقت پاڪستان تي خوني حملا ڪري رهي آهي. هن وقت ٽي ٽي پي پاڪستان جي چئن خطرناڪ ترين دهشتگرد تنظيمن ۾ شامل آهي. 2023ع ۾ پاڪستان ۾ 517 دهشتگرد حملا ٿيا، پر گذريل سال 2024ع ۾ 1099 حملا ٿيا، جن مان اڌ کان وڌيڪ جي ذميواري ٽي ٽي پي تي اچي ٿي.

            هن انڊيڪس ۾ ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي وئي آهي ته خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ حصا آهن، جتي 96 سيڪڙو دهشتگرد حملا ٿيا. جيتوڻيڪ ٽي ٽي پي سڀ کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ڪيا، پر 2024ع ۾ بلوچ لبريشن آرمي (BLA) ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي خودڪش حملي ۾ ملوث هئي، جنهن ۾ تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو. هن رپورٽ مطابق پاڪستان هينئر لڳ ڀڳ 20 سال پهرين جهڙي دهشتگرديءَ کي منهن ڏيئي رهيو آهي. بدقسمتيءَ سان طالبان حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ٽي ٽي پي ۽ ٻيون انتها پسند تنظيمون پاڪستان ۾ تيزيءَ سان دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪري رهيون آهن، جنهن جا سبب ڪيترائي آهن، جنهن ۾ هڪ سبب آمريڪا جو ڇڏيل اسلحو ٽي ٽي پي جي هٿ ور چڙهڻ يا انهن جي حوالي ڪرڻ به آهي. ٻيو انڊيڪس ۾ ان ڳالهه کي به تسليم ڪيو ويو آهي ته اهڙن دهشتگردن کي افغانستان ۾ محفوظ پناهه گاهون حاصل آهن. پاڪ فوج جي چوڻ مطابق بنون ڪينٽ تي تازي حملي ۾ افغان شهري ملوث آهن.

            هن وقت پاڪ افغان لاڳاپن ۾ خرابي دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. مثال طور: طورخم بارڊر تنازعي تي پاڪستاني ۽ افغان فورسز جي وچ ۾ ڪيتريون ئي جهڙپون ٿيون آهن ۽ اڃان جاري آهن. بنا ڪنهن شڪ جي اها مشڪل ڳالهه آهي، پر ٽي ٽي پي جي خطري سان منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته افغان طالبان سان لاڳاپن ۾ بهتري آندي وڃي.

            گلوبل ٽيررزم انڊيڪس رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته پاڪستان ان قسم جي دهشتگردين وارن ڪارروائين کي منهن ڏيڻ لاءِ ‘فوجي، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي’ قدم کڻي. ان هوندي به سياسي حلقه پاڻ ۾ ايتري قدر ڄنڊا پٽ ۾ مصروف آهن جو انهن کي ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ وارو بحران نظر نٿو اچي. جڏهن ته ٻيا طاقتور ادارا ڊجيٽل دهشتگردي ۽ ان طرح جي ٻين خطرن جي حوالي سان وڌيڪ ڳڻتيءَ ۾ مبتلا آهن.

            جيڪڏهن اسان دهشتگرديءَ جي موجوده خطري سان منهن نٿا ڏئي سگهون ۽ وقت تي بيدار نه ٿينداسين ته معاشي بحالي ۽ قومي هم آهنگي جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو. پاڪستان حڪومت کي ان خطري سان منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ئي وقت گهڻ رخي پاليسي ٺاهي ان تي عمل ڪرڻو پوندو. ڇو ته نه صرف سرحدن جي پار دشمن پاڪستان جي مٿان حملو ڪري رهيو آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ ويٺل افغان مهاجر جنهن جي نظرياتي وابستگي طالبان سان آهي ۽ ان جي همدردي به پنهنجي ماڻهن سان آهي، اهو هن وقت ٽي ٽي پي جي سهولتڪار جي طور تي به ڪم ڪري رهيو آهي، ان ڪري ضروري آهي ته اهڙن افغان مهاجرن کي انتهائي نگهداشت جي اندر مهاجر ڪئمپن ۾ رکيو وڃي ۽ پوءِ هتان کان انهن کي واپس افغانستان اماڻيو وڃي.

            ان کان علاوه اسان جي پنهنجي سيڪيورٽي فورسن جي اندر ۽ مختلف سطحن تي انهن ماڻهن جي به نگهداشت ڪئي وڃي جيڪي نظرياتي طور تي افغان طالبان سان متفق آهن ۽ انهن جي لاءِ همدردي رکن ٿا ۽ ممڪن آهي ته سهولتڪاري به ڪندا هجن، انهن کي ڪنهن به فورس ۾ توڙي انٽيليجنس جي شعبي ۾ نه رکيو وڃي. ان کان علاوه ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي قبائلي سردارن کي ڪنهن گرينڊ جرڳي جي ذريعي گڏ ويهاري حڪومت جي پاليسي تحت ان ڳالهه سان ڳنڍيو وڃي ته اهي ان ڳالهه تي نظر رکن ته سندن قبيلن اندر ڪوبه فرد دهشتگردن جي پٺڀرائي ته نه ڪري رهيو آهي. هيءَ سڄي جنگ پاڪستان جو هڪ عسڪري ادارو نٿو وڙهي سگهي.

            ان جي لاءِ سياستدانن کي، عسڪري ادارن کي ۽ قبائلي سردارن کي گڏجي ويهي هڪ اهڙي پاليسي ٺاهڻي پوندي جنهن سان ان دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي هميشه جي لاءِ ختم ڪري سگهجي، پر اهو به ضروري آهي ته اها پاليسي هاڻي مستقل طور تي رياست کي ٺاهڻ گهرجي، ڇو ته ماضيءَ ۾ رياست اهڙيون پاليسيون ٺاهيندي رهي آهي، پر پوءِ پاڻ ئي انهن جي لتاڙ به ڪندي رهي آهي، جنهن جي ڪري حالتون وري ساڳئي نقطي تي پهچي وڃن ٿيون. هاڻي رياست کي فيصلو ڪري دهشتگرديءَ خلاف هڪ اهڙي پاليسي ٺاهڻي پوندي جيڪا مستقل هجي ته جيئن سرحد پار کان ڪوبه دهشتگرد پاڪستان تي حملو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ پاڪستان معاشي ترقيءَ جي راهن تي ڪاميابيءَ سان روان دوان ٿي سگهي.