خاصنئون

وزير اعظم سي سي آءِ ميٽنگ ۾ سنڌ جا مسئلا به کڻي: سنڌ ڪابينا

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪابينا جي ميمبرن وزيراعظم تي زور وڌو آهي ته هو ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) ۾ سنڌ جي موجوده مسئلن کي به شامل ڪري. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ٿيل اجلاس سان ڳالهائيندي ميمبرن چيو ته آئين مطابق ڪائونسل کي 90 ڏينهن اندر اجلاس ڪوٺائڻو لازمي آهي. جڏهن ته گذريل 11 مهينن ۾ ڪوبه اجلاس نه ڪوٺايو ويو آهي. هن موقعي تي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته وفاق، سنڌ جي متبادل توانائيءَ جي پروجيڪٽن کي به روڪڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو ايندڙ سي سي آءِ جي ميٽنگ ۾ هي مسئلا کڻندو.