حيدرآباد ۾ زهريلي کاڌي کائڻ سبب 40 ٻارن جي حالت خراب
حيدرآباد ۾ زهريلي کاڌي کائڻ سبب 40 ٻارن جي طبيعت خراب ٿي وئي، سڀني ٻارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. هي واقعو هالا ناڪا جي ويجهو هڪ بورڊنگ اسڪول ۾ پيش آيو آهي. ٻارن جي عمر 4 کان 8 سالن جي وچ ۾ آهي. اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته سڀني ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. سڀني ٻارن بريڊ ۽ آني سان ناشتو ڪيو هو ۽ اسان چيڪ ڪري رهيا آهيون ته هنن جي حالت ڇو خراب ٿي هئي. حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر عائشه ابڙو ان اسڪول جو دورو به ڪيو آهي ۽ اسڪول کي ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اسڪول جو ڪچن سيل ڪيو ويو آهي ۽ ان جو سامان مڪمل جائزي لاءِ موڪليو ويو آهي.

