علامه محمد اقبال (شاعر مشرق) اهو عظيم شاعر هو، جنهن جهڙا شاعر صدين کانپوءِ به جنم ناهن وٺندا. علامه اقبال جهڙي شاعر کي جيڪڏهن اوهان ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا ته به ان قسم جو شاعر اوهان کي ڀاڳن سان ملندو. اسان جي وطن عزير پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ دنيا جي فسلفي شاعر کي هن دنيا کان وڇڙندي اسي سال ٿي چڪا آهن، پر سندس انقلابي فڪر ۽ الهامي شاعري جا متوالا وقت سان گڏوگڏ وڌندا پيا وڃن، جنهن جو بنيادي سبب اها فڪري ۽ انقلابي شاعري هئي، جنهن هن کي شاعر مشرق بڻايو. علامه اقبال جي شاعري اصل ۾ توحيد جي تصور ۽ ڪائنات جي تصور جي اٽل سچائين جو اعتراف آهي. عام شاعريءَ جيان شڪست ۽ محرومي، نااميدي ۽ زندگي کان فرار جي ڪا صورت ڏيک نٿي ڏئي. اقبال جي باري ۾ اها تحقيق ٿيل ڳالھه آهي ته هو هڪ عام شاعر نه، بلڪه فلسفي شاعر هو. مختلف موضوعن تي، فڪر تي جيترا فڪر انگيز خيال اقبال پيش ڪيا آهن، ان جو مثال ملڻ نهايت ئي گهٽ آهي.
پيدائش ۽ شروعاتي زندگي: مڪمل نالو محمد اقبال، لقب علامه اقبال، پيدائش 9 نومبر 1877ع سيالڪوٽ (ان وقت برٽش، اڄ جو پاڪستان). والد جو نالو شيخ نور ممحمد (صوفي مزاج شخص). علامه اقبال سيالڪوٽ جي اسڪول ۽ مسجد ۾ قرآن جي تعليم ۽ اردو، فارسي تعليم حاصل ڪئي. ايس اسيچنس ڪاليج سيالڪوٽ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر، گورنمينٽ ڪاليج لاهور کان فلسفي ۾ ايم اي ڪيائين. 1905ع ۾ انگلستان ويو، جتي ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ فلسفو ۽ قانون پڙهائين. پوءِ جرمني جي هائيڊل برگ يونيورسٽي ۽ ميونخ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري (مذهبي فڪر اسلام تي پي ايڇ ڊي) ڪيائين. لاهور ۾ بحيثيت وڪيل ۽ پوءِ پروفيسر فلسفي و ادب تي ڪم ڪيائين. فلسفي، مفڪر، شاعر، استاد ۽ سياستدان فڪري و ادبي خدمتون.
سندس شاعري جا وڏا مجموعا: بانگ درا (1924ع)، بال جبريل (1925ع)، ضرب ڪليم (1936ع)، ارمغان حجاز (1938ع). “خودي” ۽ “شاهين” جهڙا نظريا پيش ڪيائين ته جيئن مسلمان پنهنجي مقام ۽ قابليت کي سڃاڻين. اسلامي فلسفي ۽ قوميت تي زور، مسلمانن جي لاءِ الڳ وطن جو تصور. 1930ع جي الهه آباد اجلاس ۾ آل انڊيا مسلم ليگ کي مسلمانن جي الڳ وطن جو خاڪو ڏنو ۽ اهوئي خواب اڳتي هلي تحريڪ پاڪستان جو فڪري ٿنڀ بڻيو. علامه اقبال 21 اپريل 1938ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي، سندس مزار بادشاهي مسجد ۽ لاهور قلعي جي وچ ۾ موجود آهي. علامه اقبال صرف شاعر نه بلڪه هڪ سوچ، هڪ بيداري ۽ هڪ تحريڪ هو. ان جي زندگي اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته علم، خودي ۽ ايمان سان گڏ قومون زنده رهن ٿيون ۽ اسان سڀني کي گهرجي ته اسان شاعر مشرق علامه اقبال جي خيالن، فڪر ۽ فلسفي کان سبق وٺي ملڪ ۽ قوم جي بنيادن کي اڃان به وڌيڪ مضبوط بڻايون ته جيئن شاعر مشرق جي فڪر ۽ فلسفي کي سگھه ملي سگهي.