بلاگنئون

هائبرڊ جمهوريت يا آمريت واري حڪومت

فلپائن جي نوبل انعام يافته صحافي ”ماريا ريسا“ پنهنجي 2022 جي يادگيري ۾ لکيو آهي ته ”عوامي خاموشي هڪ زبردست پيچيدگي آهي، ۽ هڪ ڊڪٽيٽر جي پاسي ٿي بيهڻ اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ اقتدار ۾ رهندڙن جي ڪيل پسند جا نتيجا آهن“. ان جملي جي تناظر ۾ ڏسجي ته اسان وٽ قانون جي حڪمراني اندر کان ٽٽي پئي آهي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي اقتداري حصو ڊڪٽيٽرن جي حصي ۾ گهڻو رهيو آهي ۽ سول حڪمراني سياسي اڻبڻت جي ڪري پائيدار ناهي رهي. ڪي ته ٻه ڏينهن کان هڪ هفتي تائين به وزيراعظم رهي هليا ويا، پر ڊڪٽيٽر 11 سالن تائين اقتدار جي ڪرسي سان چنبڙيا رهيا. ان جو وڏو سبب اهو به هيو ته اسان وٽ اداراتي ڊڪٽيٽرشپ جا پير پختا رهيا آهن، شروع کان ئي ادارن جي ڳٺ جوڙ ۽ انهن جون پاڙون پختيون ڪيون ويون آهن، انهن ادارن هڪٻئي کي تحفظ پئي ڏنو، اهي ادارا هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا آهن، انهن ۾ خاص حصو ڪورٽن جي فيصلن ۽ ججن جو به آهي ته انهن پنهنجي پنهنجي مرضيءَ سان 58 ٽو بي کي به تحفظ ڏنو ته آرٽيڪل 6 جي نگهباني به ڪئي، مشرف کي به جائز قرار ڏنن ته ڀٽي صاحب جي ڦاهي کي قانوني قرار ڏئي وري پاڻ ئي غيرقانوني چئي ويٺا.

هيل تائين ستم ظريفي اها به آهي ته هر ادارو ٻئي اداري جي مٿان تسلط ٿو چاهي، هو چاهين ٿا ته خلق کي ڪا خبر نه پئي يا خلق کي ڪا چرچ ئي ناهي. ان ڪري جيڪو ڪجھه ڪرڻو آهي ته ادارن کي ئي ڪرڻو آهي، ادارا جيڪڏهن چاهين ته عمران خان کي ان جي کٽيل 33 سيڪڙو بيلٽ باڪسز تي کٽرائي سگهن ٿا ۽ چاهين ته فارم 45 ۽ 47 جي انجنيئرڊ اليڪشن ڪرائي عمران خان کي هارائي ۽ شهباز شريف کي کٽرائي به سگهن ٿا. ان ڪري ته ملڪ ۾ اداراتي ڊڪٽيٽرشپ مضبوط رهي آهي، جنهن سبب هر سياستدان ”اپ ورڊ“ (مٿي ڌڻين سان) تعلقات ڀلا ڪرڻ ٿو چاهي، ڇو ته اقتداري لوڀ ۽ ڪرسي جي لالچ انهن جي رڳ رڳ ۾ ويهي وئي آهي، ۽ ”ڊائون ورڊ“ تعلقات معني ماڻهن ۾ سياست ڪجي ۽ ماڻهن جي ٻڌجي، سي انهن جا جيڪي به ”اليڪٽورل ڪاليج“ معنيٰ سرمائيدار، جاگيردار ۽ ٽيڪنوڪريٽ ويٺا آهن، انهن جي عام ماڻهن ۾ پوک پوکيل آهي اهي عام خلق کي هيٺين سطح تي پاڻ ڪنٽرول ڪري وٺندا، ان ڪري عام ماڻهن جي سياست آسان آهي.

آمريڪي صدر فرينڪلن روزويلٽ وانگر ائين لڳي رهيو هو ته مسٽر ڀٽو پنهنجي دشمنن کان انصاف ڪرڻ لاءِ چوندو. بدنام زمانه قتل ڪيس ۾ سندس ٽرائل ۽ اپريل 1979 ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ هڪ سخت ستم ظريفي هئي. 1984 جي شرمناڪ ريفرنڊم کانپوءِ آرمي چيف پاڻ کي پنجن سالن لاءِ صدر قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ 1985 ۾ غير جماعتي چونڊون ٿيون، جن ۾ آمر جي مقرر ڪيل ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ماڻهن کي چونڊيو ويو. ان ڊڪٽيٽر کي هٽائڻ هڪ مشڪل ڪم ثابت ٿيو، باوجود ان جي ته جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ، هڪ شرمناڪ جمهوري محاذ جي خلاف احتجاج ۾ شروع ڪئي وئي. پيپلزپارٽيءَ جي ڪارڪنن رياستي ڏاڍ ۽ جبر جو خاتمو آندو، سعوبتون سَٺيون ۽ بي سبب جيل ڪاٽيا. ان وقت اهو ڏٺو ويو ته 1985 ۾ فوجي ڊڪٽيٽر پاران مقرر ڪيل مهذب ۽ ايماندار وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي ساڳئي جنرل 1988 ۾ برطرف ڪيو. پر هڪ ڏهاڪي کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ کانپوءِ اهو ڊڪٽيٽر 17 آگسٽ 1988 ۾ هڪ پراسرار جهاز حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو. ان کانپوءِ بينظيرڀٽو ۽ نوازشريف جي سربراهي ۾ ٻن سياسي پارٽين جي وچ ۾ سياسي مٽاسٽا جو هڪ ڏهاڪو هليو. فوجي اسٽيبلشمينٽ کي گوليون لڳيون ۽ نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي عدم استحڪام قوم کي هڪ بحران کان ٻئي بحران ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. سياستدانن فوجي حڪمرانيءَ واري تاريخ مان ڪو به سبق نه سکيو آهي. نوازشريف فوج کي چونڊڻ واري پنهنجي اڳوڻي غلطي کي ورجايو، چيف جسٽس جيڪو 2016 ۾ توڻي جو سينيئر نه هو پر نوازشريف ان کي به چونڊيو. 2018 جي چونڊن ۾ اسٽيٽ جو ڪردار کليل راز هو. پوءِ اها ستم ظريفي هئي ته وزيراعظم عمران خان ساڳئي صفحي واري منتر تي يقين رکندي 2019 ۾ آرمي چيف کي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ ڏني. اپريل 2022 ۾ هن جي حڪومت جو خاتمو ۽ بعد ۾ سياسي انجنيئرنگ تمام گهڻي مشهور ٿي ۽ هاڻ تازين انتهائي تڪراري چونڊن کانپوءِ قائم ٿيل موجوده حڪومت کي هاريندڙ اتحاد جو نالو به ڏئي سگهجي ٿو، انهن پاڻ پي ٽي آءِ جي حڪومت جو خاتمو آڻي سورنهن مهينا حڪومت ڪئي پر ٻوٽو به ٻاري سگهيا ۽ وري پي ڊي ايم (ٽو) جي مدد سان اقتداري مزو ماڻي ويٺا.

گذريل اليڪشن ۾ ووٽرن جو جواب بيحد ڀلو ۽ وقتائتو هيو. هر قسم جي مشڪلاتن جي باوجود اهي پولنگ اسٽيشنن تي گڏ ٿيا ۽ انهن جو پيغام واضح هيو ته ”اسان توهان کي گهٽين ۾ گهلي نه سگهنداسين، توهان وٽ بندوقون آهن، پر هتي اسان وٽ بيلٽ آهن ۽ انهن تي اسان جو ٺپو آهي. ان سان اسان کي جيڪو وڻندو سو ڪنداسين“ 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن ۾ پڌرو هيو ته پاڪستان ۾ تبديليءَ جون هوائون گهلنديون، لکين ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ رکندڙ نوجوانن پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو عام چونڊ عمل ۾ حصو ورتو. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ نوجوان ووٽرن جي وڌندڙ ڊيموگرافڪ هڪ اهم ووٽنگ بلاڪ آهي. گذريل اليڪشن ۾ 44 سيڪڙو ووٽر 35 سالن کان گهٽ هئا ۽ گڏوگڏ سوشل ميڊيا سياسي مهم جو هڪ غالب طريقو به هئي ۽ ساڳي جاءِ تي وچولي طبقي جا ووٽر وڏي انگ ۾ نڪتا هيا. عورتون ۽ ننڍي عمر جون ڇوڪريون به تمام گهڻيون سرگرم هيون، ان ڪري شهري ۽ ٻهراڙي جي ووٽرن ۾ فرق ڪرڻ مشڪل هيو. ماڻهن گهڻو ڪري قومي ۽ مرڪزي سياسي پارٽين کي ووٽ ڏنو، بلڪه تنگ نظري تي ٻڌل مذهبي پارٽين کي ووٽ نه ڏنو يا کين گهٽ پيو. هر سال وانگي هن ڀيري به ٽي وڏيون سياسي قوتون، جن ۾ پي ٽي آءِ، مسلم ليگ نون ۽ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان مٿي آيون. ڪي پي جي ووٽرن واضح طور تي پي ٽي آءِ کي وڏو ووٽ ڏنو، ۽ گذريل ٽن چونڊن (2013، 2018 ۽ 2024) ۾ انهن جو ووٽ بئنڪ مسلسل وڌيو. پنجاب ساڳي ريت اليڪٽيبل سياسي خاندانن کي ووٽ ڏيڻ جي روش کي به واضح طور ٽوڙي ڇڏيو. عوام اڪثر ڪري پارٽي لائينن تي ووٽ ڏنو، اسٽيبلشمينٽ جي اسپانسر ٿيل پارٽين کي رد ڪري ڇڏيو، جيڪو مقبول ترين پارٽي جي ووٽ بئنڪ تي هڪ داغ ثابت ٿيو.

سنڌ پيپلزپارٽي جو مضبوط قلعو آهي. اها ٻي ڳالھه هئي ته ڪراچيءَ جا اعلانيل نتيجا حقيقت جي عڪاسي نه پيا ڪن، ان ڪري جو شهر تي ڪنهن هڪ نسلي جماعت جو تسلط ناهي رهيو. هن شهر ۾ پيپلزپارٽيءَ ۽ پي ٽي آءِ جا مضبوط ووٽر به آهن. ساڳي جاءِ تي بلوچستان انتهائي ڏکوئيندڙ منظر پيش ڪيو. اتي اسٽيبلشمينٽ جي پيرن جا نشان اڃان باقي آهن، جيڪي اختلاف جي آوازن ۾ گونجي رهيا آهن. چونڊن دوران بلوچ قومپرست علائقن ۽ پختون علائقن ۾ ناراضگي جي لهر وڌي رهي هئي (۽ آهي). گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو اڃان به هڪ ٻرندڙ زخم هو (۽ آهي). گذريل چونڊن وانگر 8 فيبروري جي چونڊن ۾ بدقسمتي سان وڏي پيماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي. 1985 ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ شامل ٿيڻ تي خلق ڏٺو ته اليڪشن ۾ رياستي ادارن طرفان ڌانڌلي ٿيندي هئي.

اها ٿورڙي تعجب جي ڳالھه آهي ته پاڪستان کي تازو ئي اڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ طرفان هڪ هائبرڊ کان آمريت واري حڪومت ۾ تبديل ٿيندڙ حڪومت سڏيو ويو. آمريت پسندن ۽ آمريتن جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو جواب اليگزينڊر سولزينيتسن جو چيلنج آهي ته ”ڪوڙ سان جيئڻ نه کپي“. هنن سياستدانن جي هوندي هي قوم ڪوڙ سان جيئندي ۽ ڪوڙ هڻي اقتدار به بچائي هلندي، ان ڪري ته اهي ڪنهن وٽ به جوابده ناهن ۽ سمجهن ٿا ته ماڻهو انهن کي وري ووٽ ڪندا. اسان وٽ طاقتور قوتون، سرمائيدار ڌريون غريب عوام، اٻوجهھ خلق، پپيٽ سياسي اڳواڻ ۽ اشارن جا منتظر ادارا، ذاتي مفاداتي سياستدان پاڪستان جي بهتر مستقبل ۾ بنيادي رڪاوٽ بڻيل آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تازين قومي چونڊن جي پوسٽ پول جي ڌانڌلي هيل تائين جي بدترين ڌانڌلي هئي، ان ڪري اسان جي سياستدانن کي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ فورن سچ ڳالهائڻو پوندو، ته انهن ڪهڙي قسم جي ڌاندڌلي ڪئي معني ”پِري رِگِنِگ يا پوسٽ رِگِنِگ (ڌانڌلي)“ جو سمورو ملڪ هڪ ڳالهھ ٿو چئي ۽ سياستدان ٻي ڳالھه ٿا چون، معني سوشل ميڊيا کان وٺي آفيشل ميڊيا به سچ ٿي ڳالهائي، پر سياستدان پاڻ ڪوڙ ٿا هڻن، ان ڪري جو جيڪڏهن سچ ڳالهائيندا ته ڪجائي (ڪرسي) تان لهي ويندا. ان ڪري اهي پاڻ ۾ اهڙي ڪا ڳالھه نه ٿا ڪن، ڇو ته چور چور جو ساٿاري لڳو پيو آهي. اهي سمجهن ٿا ته عوام ڪجھه نٿو سمجهي، ان ڪري رياست به ان ڳالھه ۾ راضي آهي ته ويڪائو سياستدان مالڪن سان ڳجهيون ملاقاتون ڪن، صدارتي آرڊيننس جاري ڪري مالڪن جا مفاد اڳ ۾ رکن، صوبن جي مالياتي بجيٽن کي کُرُڙي کائن. مثال جيئن ڪينالن جي آرڊيننس ۾ مالڪ رياستي سياست کي انڌو ڪري ڪم ڪڍي ويا ۽ پنهنجا مفاد ٽيبل تي رکي ها ۾ ها ملائي عوام کي اوندھ ۾ رکي ڪم ڪري ويا ۽ عوام اهو ئي سورن ۾.