بلاگنئون

سنڌ جي اجرڪ واري نمبر پليٽ ۽ ايم ڪيو ايم جي نفرت واري سياست

هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۽ سنڌي ثقافتي ورثي اجرڪ خلاف سازشن جو ڄار وڇائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انهيءَ مظموم سازش ۾ سياسي توڙي پاڪستان مخالف مشهور زمانا دهشتگرد ايم ڪيو ايم کي ٻيهر ميدان ۾ لاٿو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي سياسي دور ۾ ڪراچي ۾ ٻوري بند لاشن جو سلسلو، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري، قبضا مافيا ۽ سياسي دهشتگردي عروج تي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي شهر جو امن امان مڪمل طور تباهه ٿي ويو. فيڪٽرين جا مالڪ ۽ سرمائيڪار پنهنجا ڪاروبار بند ڪري پنهنجن خاندانن سوڌو ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ ۾ ويراني نظر اچڻ لڳي ۽ گڏوگڏ بيروزگاري ۽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيندو رهيو. اڄ وري ساڳي سازش سنڌ جي دل ڪراچيءَ ۾ رٿي پئي وڃي. دنيا ۾ سياست معاشي سڌارن ۽ قومن جي ترقي لاءِ ڪئي ويندي آهي، پر افسوس پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ سياست ڦرلٽ ۽ ادارن کي تباھ ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. ايم ڪيو ايم وارا فاروق ستار، گورنر سنڌ، خالد مقبول صديقي ۽ ٻيا پاڻ کي مهاجر ڇو پيا سڏائين، اٺهتر سال گذرڻ باوجود جيڪا قوم اڃان تائين ان ملڪ ۽ سنڌ صوبي ۾ پاڻ کي اتان جو تسليم ئي نه ڪري ته انهيءَ قوم کي يا ته ملڪ بدر ڪيو وڃي يا ته انهيءَ قوم کان سياست جو مڪمل حق کسيو وڃي.

تازو ڪراچي ۾ حڪومت سنڌ فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ گاڏين جي نمبر پليٽن تي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو مونوگرام لڳائڻ ضروري قرار ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ جي گاڏي ٻين صوبن ۾ واضح طور سڃاتي وڃي. اهڙي اعلان کانپوءِ ايم ڪيو ايم جا سياسي سنڌ دشمن ڪردار ميدان ۾ اچي ويا. گورنر هائوس ۾ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جي مونوگرام ۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌين جي تعليم حاصل جي به مخالفت ڪئي. اهڙي عمل مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي جي سڪون کي برباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. جيڪا قوم اٺن ڏهاڪن کان وٺي سنڌ ڌرتي تي رهي ۽ ان ڌرتي جي ثقافتي ورثي جي مخالفت ڪري ڇا اهڙو جٿو ان ڌرتي تي رهڻ جو حق رکي سگهي ٿو، هرگز نه، اهڙو جٿو ان ڌرتي تي پنهنجو حق نٿو رکي جيڪو ان ڌرتيءَ کي تسليم ئي نٿو ڪري. جيڪڏھن هو پاڻ کي سنڌي بجاءِ مهاجر سمجهن ٿا ته اهڙي جٿي کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي ديس واپس وڃڻ گهرجي. جڏهن ته انهن کي سنڌي قوم پنهنجي جيءُ ۾ جايون ڏنيون ملڪيتن کان وٺي سياست ۾ ان جٿي کي ڀاڱي ڀائيوار بڻايو ويو، پر پوءِ به هو پاڻ کي مهاجر سڏرائين ٿا، اها انهن جي بدقسمتي چئجي يا سنڌ ڌرتي سان تعصب پرستي چئجي. پاڪستاني ادارن کي اهڙي تعصبي عمل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سنڌ کي گوڏي جو گاھ سمجهي کائڻ وارا پنهنجي نفرت ۾ ئي لوڻ پاڻي ٿي ويندا سنڌ صدين کان شاد و آباد آهي ۽ رهندي. ايم ڪيو ايم کي پنهنجي اهڙي عمل تي سنڌ ماءُ کان معافي وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي اجرڪ جو احترام ڪرڻ گهرجي. مهاجر سڏائڻ وارا هاڻي پاڻ کي سنڌي تسليم ڪن ته جيئن سنڌ جي سياسي قوت ۾ اضافو ٿئي ۽ سنڌ جي ثقافت سميت سنڌ جي حقن جي جنگ ۾ پاڻ شامل ٿي سنڌ ڌرتي سان محبت جو پيغام اعليٰ ايوانن تائين پهچائين ته جيئن سنڌ کي جديد صوبو ٺاهي سگهجي. بهرحال تعصبي ٽولي ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ موجوده دور جي نام نهاد ايم ڪيو ايم جي هڪ سياسي گروھ سنڌ ۾ گاڏين جي نمبر پليٽن تي سنڌ جي ثقافتي ورثي اجرڪ جي مونوگرام جي بشمول گورنر سنڌ، فاروق ستار، آفاق احمد، خالد مقبول صديقي ۽ ايم ڪيو ايم وڳوڙي کلم کلا مخالفت ڪري پنهنجي اصليت ظاهر ڪئي آهي، جنهن مان سنڌ دشمني ۽ سنڌين سان نفرت جي جهلڪ چٽي نظر اچي رهئي آهي. موجوده ايم ڪيو ايم پاڪستان دشمن کلمکلا ڪراچي پريس ڪلب تي نعره هنيا، پاڪستان خلاف مهم هلائڻ تي ايم ڪيو ايم ماضيءَ جا دهشتگرد انڊيا مان سکيا وٺندا رهيا هئا.

پاڪستاني ادارن جي رپورٽن مطابق ايم ڪيو ايم هڪ دهشتگرد ۽ وڳوڙي تنظيم آهي. اٺهتر سال گذرڻ باوجود به ايم ڪيو ايم جي تعصباتي سوچ ۽ نفرت جي هڪ جهلڪ سنڌ ۽ سنڌين سان دشمني جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي. ماضيءَ جي دور جي وفاقي وزير قانون فروغ نسيم قانون پاس ڪرائڻ چاهيو پئي ته جيئن پاڪستان ۾ جيڪي بنگالي ملڪيتون ڇڏي بنگلاديش ويا هئا. اهي ملڪيتون پاڪستان ۾ موجود بنگالين جون تصور ڪيون وڃن ۽ انهن ملڪيتن کي پاڪستان ۾ رهندڙ بنگالين ۾ تقسيم ڪيو وڃي. ماضي جي دور جي تعصبي وفاقي وزير قانون کي ڪو ايترو به سمجهائي نه سگهيو هو ته جڏهن بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو ته بنگالين جون ڇڏيل ملڪيتن جي وارثي بنگالين جي نه، پر صوبي ۾ موجود گهر ڌڻين جي هوندي. هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا هندو، سنڌ ڇڏي هندستان هليا ويا هئا ۽ انهن هندن جون سنڌ ۾ ڇڏيل ملڪيتون هندستان کان آيل مهاجرن جون ڪهڙي حساب سان ٿين ٿيون. پوءِ هي قانون به پاس ٿيڻ گهرجي ته اهي مال، ملڪيتون سنڌ ۾ رهندڙ هندن ۾ تقسيم ڪيون وڃن. هندستان کان لڏپلاڻ ڪري آيل مهاجرن جي لوڌ اڃان تائين پاڻ کي پاڪستاني سڏائڻ به پسند نٿي ڪري اهي اڃان تائين پنهنجي سڃاڻپ مهاجر طور ڪرائي رهيا آهن. جڏھن ته اهي فسادي تعصب پرست پاڪستان جي سياست کان وٺي مال ملڪيت ۾ برابر جا شريڪ بڻيا ويٺا آهن.

ماضي جي دور ۾ تعصبي وفاقي وزير قانون فروغ نسيم جنهن تنظيم جي پليٽ فارم تان قانون جو وفاقي وزير بڻيو هو، اها ايم ڪيو ايم قتل ۽ فساد جي بنياد تي ٺهيل هڪ بلڊنگ آهي. ايم ڪيو ايم جو باني الطاف حسين پاڪستان جي هر بين الاقوامي فورم تي مخالفت ڪندي پاڪستان خلاف ڳالهائيندو رهيو آهي. پاڪستان جي اسمبلين ۾ ويٺل محب وطن ميمبر ۽ سينيٽر هيستائين انهن سازشين خلاف ڪوبه قانون پاس نه ڪرائي سگهيا آهن. ڇا انهن محب وطن ميمبرن کان ايم ڪيو ايم جون دهشتگرد ڪارروايون، ٻوري بند لاشن جا تحفا، بلديا ٽائون فيڪٽري وارو واقعو، ٻارنهن مئي تي ڪراچي ۾ انسانن جو قتل عام، ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا وسري ويا آهن. بيروني قوتن جا ايجنٽ ايم ڪيو ايم جا غنڊا ڪراچي جي رستن تي سر عام انساني خون جي هولي کيڏندا رهيا. اڄ اهي ايم ڪيو ايم جا تعصبي حڪومت جو حصو بڻجي ملڪ ۾ تعصب پرست سوچ جي عڪاسي ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جو ٽارگيٽ صرف سنڌ ۽ سنڌي عوام آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرائي سنڌ دشمن ڪاررواين ۾ ملوث ايم ڪيو ايم ۽ ملڪ دشمن ڌارين جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي يا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پٽيشن داخل ڪري اهڙي قانون سازيءَ کي جڙ کان اکيڙي ڦٽو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن سنڌ جا باشعور خاموش ٿي وقت جو انتظار ڪندا رهندا ته هي بي ضمير ايم ڪيو ايم جا تعصبي سنڌ ۽ سنڌين جي مال ملڪيتن ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويندا. سنڌ جي قومپرستن، ساڃاھ وندن، اديبن، دانشورن، قلمڪارن کي هاڻي سجاڳ ٿي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسين اڃان به هنن کي ڊگهو رسو ڏينداسين ته يقين ڪريو اهو رسو هي اسان جي ڳچين ۾ وجهي اسان کي ٽنگڻ ۾ دير نه ڪندا.

هاڻي ته ڪراچي کان وٺي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ افغانين جا هجوم لڳا پيا آهن، ڇا وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سرڪار کي انهن غير قانوني پناهگيرن جي لوڌ نظر نٿي اچي يا انٽيليجنس جا ادارا انهن افغان پناهگيرن جي ڪڌن ڪرتوتن کان واقف نه آهن. ملڪ ۾ اسلحي جي اسمگلنگ، منشيات فروشي، هر غير قانوني ڪم ۾ افغان پناهگير ملوث هوندي به پاڪستان سرڪار خبر ناهي ڇو خاموش تماشائي بڻيل آهي. سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار ۽ نسلي تعصب ڪڏهن اختتام پذير ٿيندو. دنيا جا پٺتي پيل ملڪ تيزي سان ترقي طرف وڌي رهيا آهن. پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي به پٺتي پيل آهي، چورن، لٽيرن ملڪ جو خزانو لٽي پاڪستان کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي. نسلي تعصب، فرقا پرستي، ڪرپشن عروج تي هجڻ جي ڪري پاڪستان ڏينهون ڏينهن غير مستحڪم ٿيندو پيو وڃي.