زئنزيبار جي ريل گاڏي ۽ بُوبُوبُوءَ جا چشما
پاڻ زئنزيبار جي اهم ٻيٽ ”انگوجا“ جي ڳالهه ڪيون، جنهن تي هن ٻيٽ جو آڳاٽو شهر ”اسٽون ٽائون“ آهي. اهو اڄ به زئنزيبار جي گاديءَ جو شهر سڏجي ٿو، جيتوڻيڪ زئنزيبار هاڻ تنزانيا جو حصو آهي، جنهن جو شروع کان دارالسلام گاديءَ وارو شهر رهيو. دارالسلام اڄ به وڏي ۾ وڏو شهر آهي پر هاڻ 1996ع کان تنزانيا جي گاديءَ جو شهر دودوما (Dodoma) آهي، جيڪو ملڪ جي وچ ۾ ائين آهي، جيئن اسان وٽ ملتان. نه ته دارالسلام ملڪ جي ڇيڙي وٽ ائين هو، جيئن اسان وٽ هڪ ڇيڙي تي ڪراچي ۽ ٻئي تي چترال آهي.
زئنزيبار جي ٻن وڏن ٻيٽن مان ”انگوجا“ جيڪو عام طرح زئنزيبار ئي سڏجي ٿو ڪجهه انب جي شڪل وانگر ڊگهو آهي. اهو آفريڪا جي اڀرندي ڪناري کان 35 کن ڪلوميٽر پري آهي. يعني آفريڪا جي اڀرندي ڪناري ۽ هن ٻيٽ جي الهندي ڪناري جي وچ مان جهاز لنگهي سگهن ٿا. ٻنهي ڪنارن جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ آهي اهو ”زئنزيبار چئنل“ سڏجي ٿو. هي چئنل 120 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. هونءَ ته ٻن ڪنارن جي وچ وارو سمنڊ ماٺو رهي ٿو ۽ اهڙن هنڌن تان گذرڻ مهل اسان جهاز وارا سڪون جو ساهه کڻندا آهيون. هي چئنل 120 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ٻيو نه ته ٽي چار ڪلاڪ هندي سمنڊ يا ٻين بگڙيلَ سمنڊن کان اسان جو بچاءُ ٿيو وڃي. پرهن زئنزيبار چئنل توڙي هيٺ ڏکڻ ڏي ”موزمبق چئنل“ تي ڪو ڀروسو ناهي، جو اهي ملاڪا ڳچي سمنڊ جهڙا سوڙها نه آهن. ويڪرا هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن هي چئنل به اهڙي ئي اٿل پٿل ۾ رهن ٿا جهڙو پاسي وارو هندي وڏو سمنڊ. بلڪه منهنجي ته اهڙي قسمت رهي آهي، جو جنهن جهاز تي منهنجو هتان لنگهه ٿيو آهي ان کي موزمبق چئنل به اهڙو ملندو رهيو آهي جهڙو ڪيپ آف گڊ هوپ. تڏهن ته ماندوي شهر کان ايندڙ بوهري ڪريمجيءَ جو مال سوڌو جهاز سڄو هندي سمنڊ لتاڙي اچي زئنزيبار چئنل ۾ ٻڏي ويو. اهو ته وري به سڙهن وارو ڪاٺ جو Sailing Ship هو. هن چئنل ۾ ته هن دور جي انجڻ واري هڪ ماڊرن فيري به ٻُڏي وئي هئي جنهن جو احوال مٿي لکي چڪو آهيان.
اسان واري پاسي کان – يعني ممبئي، ڪراچي (عربي سمنڊ) کان آفريڪا جي ڪناري ڏي وڃبو ته هفتي کن کانپوءِ ممباسا يا دارالسلام بندرگاهه اچڻ کان ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ زئنزيبار ٻيٽ جو اوڀر وارو ڪنارو نظر ايندو پر اسان کي زئنزيبار ٻيٽ جي بندرگاهه اسٽون ٽائون ۾ پهچڻ لاءِ زئنزيبار ٻيٽ جي هيٺيان يا مٿان ڦري زئنزيبار چئنل ۾ اچڻو پوندو جو اسٽون ٽائون زئنزيبار چئنل ۾ زئنزيبار ٻيٽ جي اولهه ڪناري تي آهي.
زئنزيبار ٻيٽ جو هي حصو ”اسٽون ٽائون“ جتي شروع کان قدرتي بندرگاهه هو ۽ شروع کان آيل شروعاتي ماڻهن جي رهائش ٿي، باقي ٻيٽ جي ليول کان مٿاهون حصو آهي. سلطانن ۽ ان کان اڳ جي حاڪمن ۽ يورپين ۽ امير عربن، ايرانين ۽ انڊين جا محل محلات، بنگلا، واپاري ڪوٺيون، باغ بستان سڀ اسٽون ٽائون ۾ آهن. هاڻ مڙيئي بحريا ٽائون يا ڊفينس سٽي وانگر ڀر ۾ نئين شهر جي به اڏاوت ٿي آهي، جيئن ته Ngambo شهر، جيڪو ڪافي اندر، ٻيٽ تي هليو وڃي، جيئن بحريا ٽائون دادو ۽ ڄامشوري ضلعي اندر گهڙي ويو آهي.
بُوبُوبُو (Bububu) شهر جو نالو وٺڻ پڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪو ”اسٽون ٽائون“ شهر کان ڏهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هي شهر ڪارخانن ۽ فئڪٽرين کان علاوه سامونڊي تانگهن ڪنارن (Beaches) کان به مشهور آهي. يورپ جي ٿڌن ملڪن جا ٽوئرسٽ هميشه هن پاسي جو رخ ڪن ٿا، جو هو سامونڊي ڪنارن تي ليٽڻ ۽ ترڻ چاهين ٿا. هتي جو ڪناري وارو سمنڊ اسان جي ڪلفٽن ۽ هاڪس بي وانگر خطرناڪ ناهي، جيڪو ماڻهن کي ڇڪيو وڃي يا پيرن هيٺيان ريتي ڪڍيو ڇڏي ۽ نه وري ڪو گدلو آهي. سمنڊ ۾ ڪچري اڇلڻ تي حڪومت جي سختي هڪ طرف آهي ته ٻئي طرف سامونڊي ڪنارن کي صاف سٿرو رکڻ جو بندوبست آهي. تڏهن ته اسان جهڙن کي هتي اچي ٿڌا شوڪارا ڀرڻا پون ٿا ته ”مار! آفريڪا جا شيدي به اسان کان سڌري ويا!“ اسان جا ماڻهو سمنڊ جي ڪناري تي بيهي گند ڪچرو ڦٽو هڪ طرف ڪن ٿا ته ٻئي طرف شهر جي ميونسپالٽيءَ شهر جي گٽر سسٽم کي سمنڊ حوالي ڪريو ڇڏيو! اهڙو ظلم ته ممبئي، مدراس، ڪلڪتي ۽ چٽگانگ ۾ به نظر نه ايندو.
بوبوبو ڳوٺ جو ذڪر ڪندي اهو به ٻڌائيندو هلان ته 1905ع ۾ هڪ آمريڪن ڪمپنيءَ عرب قلعي يعني اولڊ فورٽ (اسٽون ٽائون جي علائقي) کان 36 انچ گيج واري ريل گاڏي بُوبُوبُو ڳوٺ تائين هلائي هئي، جيڪا سڄو رستو سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلي ٿي. يعني هن جي هڪ پاسي سمنڊ جون ڇوليون ۽ ايندڙ ويندڙ جهازن ۽ ٻيڙين جو نظارو هو ته ٻئي طرف زئنزيبار ٻيٽ جا نظارا… کيت، فصل، گهر دڪان ۽ مينهوڳيءَ واري موسم. هن ٽرين ۾ مقامي ماڻهن سفر ڪيو ٿي. بعد ۾ هن سان گڏ هڪ فرسٽ ڪلاس ڪوچ انهن ٽوئرسٽن لاءِ شامل ڪيو ويو، جيڪي اسٽيمر ذريعي زئنزيبار گهمڻ آيا ٿي. اهي ان ڪوچ ۾ آرام سان ويهي ملڪ جي ٻهراڙي ۽ سمنڊ جو ديدار ڪري سگهيا ٿي ۽ هنن جي ڳري ٽڪيٽ مان حڪومت جي ڪمائي به ٿي ٿي.
بعد ۾ روڊ رستن وڌڻ ۽ ڪارن جي اچڻ ڪري ريل ۾ سوار ٿيڻ گهٽجي ويو. اها ريل 1928ع ۾ بند ڪئي وئي پر اسٽون ٽائون کان بس ذريعي بُوبُوبُو ڳوٺ ويندڙ اڄ به اهي ريل جا پٽا ۽ پليون ڏسي سگهجن ٿيون جو بُوبُوبُو ڏي ويندڙ هي نئون روڊ ريلوي لائين جي بلڪل سڌائيءَ ۾ ٺاهيو ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته ان لائين مٿان آهي. هتي هڪ دلچسپ ڳالهه لکندو هلان ته سڄي اوڀر آفريڪا ۾ يعني ڪينيا، موزمبق، يوگنڊا، مالاوي، سوماليه وغيره ۾ زئنزيبار پهريون ملڪ آهي، جتي ٻاڦ گاڏي هلڻ شروع ٿي. مٿين بُوبُوبُو شهر تائين هلڻ واري ريل گاڏيءَ کان 25 سال کن اڳ، زئنزيبار جي ٻئي سلطان برغش بن سعيد (جنهن زئنزيبار تي 1870ع کان 1888ع مرڻ تائين حڪومت ڪئي)، 1879ع ۾ پنهنجي اسٽون ٽائون واري محلات کان چُڪواني (Chukwani) تائين ست ميل ريلوي لائين وڇرائي، ٻن گاڏن واري ريل پڻ هلرائي. هن ريل گاڏيءَ کي شروع شروع ۾ ٻه خچر ڇڪيندا هئا، پوءِ 1881ع ۾ سلطان برغش انگلينڊ جي Bagnall ڪمپنيءَ کان ٻاڦ تي هلندڙ (Locomotive) انجڻ گهرائي، خچرن کي فارغ ڪيو.
پڙهندرن جي دلچسپيءَ لاءِ اِهو به لکندو هلان، ته جن ڏينهن ۾ سلطان ”برغش بن سعيد“ زئنزيبار ۾ 1880ع واري ڏهاڪي ۾ هيءَ ٽرين هلائي، انهيءَ ڏهاڪي ۾ 1885ع ۾، ڪراچي شهر ۾، صدر کان ڪياماڙيءَ تائين ٽرام هلڻ شروع ٿي هئي، جنهن ۾ 46 ماڻهو ويهي سگهيا ٿي. هن کي شروع وارا ويهه سال کن گهوڙن ڇڪيو ٿي. بعد ۾ 1905ع ۾ اهي ٽرامون پيٽرول انجڻ تي هلڻ لڳيون ۽ 40 سالن بعد 1945ع کان هڪ هڪ ٿي اهي ڊيزل انجڻ تي هلڻ واريون ٿيون. مٿين روٽ کان علاوه اهي سولجر بازار کان چاڪيواڙي تائين به هلڻ لڳيون. 1969ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سرڪيولر ريل گاڏي شروع ٿيڻ تي مسافرن ۽ مالڪن جي ٽرامن ۾ دلچسپي گهٽجڻ لڳي ۽ 1975ع ۾ هي بلڪل بندٿي ويون. هونءَ جيستائين سنڌ ۽ پنجاب ۾ ريل گاڏي هلڻ جو سوال آهي ته اها ريل زئنزيبار جي هن سلطان واري ريل گاڏيءَ کان ڏهه سال کن اڳ 1870ع ڌاري شروع ٿي وئي هئي.
سلطان برغش بن سعيد جي هيءَ ٻن دٻن واري ست ميل هلندڙ ريل گاڏي گهڻو وقت نه هلي سگهي. 1888ع ۾ سلطان جي وفات بعد هن ريل جو حال اهو ڪيو ويو، جيڪو اسان وٽ ٽنڊو آدم کان پڊعيدن هلندڙ ريل جو ڪيو ويو. ماڻهن زمين تي قبضو ڪري ريل جا پٽا ۽ سليپر به وڪڻي ڇڏيا.
زئنزيبار جي هن ڳوٺ بُوبُوبُو جي هڪ ٻي اها ڳالهه ته هتي مٺي پاڻيءَ جا چشما جام آهن. سڄي اسٽون ٽائون شهر کي هنن چشمن مان پاڻي سپلاءِ ڪيو وڃي ٿو.