بلاگنئون

ٻيلا، زمين جا زيور ۽ ماحول جا محافظ

وسيع الدين جوڻيجو

ٻيلا  اسان جي ڌرتيءَ تي سڀ کان اهم وسيلن جي حيثيت رکن ٿا. ڪنھن به ملڪ لاءِ اھي نه صرف معاشي حيثيت جا حامل آھن، پر ان سان گڏ اھي ماحولياتي گدلاڻ کي گھٽ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻيلن ۾ موجود وڻ ھوا کي صاف ڪن ٿا، مختلف قسم جي حياتيات کي محفوظ ڪن ٿا، جھنگلي جيوت جي حفاظت ڪن ٿا ۽ زمين کي بنجر ۽ ريگستان ٿيڻ کان روڪين ٿا. ان کانسواءِ اھي وڻ فضا ۾ موجود ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪري آڪسيجن خارج ڪري حياتيات کي جيئڻ جو وسيلو فراهم ڪن ٿا. ھڪ محتاط اندازي موجب ھڪ وڻ عمر، جنس ۽ سائيز مطابق ساليانو 20 کان 50 ڪلو گرام ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري ٿو ۽ 45 کان 90 ڪلو گرام آڪسيجن پيدا ڪري ٿو. ٻيلن لاءِ اھو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته “صاف ماحول ڏانھن وڃڻ جا رستا ٻيلن منجھان لنگھن ٿا.” يا ايئن چئجي ته ٻيلا زمين جا ڦڦڙ آهن، جيڪي کيس صاف هوا فراهم ڪن ٿا.

سنڌ ۾ موجود ٻيلن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي. ھڪ کي “پيداواري ٻيلا” ۽ ٻئي کي “حفاظتي ٻيلا” سڏيو وڃي ٿو. پيداواري ٻيلن ۾ دريائي ۽ نھري ٻيلا  اچي وڃن ٿا جڏھن ته باراني ۽ تمر جا ٻيلا حفاظتي ٻيلن جي ذمري ۾ اچي وڃن ٿا. دريائي ٻيلا ۽ تمر جا ٻيلا دريائي پاڻيءَ تي آباد ٿين ٿا، نھري ٻيلن جي پوک ايريگيشن سسٽم تحت واھن ۽ ڪينالن ذريعي ٿئي ٿي، جڏھن ته باراني ٻيلن جو دارومدار برساتن تي ٿئي ٿو. سنڌ جي ٻيلي کاتي جي ويب سائيٽ مطابق مجموعي طور سنڌ ۾ ايراضيءَ جي حساب سان 9.83 سيڪڙو ٻيلا موجود آهن، جن ۾ دريائي ٻيلا 1.71 سيڪڙو، نھري ٻيلا 0.58 سيڪڙو، باراني ٻيلا 3.24 سيڪڙو ۽ تمر جا ٻيلا 4.30 سيڪڙو آھن. ماحولياتي ماھرن موجب گرمي پد کي قابو ۾ رکڻ لاءِ ڪنھن به علائقي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 25 سيڪڙو ٻيلا ھجڻ ضروري آھن. موسمياتي تبديلين ۽ انساني سرگرمين سنڌ جي ٻيلن کي تمام گھڻو ڇيھو رسايو آھي. ڪجھه ڏھاڪا اڳ جڏھن دادو مورو پل، سکر بيراج ۽ ٻين اھڙن ماڳن تي بيھڻ جو موقعو ملندو ھو ته سنڌوءَ جي ٻنهي ڪپن تي تمام گھاٽا ٻيلا نظر ايندا ھئا. اھي ٻيلا ايترا ته گھاٽا ھوندا ھئا جو سج جي روشني به انھن جي اندر گھٽ پھچندي ھئي، پر ٻارڻ، تعميرات ۽ ٻين ڪمن لاءِ انھن جي بيدرديءَ سان واڍي ڪئي وئي جڏهن ٻيلا وڍيا ويا ته وري نوان وڻ نه پوکيا ويا. ڪچي جي علائقن ۾ امن و امان جي خراب صورتحال ۽ زمينن تي ناجائز قبضن ڪرڻ لاءِ پڻ ھنن ٻيلن کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو. آباديءَ ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ واڌ جي ڪري ھنن ٻيلن کي ڪٽي، زمين، اناج پوکڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي. سڀ کان وڏو الميو اھو ٿيو جو موسمياتي تبديليءَ وگھي گھٽ برساتون پوڻ ڪري درياءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ٿيڻ ۽ درياءَ ۾ ايندڙ پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ سبب  شينھن درياءَ ريگستان جو ڏيک ڏيڻ لڳو. ان کان علاوه سنڌو نديءَ تي ڊيمن، پلين ۽ بيراجن جي تعمير پڻ درياءَ ۾ پاڻيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون. اھوئي سبب آھي جو ھاڻي مٿي ذڪر ڪيل ماڳن تي ٻيلا نظر نٿا اچن. دريائي ۽ نھري ٻيلن ۾ ٽالھي، ڪنڊي، ٻٻر، نم ۽ اھڙا ٻيا مقامي وڻ پوکيا ويندا آھن، جيڪي هاڻي نظر نٿا اچن. تيزيءَ سان وڌندڙ وڻ جھڙوڪ: سفيدو ۽ ڪونو ڪارپس پڻ ڪجھه وقت لاءِ  مقبول ٿيا، پر اھي وڻ ھتان جي ماحولياتي نظام سان ھم آھنگ نه ٿي سگھيا. ٻيلن جي ختم ٿيڻ سبب جتي ماحول کي گرمي پد وڌڻ، گرين ھائوس گئسن ۾ واڌ ۽ ٻيا تمام گهڻا خطره لاحق آھن اتي جھنگلي جيوت پڻ ان کان متاثر ٿي رھيو آھي. تتر، طوطا، ماکيءَ جي مک، نانگ ۽ ٻيا جھنگلي جيوت خطري ھيٺ اچي ويا آھن. ايئن کڻي چئجي ته ٻيلي جي معاشيات جنهن ۾ ٻيلن منجھان حاصل ٿيندڙ ماکي، کؤنر، لاک جھڙيون شيون ھاڻي اڻلڀ ٿينديون پيون وڃن. تمر جي ٻيلن کي نه صرف درياءَ جي پاڻيءَ جي گھٽتائيءَ سبب نقصان پھتو آهي، پر ڪراچيءَ ۾ موجود صنعتن جي گدلي پاڻيءَ پڻ ھنن کي نقصان پھچائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي.

گلوبل فاريسٽ واچ جي ويب سائيٽ مطابق 2001 کان 2024 تائين سنڌ ۾53 سيڪڙو ٻيلا ختم ٿي ويا آهن. سنڌ حڪومت ٻيلن جي بحالي ۽ وڻڪاريءَ متعلق وڏيون دعوائون ته ڪري پئي، پر ڏسڻو اھو آھي ته ھن مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ کيس ڪيتري ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو وڻ پوکڻ تمام سولو ڪم آھي، پر انهن جي سارسنڀال لھڻ تمام گھڻو محنت طلب ڪم آهي. وقت تي پاڻي ڏيڻ، ڀاڻ ڏيڻ، گُڏ ڪرڻ،کِرن جي صفائي رکڻ لاءِ تمام گھڻن وسيلن جي ضرورت ھوندي آھي. مطلب ته ٻوٽن جي پرورش ھڪ ٻار جيان ڪرڻي پوندي آھي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ٻيلو کاتو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، ماڻهو اتان پگهارون کڻن پيا، پر ٻيلن جي واڍيءَ کي روڪي ٻيلن جي ايراضيءَ کي وڌائڻ جيڪو انهن جو اصل ڪم آهي اهو سرانجام ڏيندي اهو کاتو نظر نٿو اچي. ضروري آهي ته ان ٻيلي کاتي جي تحقيقاتي رپورٽ جاري ڪئي وڃي.

دنيا ۾ اڄڪلھه وڻن جي پوک ۽ ٻيلن کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ سماجي ٻيلن جي پوک تي توجهه ڏني پئي وڃي. سماجي ٻيلن مان مراد آھي ته اھي ٻيلا جيڪي رياستي زمينن تي نه، پر مالڪاڻين غير آباد ۽ بنجر زمينن تي لڳايا وڃن ۽ انھن مان حاصل ٿيندڙ ڪاٺي علائقي جي ٻارڻ ۽ ٻين ضرورتن جو پورائو ڪري. اصول اهو هجڻ گهرجي ته جڏهن هڪ وڻ ڪٽجي ٿو ته ان جي جاءِ تي ٻه وڻ لڳائڻ گهرجن.