سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب اهڙين عظيم شخصيتن سان ڀرپور آهي، جن پنهنجي علم، فڪر ۽ خدمتن سان نه صرف پنهنجي علائقي، پر سڄي ملڪ جي فڪر ۽ مستقبل کي سنواريو. انهن جي قربانين ۽ جدوجهد جي ڪري ئي اڄ اسين هڪ فڪري ۽ ثقافتي سڃاڻپ سان جي رهيا آهيون. يقينن ميلن ۽ ورسين ملهائڻ، انهن شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ عوام کي گڏ ڪرڻ هڪ بهترين روايت آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن موقعن تي اسڪول بند ڪرڻ واقعي مناسب عمل آهي؟
بدين ضلعي ۾ هر سال 12 فيبروري تي خان بهادر مير غلام محمد ٽالپر صاحب جي ورسي ملهائي ويندي آهي ۽ ان ڏينهن اسڪولن کي بند رکڻ روايت بڻجي وئي آهي. اها ڳالهه ڪيترن ماڻهن جي سمجهه ۾ نٿي اچي. مير غلام محمد ٽالپر، جنهن انگريزن جي دور ۾ ٽنڊو باگو ۾ اسڪول قائم ڪيو، شاگردن لاءِ هاسٽل ٺهرائي، پري پري کان ايندڙ شاگردن جي رهائش ۽ تعليم تي وڏو خرچ برداشت ڪيو، اڄ ان جي ورسي تي اسان اسڪول بند ڪري سندس خدمتن کي ياد ڪريون ٿا! اهو ته ڄڻ ابتو عمل آهي، جنهن بزرگ جو سڀ کان وڏو خواب تعليم کي عام ڪرڻ هو، ان جي نالي تي ئي تعليم جا در بند ڪرڻ ڪيڏو نه عجيب تضاد آهي. ايئن ٿو لڳي ته اسين سندن ياد ۾ جڏهن اسڪول بند ڪريون ٿا ته هڪ شعوري ڪوشش ڪريون ٿا اهڙن ماڻهن کي ياد نه ڪيو وڃي، ايندڙ نسلن کي سندن بابت ڳالهائڻ جو موقعو نه ملي ۽ موڪل ڪري کين وسارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
اهڙي صورتحال صرف بدين تائين محدود ناهي. ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ بلڙي شاهه ڪريم جي ميلي تي به اسڪولن جي موڪل ڏني ويندي آهي. ساڳي طرح قائداعظم، علامه اقبال، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين قومي اڳواڻن جي ڏهاڙن تي به عام رواجي طور اسڪول بند ڪيا ويندا آهن، پر حقيقت ۾ انهن ڏينهن تي اسڪولن کي کليل هجڻ گهرجي ۽ خاص غير نصابي سرگرمين جو انتظام ٿيڻ گهرجي، انهن شخصيتن بابت علمي ۽ ادبي مذاڪرا ڪرائڻ گهرجن، شاگردن جي لاءِ تقريرن جو مقابلو ڪرائڻ گهرجي ته جيئن شاگردن کي انهن شخصيتن جي زندگي، فڪر ۽ جدوجهد بابت آگاهي ملي سگهي. جيڪڏهن اسين واقعي ئي انهن عظيم شخصيتن کي ياد رکڻ چاهيون ٿا ته موڪل ڪرڻ بدران اسڪولن ۾ خاص ڪلاسن، تقريرن، مباحثن، ڊرامن ۽ تصويري نمائش جو اهتمام ڪرڻ گهرجي. اهڙيون سرگرميون نه صرف شاگردن ۾ دلچسپي پيدا ڪنديون، پر انهن جي شعور ۽ فڪر ۾ پڻ اضافو آڻينديون. ٻي صورت ۾ رڳو موڪل ڪرڻ سان شاگردن لاءِ اهو ڏينهن رڳو آرام ۽ کيڏي گذارڻ جو وسيلو بڻجي ويندو ۽ شخصيت جو پيغام ايندڙ نسلن تائين تسلسل سان رسي نه سگهندو.
ياد رکڻ گهرجي ته تاريخ جي عظيم شخصيتن کي زنده رکڻ جو بهترين طريقو انهن جي خدمتن ۽ فڪر کي ايندڙ نسلن تائين هر سال اسڪولن ۾ سرگرمين ذريعي پهچائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسين تعليم جا در بند ڪري ڇڏينداسين ته اهو ڄڻ سندن خوابن جي توهين ڪرڻ برابر ٿيندو. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون هن اهم معاملي کي سنجيدگيءَ سان سمجهن ۽ اهڙي پاليسي اختيار ڪن جنهن تحت ميلن ۽ ورسين تي اسڪول کلن ۽ انهن ڏينهن کي علمي ۽ تعليمي حوالي سان اهم بڻايو وڃي. شايد اها ئي اها “چڱي شروعات” هوندي، جيڪا نه صرف اسان جي تعليمي روايت کي مضبوط ڪندي، پر اسان جي عظيم اڳواڻن جي فڪر کي به زنده رکندي.