بلاگنئون

معاشي بدحالي، يونان جو زوال ۽ پاڪستان

ڇا ڪڏهن اوهان ڳوڙهائي سان اهو سوچيو آهي ته هڪ اهڙو معاشرو، جنهن ۾ انسانيت، اخلاق ۽ انصاف جا بنياد مضبوط هئڻ کپن. هوريان هوريان ڇو پٽڙي تان لهي وڃي ٿو؟ اهو انسان جيڪو فطري طور تي عقل ۽ شعور سان مالامال آهي. اوچتو پنهنجن اخلاقي اصولن کان ڇو منهن موڙي ڇڏي ٿو؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي نه صرف تاريخ جي صفحن تي بار بار اڀري اچن ٿا، پر اهي اسان جي موجوده معاشرتي ڍانچي جي حقيقت کي به پڌرو ڪن ٿا. مغربي فلسفي جي ممتاز فلاسافر جان لاڪ چيو هو: “انسان جي فطرت هڪ خالي سليٽ جيان هوندي آهي، جنهن تي ماحول جيڪي چاهي لکي ڇڏي ٿو.” يعني انسان جي فطرت جي جڙڻ تي معاشري ۽ ماحول جو وڏو اثر پوي ٿو، جهڙو ارد گرد جو ماحول ۽ معاشرو هوندو ان معاشري جهڙا ئي انسان پيدا ٿيندا. جيڪڏهن ماحول بهتر هجي ته انسان به بهتر بڻجي وڃي ٿو، ليڪن جيڪڏهن ماحول ۾ بدعنواني، ظلم يا ڏاڍ هجي ته انسان به انهن منفي خاصيتن کي اپنائي ڇڏي ٿو. ان قسم جو نظريو اسان کي اهو سمجهائي ٿو ته اسان جو ڪردار سڌو سنئون اسان جي آسپاس جي ماحول کان متاثر ٿئي ٿو، جڏهن ماحول ۾ خرابي اچي وڃي ته انسان به خراب ٿي وڃي ٿو. اسان کي تاريخ جي ڳوڙهي خانداني ۽ ثقافتي تجربن کان سبق حاصل ڪرڻ کپي.

قديم يونان ۾ ايٿنز جي زوال جي دوران ٿيوسي ڊيڊيز چيو هو: “جڏهن معاشري ۾ خوف ۽ عدم تحفظ پيدا ٿي وڃي ته انسان بگهڙ بڻجي وڃن ٿا.” اڄ اسان جي معاشري ۾ به اهوئي خوف آهي، بي آرامي ۽ عدم تحفظ ڏيک ڏئي ٿو، جيڪو ايٿنز جي زوال جو سبب بڻيو هو. پاڪستان ۾ به معاشي استحڪام، سياسي بي اعتمادي ۽ ڪمزوري جو احساس وڌي رهيو آهي، جنهن جي ڪري فرد هڪ ٻئي کي پنهنجو دشمن سمجهڻ لڳن ٿا، اهو هڪ اهڙو ماحول آهي، جيڪو اسان جي روحاني، ذهني ۽ جسماني قوتن کي ختم ڪري ٿو ۽ اسان پنهنجن اخلاقي ۽ انساني اصولن کان منهن موڙي ڇڏيون ٿا. پاڪستاني معاشرو به ان حقيقت کان اڻواقف آهي، هتي تاريخ جي ڪيترين ئي غلطين کي بار بار ورجايو ويو آهي. بدعنواني، بي انصافي ۽ عوامي حقن جي لتاڙ جهڙا مسئلا سدائين کان اسان جي سماجي ڍانچي جو حصو رهيا آهن. اسان اهو تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهيون ته اسان کي پنهنجي اندر جي سڌاري جي اشد ضرورت آهي. اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته جيستائين اسان پنهنجي ضمير کي بيدار نه ڪنداسين، تيستائين معاشرتي تبديلي ممڪن ناهي، صرف حڪمرانن کي قصوروار ڪري اسان پنهنجين ذميوارين کان ڇوٽڪارو حاصل نٿا ڪري سگهون. جيئن جان اسٽورٽ مل چيو هو: “جيستائين ماڻهو پنهنجن حقن جي لاءِ آواز نه اٿاريندا تيستائين معاشرو ڪڏهن ترقي نٿو ڪري سگهي.” جيڪڏهن اسان پنهنجين ذميوارين کي سمجهي ڪري انهن تي عمل نه ڪنداسين ته اسان جو معاشرو ڪڏهن به  بهتر نٿو ٿي سگهي.”

تاريخ اسان کي اهو سيکاري ٿي ته معاشرتي ترقي جي لاءِ ٽي بنيادي ٿنڀا ضروري آهن. انصاف، تعليم ۽ اخلاقي قيادت، جيستائين اهي ٽئي شيون مضبوط نه هجن. معاشرو ڪڏهن به درست رستي تي نٿو هلي سگهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جي پاڪستان ۾ انهن ٽنهي منجهان هرهڪ جو فقدان نظر اچي ٿو. جيڪڏهن اسان جي انصاف واري نظام ۾ ڪمزوري هجي. جيڪڏهن اسان جا تعليمي ادارا صرف امتحانن تائين محدود هجن ۽ اسان جي قيادت اخلاقي پستي جو شڪار هجي ته اهو معاشرو ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي.

اسان جون حالتون ڪيئن بهتر ٿي سگهن ٿيون؟:

معاشرتي زوال جي موجوده حالت ۾ اسان کي هڪ نئون رستو ڏيکارڻو پوندو. اها حقيقت تسليم ڪندي ته تاريخ ۾ سدائين معاشرتي بگاڙ جا ذميوار اسان پاڻ هوندا آهيون. اهو به تسليم ڪرڻ ضروري آهي ته اسان پنهنجن مسئلن جو حل به پاڻ ئي ڪڍي سگهون ٿا. تاريخ ۾ اهڙي وقت اچڻ تي جڏهن قومن پنهنجي زوال کي تسليم ڪندي وڏي تبديلي آندي ۽ اهوئي اهڙو پل آهي جڏهن پاڪستان جهڙي معاشرتي، سياسي ۽ اقتصادي بحرانن ۾ وڪوڙيل قوم کي پنهنجو مستقبل بدلائڻ جي ضرورت آهي.

(1)ذاتي ڪردار جو سڌارو: سڀ کان پهرين قدم تي فرد جو ذاتي سڌارو آهي. اها قوم جيڪا پنهنجي بنياد کان مضبوط هجي، اهوئي معاشرو عظمت ڏانهن وڌي ٿو. اسان کي پنهنجي روزاني زندگي ۾ ايمانداري، سچائي ۽ انصاف جي بنياد تي فيصلا ڪرڻا پوندا. بدعنواني، رشوت ۽ ٻين براين جو حصو بنجڻ جي بجاءِ اسان کي پنهنجين روزاني وارين غلطين کان بچڻو پوندو. جيڪڏهن هر فرد پنهنجي ذاتي ڪردار ۾ سڌارو آڻيندو ته اها تبديلي سموري معاشري ۾ پکڙجي ويندي. اسان جيتري وڏي تبديلي جي اميد رکون ٿا. اوتري ئي پنهنجي ذاتي سڌاري جي ضرورت آهي. ڇو ته سوسائٽي جي هڪ فرد جي ڪردار ۾ تبديلي سان سموري معاشري ۾ تبديلي اچي ٿي.

(2)تعليم جو جديد ۽ بهتر نظام: اسان جي معاشرتي ڍانچي جي سڀ کان وڏي ڪمزوري جديد تعليم جو فقدان آهي، جديد تعليم صرف  اسڪولن ۽ يونيورسٽين تائين محدود نه هئڻ گهرجي، بلڪه هڪ مڪمل سسٽم جي ضرورت آهي، جيڪو ٻارڙن کي اخلاقي تربيت، دنياوي قابليتون ۽ تهذيبي قدرن کي واڌ ڏئي. جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارڙن کي صرف ڪتابي علم ڏينداسين ۽ انهن جي اخلاقي تربيت تي ڌيان نه ڏينداسين ته اسين هڪ خود غرض ۽ بيڪار نسل تيار ڪنداسين. اسان کي اهڙو تعليي ماحول بنائڻو پوندو جيڪو فرد جي شخصيت ۽ معاشرتي ذميوارين کي سمجهڻ جي بنياد تي تيار هجي، تعليم مان مراد صرف سرڪاري ۽ نجي ادارن تائين محدود ناهي، بلڪه اهو سموري نظام جي تبديلي ڏانهن هڪ وک هجڻ گهرجي.

(3) انصاف جو مضبوط نظام: پاڪستان ۾ انصاف جو نظام هميشه ڪمزور رهيو آهي ۽ اهو هڪ تاريخي الميو رهيو آهي. انصاف جو نظام معاشرتي امن ۽ سڪون جي ضمانت هوندو آهي ۽ ان جو طاقتور هئڻ هر سطح تي ضروري آهي. جيستائين اسان انصاف کي غير جانبدار ۽ مضبوط نٿا بڻايون، تيستائين اسان ڪنهن به معاشرتي ۽ اقتصادي ترقي جا خواب ئي نٿا ڏسي سگهون، انصاف جو رستو اهو رستو آهي جيڪو معاشرتي جهڳڙن، ڪرپشن ۽ ظلم جي خلاف وڙهندو آهي ۽ هر فرد کي برابر جا حق ڏئي ٿو. اسان کي پنهنجي عدالتي نظام کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ عوام ۾ انصاف جي حوالي سان شعور بيدار ڪرڻو پوندو.

(4) اخلاقي قيادت جو فقدان: جيستائين اسان جا اڳواڻ پنهنجي اخلاقي ڪردار ۾ ڪمزوري جو شڪار آهن، تيستائين معاشرو ڪڏهن به حقيقي ترقي نٿو ڪري سگهي. قومن جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته انهن جي قيادت ۾ ايمانداري، ديانتداري ۽ عوامي خدمت جو جذبو هجي. جيڪڏهن اسان جا اڳواڻ پنهنجن ذاتي مفادن کي اهميت ڏين ٿا ته اهي ملڪ جي لاءِ ڪڏهن به فائديمند نٿا ٿي سگهن. اسان کي اهڙي قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا عوام جي حقن کي پهرين ترجيح ڏئي ۽ جيڪو ٻين جي لاءِ قرباني ڏيڻ جي سگھه رکندو هجي.

(5) عوامي ذميواری ۽ گڏيل عمل: ياد رکو معاشرتي تبديلي صرف حڪمرانن جي نه، پر عوام جي به ذميواري آهي، اسان کي پنهنجن حقن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻو پوندو. اسان کي پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌڻو پوندو ۽ اسان منجهان هر فرد کي اهو يقين ڪرڻو پوندو ته هو تبديلي جو حصو بڻجي سگهي ٿو. اسان کي پنهنجي گڏيل عمل کي بهتر بنائڻ جي لاءِ هر سطح تي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

(6) قوم جي ذهني بيداري ۽ قومي شعور جي واڌ: تاريخ جي تجربن کان اهو ثابت ٿئي ٿو ته قومن جي ترقي جو راز قومي شعور ۾ لڪل هوندو آهي، اسان کي پنهنجي عوام ۾ هڪ نئون عزم ۽ حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو ته جيئن هو پنهنجين ذميوارين کي سمجهي ۽ پنهنجي وطن جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ هردم تيار هجن، اهو قومي شعور ئي آهي جيڪو عوام کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ٿو ۽ اهي گڏجي ڪري پنهنجا مسئلا حل ڪن ٿا. اڄ اسان کي هن ڳالھه جو پڪو عزم ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجين ذاتي زندگين ۾ سڌارو آڻينداسين، پنهنجي معاشرتي نظام ۾ انصاف، تعليم ۽ اخلاقي قيادت کي واڌارو ڏينداسين ۽ پنهنجن معاشي مسئلن جو حل پاڻ تلاش ڪنداسين. پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، پر اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان پنهنجين غلطين کان سکي ڪري اڳتي وڌون ۽ هڪ نئين دور جو بنياد رکون، اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته جيستائين هر فرد پنهنجي ڪم ۾ سچو نٿو ٿئي تيستائين معاشرتي تبديلي هڪ ڏينهن وارو خواب ئي رهندو.

ڇا اوهان انهيءَ تبديلي جو حصو بڻجندو يا پوءِ اوهان به تاريخ جي انهن ماڻهن جيان خاموش تماشائي بڻجي ڪري رهجي ويندو جيڪي پنهنجي معاشرتي زوال جو نظارو ڪن ٿا ۽ ٻيو ڪجهه نٿا ڪن؟ جواب اوهان جي ضمير ۾ لڪل آهي.