ڪو دور هو جو سنڌ جون اوطاقون هڪ گهر جي مثل هونديون هيون ۽ سنڌي ماڻهو واهڻ وستي ۾ شام کان وٺي آڌي رات تائين قرب ڀريون ڪچهريون ڪري هڪٻئي جي حال احوال کان واقفيت ڏيندا ۽ وٺندا هئا. سندن پيار ۽ پاٻوهه ڏسي هرڪو سندن اڱڻ تي ڪهي ايندو هو ۽ خوب مهمان نوازي ڪندا هئا، پوءِ اچانڪ اهڙو واءُ گهليو جو اهي اوطاقون ويران ٿي ويون محبت وارو پنڇي الائي ڪيڏانهن اڏامي ويو ۽ هرڪو پنهنجي پاڻ کي تنها سمجهڻ لڳو ۽ سنڌ جا دشمن اسان جي وسيلن تي قابض ٿيندا ويا ايتري تائين جو سنڌي قوم کي ڪيترين ئي قومپرست ۽ ذات پرست گروهن جماعتن ۽ سياسي پارٽين ۾ ورهائي اتحاد کي ختم ڪري ڇڏيو، پر چوندا آهن ته اصل وري به اصل هوندو آهي. هو ڪڏهن به پنهنجي رت جو پلٽو کائي سگهي ٿو، ڇو ته “رت دانگيءَ تي به ورندو آهي” سو اچانڪ سامراج طرفان سنڌو درياءَ تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌو درياءَ جيڪو دنيا جي دريائن مان قديمي درياءَ آھي ۽ پنج هزار سالن کان سنڌ جي جاگير رهيو آهي ان مٿان پنجاب پاران ڌاڙو هڻي ڇهه ڪئنال ڪڍي چولستان جو ريگستان آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اهي دليل ڏنا ويا ته پنجاب وڏو صوبو آهي انڪري گهڻو پاڻي کڻڻ سندس حق آهي. جڏهن ته پنجاب پنهنجو پاڻي انڊيا کي وڪرو ڪري ٻين جي پاڻيءَ تي قابض ٿي رهيو آهي.
تازو چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي ناجائز ڪئنالن جو منصوبو ٺاهيو جنهن تي قومپرست ڌرين آواز اٿاريو ۽ آهستي آهستي اهو آواز سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ پهچڻ لڳو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ اگهور ننڊ ۾ ستل سنڌي قوم ڇرڪ ڏيئي بيدار ٿي عملي جدوجهد ۾ لهي پئي ۽ بنا ڪنهن رهنما جي پنهنجي سر پاڻ “ڪئنال سمورا نامنظور” چئي پنهنجي ٻچن ٻارن ننڍن وڏن مردن توڙي عورتن سميت نڪري پيا ۽ پنجاب جي پليت حڪمرانن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي پيا، اهو جذبو ڏسي ڪراچي ۽ لياري بار جا وڪيل سرگرم ٿي ڊنل ۽ ستل قوم کي حوصلو ۽ همت ڏيڻ لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ته هر ماڻهو سندن ان قدم کي دل سان ساراهيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڀ قوم پرست مذهبي سياسي ۽ سماجي جماعتن سميت انجمنن ۽ ذاتين جي بنياد تي ٺهيل اتحادن سندن ڌرڻي ۾ نه رڳو ڀرپور شرڪت ڪئي، پر ڌرڻي تي ويٺل هزارين ماڻهن کي ٽئي ويلا کاڌو کارائڻ، رهائش، پاڻي، شربت دوائن ۽ هنڌ بسترن تائين خدمت ڪري مهمان نوازيءَ جو وڏو مثال قائم ڪيو آهي نه رڳو ايترو، پر گاڏين ۾ ڦاٿل مسافرن جي چڱي پرگهور لهڻ پڻ پنهنجي ذمي کنئي اٿائون جيڪو سنڌ جي مهمان نوازيءَ جو اعليٰ مثال آهي. هن تحريڪ کي اتساهه بخشيندڙ سنڌ جا وڪيل خوش نصيب چئبا جن سنڌ جي قومي اشو لاءِ جرئت ڀريو قدم کنيو ۽ پرعزم جوش ۽ جذبي سان وک وڌائي ته کين ڀرپور موٽ ملي. هونئن ته سنڌ جي قومي مسئلن تي ڪڏهن ڪا قومپرست جماعت آواز اٿاريندي آهي ته ڪڏهن ڪا پارٽي اڪيلي سر دانهون ڪوڪون ڪري خاموش ٿي ويندي آهي، پر وڪيلن جو هي آواز ايترو ته سگهارو بڻجي ويو جو سڀئي پارٽيون هيٺ ٿي ويون، ڇو ته هي قانون جا محافظ ۽ قومي ڪاز جا سرواڻ هئا انهن ڄاتو ته سنڌ هن وقت وڏي مصيبت ۾ ڦاٿل آهي. هڪ طرف سنڌ جا وسيلا ڪوئلي، گئس، تيل ۽ جبلن تي ڌاريا قابض هئا ته ٻئي طرف ٽول ٽيڪس ۽ ڪراچي بندرگاھ جي آمدني کان وٺي سنڌ جا سمورا وسيلا غصب ڪري سنڌي ماڻهن کي غربت، بک، بدحالي، بيروزگاري، تعليم ۽ صحت جون اڻ پوريون سهولتون ڏئي مٿن احسان جتايو پئي ويو.
جڏهن ته ملڪ جي 70 سيڪڙو آمدني سنڌ مان کڻن ٿا، ان هوندي به سندن گهربل ضرورتون پوريون نه پيون ٿين. اهي سڀ معاملا هڪ پاسي رکندي سنڌ جي پاڻيءَ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪو سنڌ جي جياپي جو واحد وسيلو آهي. سامراج جي ان ظلم نيٺ سنڌي قوم کي جاڳائي وڌو آھي ۽ سڀ جماعتون هڪ ايجنڊا تي هڪ ٿي ويون آهن. ڇو ته سنڌو درياءَ سنڌي قوم جي بقا جو ضامن آھي ۽ سنڌ جي وجود جو مسئلو آھي. هڪ ڀيري امير ڀنڀري لکيو ته: “سنڌ جي برباديءَ جو الزام گهڻو ڪري نااهل ۽ بدعنوان حڪمرانن تي مڙهيو وڃي ٿو، جن کي سنڌي عوام نچي ڪُڏي ووٽ ڏئي ٿو. قومپرست پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ شڪايت ڪن ٿا ته سنڌي بي قدري ۽ احسان فراموش قوم آهي، جيڪا انهن جي قربانين جو قدر نٿي ڪري، پر هي مسئلو گھڻو پيچيده آهي. سنڌ، جاگرافيائي طور مختلف علائقن ۾ ورهايل هجڻ سان گڏ سماجي ۽ سياسي طور به ورهايل آهي. ان ورهاست تي رياستي سازشون، ڌاري آباديءَ جو دٻاءُ، اقتدار تي قابض گروهن جو اثر، بيوروڪريسي، عدليه، ميڊيا ۽ ڪاروباري اجارا دارين جو تسلط، سنڌ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. ڇو ته سنڌ جي سياست شروع کان ٻن بنيادي حصن ۾ ورهايل آهي. (1) ووٽ واري سياست: جيڪا اسيمبليءَ ۾ شامل ٿيڻ ۽ اقتدار جو حصو بنجڻ جي خواهش رکي ٿي. (2) احتجاج واري سياست: جيڪا رستن تي نڪرڻ، مزاحمت ڪرڻ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ تحريڪ هلائڻ تي يقين رکي ٿي.
ٻنهي ڌرين جو بنيادي مقصد سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي هجڻ گھرجي، پر طريقيڪار ۾ فرق هجڻ سبب سياسي ميدان ۾ ورهاست شديد ٿي وئي آهي. ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جي آزادي واري نظريي جا پوئلڳ به موجود آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته اسيمبلي ۽ احتجاج جي سياست مان سنڌ لاءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، پر سنڌ جي مڪمل آزاديءَ سان ئي سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. اڄ سنڌي ماڻهوءَ کي قومي آزاديءَ کان اڳ بنيادي حقن جي شديد ضرورت آهي. سنڌ ۾ ماڻهو تعليم، صحت، روزگار، امن، صاف پاڻي، پوليس ۽ وڏيري جي ظلمن کان بچاءُ، بجلي، گئس، روڊ ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. جڏهن ڪو فوجي حڪمران به ٿورو به رليف ڏئي ٿو ته سنڌي عوام ان جي تعريف ڪري ٿو، ڇو ته ماڻهو رڳو تقريرن تي نه، پر عملي ڪم تي ويساهه رکندا آهن. سوال هيءُ به آهي ته سنڌي عوام موجوده سياستدانن مان بيزار ڇو آهي؟ آخر ڇا سبب آهي جو سنڌي ماڻهو، جيڪي قومپرستيءَ ۾ ايترو اڳتي آهن، اُهي به پنهنجي قيادت مان مطمئن نه آهن؟ اها ڳڻتي يقينن سنڌ جي سمورن سياستدانن، سياسي ڪارڪنن، باشعور طبقي ۽ دانشورن لاءِ سوچڻ جوڳو سوال آهي.
هڪ وڏي ويچار جوڳي ڳالهه آهي ته جڏهن سڀ سياستدان، اديب، دانشور، شاعر ۽ سول سوسائٽي سنڌ جي بقا جي ڳالهه ڪن ٿا ته پوءِ اختلاف آخر ڪهڙي ڳالهه تي آهن؟ جيڪڏهن سڀني کي سنڌ جي سلامتي عزيز آهي ته پوءِ سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڇو نٿا ٿين؟ هر سياسي پارٽي مان نئين پارٽي، هر اداري مان نوان گروپ ۽ هر تحريڪ مان نوان ڌڙا ڇو جنم وٺن ٿا؟ هن سڄي انتشار جي پويان اصل ۾ ذاتي مفاد، عهدي ۽ قيادت جي لالچ، اقتدار جي خواهش ۽ نظرياتي تسلط جي جنگ آهي. ننڍن ننڍن اختلافن کي وڏو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، عهدي ۽ مڃتا جي سياست هلي رهي آهي، فتوائون ۽ الزام تراشيون عام آهن. سياست ۽ ادب کي ذاتي ايجنڊائن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. سنڌ جو سياستدان توڙي دانشور اڃان تائين ذاتي انا، ضد، حسد ۽ بغض ۾ وڪوڙيل آهي. سياست ۾ عدم برداشت، غير جمهوري رويا، ذميواريءَ جو فقدان، قيادت جي ناڪامي، ۽ متبادل قيادت پيدا ڪرڻ ۾ نااهلي وڏا مسئلا بڻجي چڪا آهن. هر اڳواڻ پنهنجو پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهي ٿو ۽ ٻين تي شڪ شبها ڪري ٿو. هيءَ روش صرف انتشار پيدا ڪري ٿي. هاڻ جڏهن سنڌ جو عوام پنهنجي قيادت کان بيزار ٿي رهيو آهي ته سياسي اڳواڻن ۽ باشعور طبقي کي هاڻ سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻو پوندو. سنڌ جي سمورين قومپرست، جمهوري، روشن خيال ۽ ترقي پسند ڌرين کي گڏجي هڪ نئين سياسي حڪمت عملي جوڙي، عملي قدم کڻڻا پوندا، جنهن جا سبق وڪيل اڳواڻن اسان کي سيکاريا آهن. جيڪڏهن انهن تي عمل ڪيوسين ته رڳو سنڌو درياءَ نه پر سنڌ جي چپي چپي جي حفاظت ڪري وٺنداسين، پوءِ اهو پاڻيءَ جو بحران هجي، ڌارين جي آبادڪاري، تعليم، صحت ۽ روزگار جا مسئلا هجن. هن وقت سنڌ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ قومي ٻَڌي ناگزير آهي. جيڪڏهن اسين اڃان به گڏ نه ٿياسين ته پوءِ ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندو. ياد رکو ته پ پ نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجو روايتي منافقي وارو ڪردار ڪڏهن به ڪونه ڇڏيندا.