ادبنئون

”هائپرسومنيا“
ناول-باب چوٿون

چانھه پيئڻ کان پوءِ، عبدالرحيم ٻاھر لائونج ۾ نڪري آيو ۽ صبح واريون اخبارون کڻي آرام ڪرسيءَ تي ويھي پڙھڻ لڳو ھو.
ھڪ خبر سندس دل دھلائي ڇڏي ھئي، ھن اھا خبر ٽي چار ڀيرا ورائي ورائي پڙھي، ھو ڪا دير انھيءَ خبر سان گڏ لڳل تصوير کي ڏسندو رھيو ھو… پوءِ ھن اخبار جو اھو صفحو پاڻ سان کنيو ۽ اندر ڪمري ۾ ھليو ويو ھو.
ھن الماڙيءَ مان فوٽن جا البم ڪڍيا، انيڪ فوٽن ۾ کيس ان ماڻھوءَ جا فوٽو ڳولڻا ھئا، جنھن جو فوٽو ان ڏينھن جي اخبار ۾ شايع ٿيو ھو. فوٽو اٿلائيندي، جڏھن سندس نظر پيءُ جي فوٽوءَ تي پئي ته، ھيڪر سندس ھٿ رڪجي ويو ھو… ڪا دير سندس اکيون انھيءَ فوٽوءَ ۾ اٽڪيل رھجي ويون ھيون… اکين جي انھيءَ اٽڪڻ جي احساس سندس اکين مان ڳوڙھا ڳاڙي ڇڏيا ھئا، ھن پنھنجي پيءَ سان وقت نه گذارڻ تي روئي ڏنو ھو. نيٺ کيس اھي فوٽو ملي ويا ھئا، جن کي ڳولڻ چاھيو ھئائين.
ھو فوٽو ڏسي رھيو ھو ۽ يادگيرين جي آيل طوفاني مينھن ۾ ڀڄي رھيو ھو ته، ماريه ڪاليج کان واپس اچي وئي ھئي. ٿوري ئي دير آرام ڪرڻ کان پوءِ ماريه بورچي خاني ۾ ماني ٺاھڻ ھلي وئي ھئي… ۽ عبدالرحيم پراڻن فوٽن جي البمن کي ڏسندي، پنھنجي ان دوست سان گذاريل وقت کي ياد ڪري رھيو ھو، جيڪو ساڻس يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙھيو ھو… ڊگري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ھو ھڪ ٻئي کي وساري ويٺا ھئا… ھڪ وڏو سياسي اڳواڻ ٿي ويو ھو ۽ ٻيو داخليت جي الاءَ جي تئه کان پاڻ بچائڻ لاءِ پنھنجي زندگيءَ جي ٻيلي ۾ فرار ٿي ويو ھو.
عبدالرحيم خبر پڙھڻ سان جھڙوڪر سن ٿي ويو ھو… ۽ پوءِ ڪجهه ڏينھن اداس رھيو ھو… سندس اداس رھڻ کي ماريه محسوس ڪري ورتو ھو، جنھن کائنس ٻه ٽي ڀيرا پڇيو ھو: ”ڪھڙي ڳالھه آھي؟ ڇا ٿيو آھي!؟ ڇو چپ چپ آھين!؟“ ھن پنھنجي زال کي اصل وجھه نه ٻڌائي، کيس ٻڌايائين ته: ”پراڻا فوٽو پئي ڏٺم سو، ابو ۽ امڙ ياد آيا آھن، انھن جي ياد اچڻ سان ئي ماضيءَ پنھنجي قيد ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي!“
ماريه سندس ڳالھه تي اعتبار ڪيو ته، کيس ڪوڙ ڳالھائڻ تي پڇتاءُ ٿيو… ھن سوچيو: مون کي ماريه سان سچي ڳالھه ڪري ڇڏڻ گهرجي!؟ نه، ڳالھه نه ڪرڻ گهرجيم… ھو ڪو به فيصلو ڪري نه پئي سگهيو… ڪيئي ڪلاڪ ھو انھيءَ فيصلي نه ڪري سگهڻ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رھيو ھو… پر پوءِ به ھو خاموش رھيو ھو… انھيءَ خاموشيءَ ۾ به ان سوال جو جواب نه ھو ته، آخر ھن ماريه کان اصل ڳالھه لڪائي ڇو ھئي!؟
ٻپھريءَ جو آسمان ۾ ڇڊا بادل ظاھر ٿيا… ۽ پوءِ ڪلاڪ اڌ جي وقت اندر ھوائن ۾ تحليل ٿي ويا… ”ھن سڄي ھفتي ۾ رڳي جهڙ ئي ٿيو آھي، بارش نه وسي آھي، اڄ وسڻ گهرجي!“ ھن ماني کائيندي ماريه جو آواز ٻڌو. جملي ٻڌڻ سان ئي ھن ڇرڪ ڀريو… ۽ سوچ جي ھڪ تيزابي لھر سندس دماغ ۾ جنم ورتو ھو: ”ھيءَ عورت منھنجو موت چاھي ٿي ڇا!؟“ انھيءَ سوچ سان سندس چھري تي ھلڪي ناگواريت ظاھر ٿي، جنھن کي ھڪدم لڪائي ورتو ھئائين.
ماريه محسوس ڪيو ته، ھن سندس ڳالھه جو ڪو به جواب ناھي ڏنو ۽ ھو بارش وسڻ جي ڳالھه ٻڌڻ سان ئي گم ٿي ويو آھي ته، کيس پيار مان سڏيائين: ”عبدالرحيمَ!“ سندس آواز تي ان تيزابي لھر کان پوءِ سوچ جي ٻي ڪا به لھر ڪناري نه آئي ۽ عبدالرحيم پاڻ ڪناري اچي ويو ھو، ھن ھوش سنڀاليو ۽ کيس مسڪرائي ڏٺائين.
ماني کائڻ کان پوءِ، ماريه آرام ڪرڻ جي لاءِ ڪمري ۾ ليٽي پئي ھئي… ۽ عبدالرحيم ڊرائيور سان گڏ ٻاھر نڪري ويو ھو. ھن جو خيال ھو ته، دل تي چڙھي آيل اداسيءَ ۽ ڏک جو ڌنڌ ٻاھر جي دنيا کي ڏسڻ سان لھي ويندو آھي… سو ھن دلڪش موسم ۾ شھر جي انھن منظرن کي ڏسڻ چاھيو ھو، جن کي ھاڻي ڪڏھن ڪڏھن ڏسي سگهندو ھو، پنھنجي گذري ويل زندگيءَ ۾ ھن لاءِ پنھنجو شھر ۽ عورت جو بدن بي پناھه ڇڪ رکندا ھئا.
سندن گهر شھر جي ڳتيل آباديءَ کان ڪجهه پرڀرو ھڪ خوبصورت ھائوسنگ سوسائٽيءَ جي آخري گهٽيءَ ۾ ھو… بلڪه انھيءَ گهٽيءَ ۾ سندن گهر ئي آخري ھو. ھنن اھو گهر انھيءَ لاءِ خريد ڪيو ھو جو ھڪ ته انھيءَ پاسي ماڻھن جي اچ وڃ گهٽ ھئي ۽ ٻيو ته، انھيءَ جي ديوار کان ٻاھرين پاسي زمينون آباد ھيون… عبدالرحيم ڳوٺ سان تعلق رکندڙ ھو، جنھن ڪري زمين ۽ فطرت سان سندس دلي لڳاءُ ھو… کيس زمين ماءُ جيان ۽ فطرت محبوبه جيان لڳندي ھئي.
جڏھن ھو پنھنجون زمينون ڇڏي، شھر ۾ اچي رھڻ لڳو ھو ته، ڪجهه مھينن ۾ سندس ماءُ مري وئي ھئي… ۽ پوءِ فطرت کان به ڪٽجي ويو ھو… پر ماريه منجهان کيس اھو سارو سڪون ملندو ھو، جيڪا سندس خوابيده زندگيءَ جي آخري گهرج ھئي.
عبدالرحيمَ مبھم خيال ھيٺ پنھنجي ڊرائيور کان پڇيو: ”ان ڏينھن پارٽيءَ ۾ تو منيزه ڏٺي ھئي؟“
ڊرائيور کيس وراڻيو: ”نه صاحب!“ ۽ سوچڻ لڳو ھو ته، مون کان ڇو پيو پڇي، ٻي ساعت ۾ وراڻيائينس: ”مان ٻاھر پارڪنگ ۾ ئي ھئس، پارٽيءَ ۾ نه آيو ھئس.“
عبدالرحيم سندس جواب ٻڌي خاموش ٿي ويو ھو، ۽ ٻي پل ئي انھيءَ خاموشيءَ مان نڪري ساڻس شھر متعلق ڳالھائڻ لڳو ھو، ھنن جي ڳالھين ۾ مقامي ماڻھن جو تيزيءَ سان اقليت ۾ بدلجڻ ھو، ”مون کي افسوس آھي ته، پاڻ ھاڻي پنھنجي شناخت وڃائي رھيا آھيون!“ ھڪ پل ترسي وري چيائينس: ”اسان جي شھر ۾ ئي ڪير اسان جي ٻولي سمجهڻ لاءِ تيار ناھي!!!“ جنھن وقت ٻئي خاموش ٿيا ته، عبدالرحيم پنھنجي پاڻ کان سوال پڇيو: ”مان آخر ڊرائيور کان منيزه جو ڇو پيو پڇان!؟“
شام جو پکين کي داڻو ڏيندي کيس ياد آيو ته، ھن ڊرائيور کان منيزه جو انھيءَ ڪري پئي پڇيو ته: جيئن کيس خبر پئي ھا ته، ان ڏينھن کيس ساڙھي پاتل ھئي يا نه! ”… پر اھو ھن کان ڇو پئي پڇيم، اھو ته، مون کي ياد ڪرڻ گهرجي.“ ھن پنھنجو پاڻ کي چيو، پوءِ ھو ياد ڪرڻ لڳو ھو ته، ان ڏينھن پارٽيءَ ۾ منيزه کي ڇا پاتل ھو. گهڻي ڪوشش جي باوجود به کيس ياد نه آيو ته، ھن پنھنجي پاڻ تي حيرت کاڌي، ”افسوس آھي، گذريل ھفتي جي ڳالھه آھي… نه بلڪه ٽن ڏينھن جي ڳالھه آھي… سا به مون کان وسري وئي آ؟“ ھن پنھنجو پاڻ کي چيو.
اھڙن خيالن ۾ سندس ھٿ بيھي ويو ھو، پکي ڇت جي فرش تان داڻو چڳي چڪا ھئا… ھن پاڻ کي ھوش ۾ آڻيندي پکين کي داڻو ڏيڻ شروع ڪيو… ”آ… آ… آ…“
اوچتو ئي ”آ…آ… آ…“ جو ھڪ رڌم سان آواز ڪڍندي کيس ياد آيو ته، ھو منيزه جي پارٽيءَ جي ڪپڙن کي انھيءَ لاءِ ياد ڪري رھيو آھي ته: جيئن ھو خواب ۾ سندس لٿل ساڙھيءَ سان ڀيٽ ڪري سگهي، سندس اھڙي ڪوشش کل جھڙي ھئي.
***